Tuesday, February 19, 2013

اُهو ڪجي، جو مينهَن وَسندي ڪم اچي. پروفيسر مدد علي جهتيال


اُهو ڪجي، جو مينهَن وَسندي ڪم اچي.
پروفيسر مدد علي جهتيال/ قاسم آباد (حيدرآباد)
مون هڪ شخص کان سوال ڪيو؛ ”چاچا! اوهان جي هن وقت عمر ڪيتري ٿيندي؟“
جواب ڏنائين؛ ”۵۰ يا ۵۵ سال هوندي.“
وري مون سوال ڪيومانس؛ ”۵۰ يا ۵۵ سالن جي عمر ۾، اوهان پاڻ لاءِ، پنهنجي اولاد لاءِ ۽ هن سماج لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“
سندس جواب هو؛ ”آئون ڇا ڪيان؟ مون کي والدين نه پڙهايو ۽ نه ئي ڪو هُنر سيکاريو. هاڻي آئون ريڙهو هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليان پيو.“

Monday, February 18, 2013

موڳيون مُرليون، جوڳي ڄَٽَ - حسام ميمڻ


موڳيون مُرليون، جوڳي ڄَٽَ
ٻولي ڏهاڙي تي لکيل اداريو

حسام ميمڻ
پهاڪو، چوڻي، ڳجهارت، محاورو، اصطلاح، ترڪيب ۽ ورجيس، هي سڀ ٻوليءَ جي سونهن آهن، پر انهن شين تي سوچڻ وارا تمام گهٽ آهن. ياد ٿو پويم ته سنڌ ۾ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جن انهن تي ڏينهن رات سوچيو، لوچيو، لکيو ۽ پوءِ سهيڙي ڪجهه ڪتاب يا ڪتابڙا ڇپرايا، نه ته اسان وٽ ته بنهه ڀينگ هجي ها، جي اسان وٽ مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، عبد الڪريم سنديلو، مرليڌر جيٽلي، ڪاڪو ڀيرو مل، نبي بخش بلوچ ۽ جديد دور ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو، خالد ڀٽي، نقش ناياب منگي، عزيز ڪنگراڻي ۽ اهڙا ڪجهه ٻيا ملوڪ ماڻهو پيدا نه ٿين ها ته پوءِ سوچيو ته اسانجو ته جُهڳو ئي جهڻ هجي ها نه!

Wednesday, February 13, 2013

”اڪ جي ماکي“ جو اصطلاح استعمال ڪٿي ڪجي؟ - نويد ناز اڄڻ

”اڪ جي ماکي“ جو اصطلاح استعمال ڪٿي ڪجي؟
نويد ناز اڄڻ/کهڙا
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاح جو هجڻ، ان ٻوليءَ جو سينگار هوندو آهي. اصطلاحن ذريعي، وسيع معنيٰ کي، مُختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. اصطلاح ڪنهن به ٻوليءَ جو هجي، ان جي ايجاد جي پٺيان ڪو نه ڪو واقعو ضرور هوندو آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود اصطلاحن پٺيان به ڪا نه ڪا تاريخ آهي، جن جي بنياد تي اهي اصطلاح جڙيا.
انهن مان ٻن اصطلاحن جي وضاحت ڪجي ٿي.
انگريزي ٻوليءَ جو هڪ مشهور اصطلاح آهي؛ (An Apple of discord) جنهن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ اسان، ”تڪرار جي نشاني“ ڪڍي سگهون ٿا. (جھيڙي جي پاڙ يا تنازعي جو سبب به آھن- مرتب)
هن اصطلاح جي ٺهڻ لاءِ، انگريزي گرامر جي ڪتابن ۾ هيئن اچي ٿو ته؛ ’برطانيا جي راڻيءَ جڏهن شاديءَ جو اعلان ڪيو ته، هزارين ماڻهو ان سان شاديءَ جا طَلبگار ٿيا. هاڻي راڻيءَ سان مسئلو پيدا ٿيو ته، هيڏن سارن ماڻهن مان آخر ڪهڙي خوشنصيب سان هو شادي ڪري؟ ان ڪري هن اعلان ڪيو ته؛ هوءَ هڪ صوف اُڇلائيندي، جنهن اهو صوف کنيو، اهو سندس جيون ساٿي ٿيندو. جڏهن صوف اڇلايو ويو ته، هر هڪ صوف کڻڻ لاءِ ڀڄڻ لڳو. ائين صوف ماڻهن جي پيرن ۾ اچي ڦِسي پيو ۽ ماڻهو هڪٻئي سان وڙهڻ لڳا. ائين هي اصطلاح (An Apple of discord) يعني تڪرار جي نشاني جڙيو.

