ورجيسون
پسمنظر ۽ ڪارج
پسمنظر ۽ ڪارج
انجنيئر عبدالوهاب
سهتو
ٻولي/ زبان، خيالن جي اظهار جو ذريعو آهي. منجهس جيترا
لفظ، مفهوم جي لحاظ کان عام / مشهور هوندا، اوتروئي اها سليس هوندي ۽ اوتروئي
منجهس سمايل علوم، سمجهڻ ۾ سولا ٿيندا ويندا. بلڪل آسان ۽ ٻاراڻي زبان به پنهنجو
وجود برقرار رکي نه سگهندي آهي. ان ڪري هر سڌريل/ سڌرندڙ ٻوليءَ لاءِ لازم آهي ته
منجهس، وقت جي تقاضائن/ گهرجن آهر نوان، اڻ ٻڌل لفظ جڙندا / ملندا رهن. نون
اصطلاحن جي وڌڻ سان، ٻوليءَ ۾ ترقي/ واڌارو ٿئي ٿو. ٻولي شاهوڪار ٿئي ٿي.
شاهوڪاريءَ سبب، برقرار به رهي ٿي ۽ سندس ڳالهائيندڙن جي تعداد ۾ واڌ به اچي ٿي.
مٿي بيان ڪيل سموريون خوبيون/ صفتون، سنڌي زبان ۾ موجود
آهن. منجهس وڌڻ، نون اصطلاحن هضم ڪرڻ يا کين پنهنجو بنائڻ جي به وڏي صلاحيت موجود
آهي. انهيءَ واڌاري ۾ روز نوان اصطلاح ۽ ورجيسون جڙي شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٻوليءَ
جو جُز بنجي، کيس سينگاريندا به رهن ٿا.
