Thursday, April 13, 2017

ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان؟ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان؟
ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
چوڻيون، اصطلاح ۽ پهاڪا قومن جي تاريخ کانسواءِ، سندن نظرياتي بيهڪ ۽ رخن تي به روشني وجهندا آهن. چوندا آهيون ته ”رٺا ئي رهن، پر هجين حياتي.“ ڪيڏا نه سندر لفظ آهن ۽ اسان جي جذبن جي ڪيڏي نه سهڻي ترجماني ڪن ٿا. پر هنن لفظن ٻڌڻ سان نفسيات جي ماهرن جي اکين ۾ اوس ئي ڳوڙها اچي ويندا ۽ سمجهي ويندو ته هن قوم کي رسڻ کانسواءِ ٻيو ڪم اچي ئي ڪو نه ٿو. حقيقت به اها ئي آهي. رسامن اسان جي خوشين لاءِ رانوڻ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. مثال طور ٻارن جو طوهر ڪرايو يا شادي پر گهربل سامان وٺڻ کان اڳ رٺل مائٽ پرچائڻا پوندا. بس پٽڪي ميڙ هوندي، نياڻيون پيون رلائبيون. ڪو پرچندو ته ڪو رٺو ئي رهندو، ڀت ڪيو يا خيرات ڪريو، پوءِ ويهي ڏسو ته پاٽڙن مٿان پاٽڙا ڪيئن ٿا ڀڄن، ٽٽن. عيد ٿيندي ته اها همت ئي ڪا نه ٿيندي ته ڪنهن رٺل مائٽ يا يار جي در تي وڃي عيد مبارڪ ڏجي. ماڻهو منهن پٽائڻ بدران نماز پڙهي، چپ چاپ وڃي پنهنجي گهر پهچندو.

Saturday, March 4, 2017

پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

پھاڪي ۽ چوڻيءَ جي فرق جو تنقيدي اڀياس
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزنTerms  جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي. جن ۾ پهاڪو، چوڻي، اصطلاح، محاورو، ورجيس، ۽ کوڙ ساٿرا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل، تجنيسون يا صنعتون وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف پهاڪي، چوڻيءَ، اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس تي مبني آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي هنن اصطلاحن جي اکيڙ جو اهم مقصد انهن جي درست رخ کي سمجھڻ ۽ انهن جو درست استعمال ڪرڻ به آهي. ان جي ضرورت ان لاءِ به محسوس ڪئي وڃي ٿي ته اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن وٽ انهن اصطلاحن جي ڪا واضح وصف موجود ڪونهي يا ڪي متعين ڪيل وصفن سان سهمت ڪونهن يا وري ڪي ٻيا سبب هجن!

Wednesday, January 4, 2017

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو - ادل سولنگي


لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

ادل سولنگي

سنڌي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ پيٺل رهيون آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا، تاريخ جي هر دور ۾ باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪونتل ڪڏايا آهن ۽ پنهنجن گفتن سان ڪچهرين ۾ رنگ ڀري کين رس دار بڻايو آهي، ٻهگڻن جا اهي ٻول حقيقتن جو آئينو آهن، ٻوليءَ جي وينجهارن جا ٻَڌل اهي ٻول  صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي صدين جو سفر ڪري سيني به سيني لوڪن تائين پهچندا رهيا آهن، ڪتاب ”لوڪ ادب“ جو جائزو جيڪو اسان جي عالم، اسڪالر، اديب، دانشور سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق آهي، اچو ته ”لوڪ ادب“ جي صنفن بابت ڪجهه ڄاڻون.

Friday, December 16, 2016

سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو - ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

اڄ سڄيءَ سنڌ ۾ سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو پھريون ڀيرو ملهايو پيو وڃي. اِن سلسلي ۾ مُختلف تقريبون رِٿيون ويون آهن. اِنهن تقريبن ۽ اڄوڪي ڏينھن بابت مُختصر تفصيل هِتي پيش ڪجن ٿا. هِن ڏينھن ملهائڻ جو وڏو سبب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب ۾ ڪيل خذمتن کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب جي لاوارثي ختم ڪرڻ، اهميت اُجاڳر ڪرائڻ ۽ اِن کي ترقي ڏيارڻ وغيرهه آهي.

Saturday, December 3, 2016

جيڪي بيمارن جي ور چڙھيا، سي دوا ٿي ويا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جيڪي بيمارن جي ور چڙھيا، سي دوا ٿي ويا

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هڪڙو گدڙ، هڪڙي هاريءَ جي ڪمند جي پوک جو، ڏيھاڙي زيان ڪري ويندو هو. هاري به منجھانئس ڏاڍو اچي ڪڪ ٿيو. بيزار ٿي، پوک ۾ ڪوڙڪي لڳائي ڇڏيائين. گدڙ کي به کـُـٽيءَ کنيو، سو اچي اُتان لانگهائو ٿيو. اڃا ڪوڙڪيءَ مٿان پير رکيائين مس ته قابو ٿي پيو. ڦاسڻ لاءِ ته ڦاسي پيو، پر سر بچائڻ لاءِ اُپاءَ پڻ سوچڻ لڳو. آخر ٽَلَ سوچيائين؛ ”جنهن وقت هاري ايندو، اُن وقت دَت هڻي پئجي رهندس. ھاري، مئل سمجهي ڇڏي ڏيندو ۽ جان بچي پوندي.“

Sunday, October 9, 2016

لڙڪ نه لکڻ ڏين - ج ع منگهاڻي

لڙڪ نه لکڻ ڏين ...
ج ع منگهاڻي
سنڌ جي سورن جا طويل داستان اورڻ لاءِ وڏيون همٿون کپن، اهڙي دل کپي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ شاڪ پروف ته ضرور هجي، جيڪا لاشڪ ته مون وٽ ڪانهي، سو مُٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ.
شڪر آهي ڌڻيءَ جو  جنهن لطيف رح ڏانهن مهاڙ ڏيئي ڇڏي اٿم جنهن ۾ ونڌري_ جيئري آهيان.
سنڌ جي سورن جا ذميدار ڪير آهن؟ ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي هر ڪو ڄاڻي سمجهي ٿو؛ ”نڪ ۾ گراهه ڪير به نه هڻي.“
(سنڌ پهاڪو)

Wednesday, September 14, 2016

بادشاھيءَ جي قيمت - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بادشاھيءَ جي قيمت، ھڪ مانيءَ کان مٿي ناھي. (تواريخي، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سنڌ جي سخي حاڪم ڄام نندي وٽ، هڪ فقير اچي صدا هنئي؛ فقط هڪ مانيءَ جو سوال آهي!“
ڄام چيس؛ ماني معمولي شيءِ آهي. تون ڪا وڏي شيءِ گُهر.
فقير جواب ڏنس؛ اي سخي مرد! اسين فقير، هر ماڻهوءَ آڏو، سندس اوقات موجب صدا ھڻندا آهيون. اوهان جي سگهه ئي هڪ مانيءَ جيتري آهي، آ ان کان وڌيڪ ڇا گهران؟!“