Friday, February 8, 2013

آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي - ماڪن شاهه رضوي

آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي
ماڪن شاهه رضوي
ٻيلي! هي جيڪو پاڻ وارو زمانو پيو هلي، ان کي ڏاها، تو پارا اڪابر چون ٿا ته؛ هي صفا نئون زمانو آهي. پل پل جي خبر گهر ويٺي پوي پئي؛ فوٽو وارو ريڊيو، چُوندين، هي ڪاڳرن جون ڇپيل اخبارون چُوندين. اڃان به ڪا فوٽو واري ريڊئي جهڙي ٻي بلا آهي؛ جيڪا ٿئي، ٿيندي جي خبر پئي ڏئي. انهن سڀني گڏجي اسان پارن جي دماغ کي ڦيري ڏئي ڇڏي آهي، رڳو چڱن مَٺن جا حال حوال ڪو نه ٿا ٻڌون. ڪي وري صفا بتال همراهه به جيڪي ڦُوڪون ڏيو ڇڏين، اُهي به بَر وقت پاڻ تائين پڄيو وڃن ۽ ڪنن تي تاڪَ چاڙهيو ڇڏين. هاڻي وري بِنهه نئين نڪور خبر ٻڌي اٿئون، ته ڪو انگريزي نالي وارو  جٿو آهي، نينگرن پئي ٻڌايو ته ’پاڪستان فارمرز الائينس،‘ اهو آهي ڇا؟ اها ته پاڻ کي ڪَل ڪانهي، پر اُنهيءَ وري ڦُوڪ ڏني، ته ’ڪاري باغ‘ جي مخالفت ۾ڳالهائڻ وارا سڀ هندستان جا مُلهه خريد آهن. اُتان انهن کي ڏوڪڙ پيا ملن ۽ وري پير ٻڌي ڪوڙ هنيائون ته سؤ مان پنجاسي پتي رڳو پاڻ وارو پنجاب ٿو ڪمائي ڏئي.

Wednesday, February 6, 2013

شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون - نورالدين سرڪي


شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون
نورالدين سرڪي
الف
1.      آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
2.      آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.
3.      آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.
4.      آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.
5.      آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.
6.      آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.
7.      آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.
8.      آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.
9.      آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.
10. آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ.
11. آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
12. آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
13. آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.
14. آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.
15. آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
16. آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.
17. آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.
18. اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
19. اُتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيکلي آهيان.
20. اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار.
21. اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا.
22. اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
23. اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ.
24. اصل عاشق پنهنجي، سسي نه سانڍين.
25. اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم.
26. اکِ اشهد چاءِ، ته مُسلماني ماڻئين.
27. اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.
28. اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
29. اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
30. اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون وري ڍڪيان.
31. اکين آگم لائيا، ڪر مندائتا مينهن.
32. اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون.
33. اکين مَلَڪَ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.
34. اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سُجودُ.
35. اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
36. اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
37. اکيون ميگھ ملار، صورت تنهنجي سَڀُ جڳ موهيو.
38. اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.
39. اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
40. الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي.
41. الا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾.
42. الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
43. الا! کر جين، مَدي جن جي مَنَ ۾.
44. الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.
45. الله سي ئي آڻ، جن ساءُ چکايم سِڪَ جو.
46. املھ آڇ مَ اُن کي، جي نه پُروڙن مَٺُ.
47. امڙ اوري اچ، ته سِٽ سُڻايئين سور جي.
48. اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين.
49. اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.
50. اندرَ جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون.
51. اندرَ ۾ امل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي.
52. اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
53. اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
54. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
55. اندر ريلا رَتُ، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
56. انگن چڙهيو آءُ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
57. انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئيين.
58. اوجهڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ڇَڏيون.
59. اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وَھ وچ ۾!
60. اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي.
61. او ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري ان سين.
62. اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ.
63. اوڳڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام.
64. اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.
65. اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
66. اِي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري.
67. ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اِينءَ.
68. اُڀُر چنڊ! پَسُ پرين، تو اوڏا، مون ڏُور.
69. اڃا ڪي آهينِ، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.
70. اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
71. اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.
72. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
73. اُڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
74. اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.
75. اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي.
76. اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾.
77. اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.