Showing posts with label پهاڪن جي پاڙ، وچٿري نظر، پروفيسر، نذير، احمد، سومرو، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيس،. Show all posts
Showing posts with label پهاڪن جي پاڙ، وچٿري نظر، پروفيسر، نذير، احمد، سومرو، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيس،. Show all posts

Tuesday, November 1, 2011

“پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر - پروفيسر نذير احمد سومرو


پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر
پروفيسر نذير احمد سومرو

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي مان جن اديبن پنهنجي لکڻين جي ذريعي نالو ڪمايو، منجهن هڪ نالو عبدالڪريم سنديلي مرحوم جو به آهي. مرحوم عبدالڪريم سنديلو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ تعلقي لب دريا (هاڻي ڏوڪري) جي هڪ واهڻ محراب سنديلي ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي پرائمري ماستر ۽ پوءِ سنڌي پرائمري استادن جي تربيتي اداري ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچر ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ڪندي پروفيسر (ايسوسيئيٽ) جي عهدي تي پهتو، جتان رٽائر ڪيائين. ڪجهه وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال به ٿي رهيو. سنديلي صاحب کوڙ سارا ڪتاب به لکيا جن ۾ تحقيق لغات سنڌي، ڏهس نامو ۽ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو قابل ذڪر آهن. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” سندس پي ايڇ ڊي جو شايد موضوع به هو. سندس پي ايڇ ڊي جو نگران برصغير تائين شهرت رکندڙ عالم دين، اديب ۽ ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب هئا. سنديلي مرحوم جو هڪ ڪتاب “پهاڪن جي پاڙ” نالي سان آهي. جيڪو هن 1966ع ۾ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپرايو هو. هن ڪتاب تي سنڌ جي ٻن وڏين هستين جهڙوڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مخدوم طالب مولى جا رايا پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سڀ کان پهريون دفعو 1966ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاڪستان (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس مان ڇپيو هو. جنهن جو مالڪ لاڙڪاڻي جو هڪ صحافي محمد خان شيخ هو.