ڪوھستانيءَ جا ڪجھ ٻولَ
سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني
لھجي جي مِٺي ٻوليءَ جا ٻولَ!
سنڌو سنڌي
سنڌي ٻوليءَ جو ڪوھستاني
لَھجو لفظن جي ذخيري ۾ وڏو شاھوڪار لھجو آھي، جنھن ۾ مختلف لفظ ملن ٿا. جن ۾ رُکا،
تِکا، ڪَڙا، کارا ۽ ڪَڙَڪ لفظ ملڻ سان گڏ ڪجھ پيارا مٺڙا لفظ به ملن ٿا، جن کي ھن
پَٽ ۾ ”مِٺي ٻولي“ چون ٿا. اھو ئي سبب آھي ته ڪوھستاني ماروئڙن جي سنڌي ٻولي ڳالھائڻ
جي انداز ۽ لفظن جي مِٺاس ھن تَر ۾ ڏاڍي مشھور آھي. مونکي به مائٽن اھا سُتي ڏني،
جنھن ڪري آئون سدائين سنڌ توڙي پنجاب گھمندي، سنڌي ٻولي ئي ڳالھائيندي آھيان، جنھن
۾ ٻين لھجن کان وڌيڪ سولو ۽ مٺو ڪوھستاني لھجو مونکي ڳالھائڻ ۾ بھتر لڳندو آھي،
جنھن ڪري آئون ان ئي لھجي ۾ ڳالھائيندي آھيان. ان ڳالھ جو گواھ جسارت الياس جوکيو
پڻ آھي، جيڪو پاڻ ڪوھستاني لھجي تي تحقيق ڪري رھيو آھي. ان ڏَس ۾ سندس ليک سنڌ توڙي
ھند جي معياري رسالن توڙي اخبارن منجھ ڇپجندا رھن ٿا. جن تي ٻوليءَ جا وڏا وڏا
ماھر به سندس ساراهه ڪندا آھن. مون ساڻس ڪچھريءَ ۾ گھڻو ڪجھ سِکيو آھي، سندس پاران
ٻڌايل طريقي تي ھيءُ ليک لکان پئي، جنھن ۾ ڪوھستاني لھجي جي مٺن لفظن وارن اصطلاحن
کي بيان ڪريان ٿي. ياد رھي ته ھن مضمون جي سٽاءُ جو طريقو منھنجي علمي ادبي استاد
جسارت الياس جوکئي جو ٻڌايل آھي، پر ھي اصطلاح مون پاڻ ڪوھستاني عورتن سان ڪچھري ڪندي
يا خود پنھنجي ڳالھائڻ دوران نوٽ ڪري لکيا آھن. اچو ته پاڻ انھن کي پڙھون.
صدين کان پراڻي ڪوھستاني
لھجي جي ”مِٺي ٻوليءَ“ کي ڳالھائڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي. ڪوھستاني ماروئڙا جڏھن به
مارڪو ڪندا آھن ته سندن زبان مان ”جِي جِي ھا“ جا لفظ ٻڌڻ ۾ ملندا آھن. ڀلي کڻي ڪم
ڪھڙو به ھجي پر موٽ ۾ اھي مِٺا جواب ملندا آھن.
”اي آئون گھورجي
وڃان شل صدقو ٿيان تو تان“:
اھو جملو ان وقت
چيو ويندو آھي، جڏھن به ڪو عمر ۾ وڏو فرد پاڻ کان ننڍي عمر جي ماڻھوءَ کي پيار مان
دعا ڏيندو آھي. خاص ڪري، ڪوھستان جون عورتون توڙي مرد ”گھورجي وڃان شل“ جو اصطلاح ڪنھن
به الڀڻي (لاڏلي) يا اڪيلي (مائٽن جي اڪيلي فرد) کي مخاطب ٿيندي چوندا آھن.
”ڪورو (ٿڌڙو) گھڙو
جيئن پاڻ کي ڇانوَ منجھ رکائي“:
وانگر جيڪڏھن ڪنھن
گرم ڪاڙھي واري ڏينھن ۾ ڪير ڪوھستاني ڪنھن جي در تي وڃي اھڙا مٺا لفظ چوي ته ان گھڙي
جي مثال وانگر ان شخص کي به ھر ڪو ڪاڙھي کان پناھ ڏئي ڇانوَ منجھ ويھاري، ٿڌي پاڻيءَ
جو ڍُڪ سرڪ پياريندو آھي.
”مُنھن تان ھٿ ڦيرڻ“:
ڪوھستان جون وڏڙيون
پنھنجن ٻارن کي منھن تان ھٿ ڦيري پيار ڪنديون آھن.
”مِٺي مِٺي
ماءُ“:
ماءُ بابت ھتي اھو
مٺو اصطلاح مشھور آھي، جنھن ۾ ماءُ جي مٺاس جو ذڪر آھي.
”جيئين شل، بچين
شل“:
ھيءَ لفظ وڏڙيون
پنھنجن ٻچن، پڙ پوٽن، ڏوھٽن کي چونديون آھن، جنھن ۾ دعا ھوندي آھي.
”شل ڪو ڪوسو واءُ
نه لڳي ني“:
ھيءَ مشھور سنڌي
اصطلاح ھتي به عام آھي. فرق صرف اھو آھي ته ”لڳئي“ کي ھتي ”لڳي ني“ چون ٿا.
”ڍولا ڍولا ھَري
ھَري“:
جڏھن ڪا به شيءِ
آھستي آھستي خيال ۽ احتياط سان ھلائڻ لاءِ ڏبي آھي، ته ھي اصطلاح استعمال ڪن ٿا.
جيڪو اصل ۾ سنڌي ڳيچن ۾ به استعمال ٿيندو آھي.
”ڦِٽَڙو شل“:
جڏھن ڪير لاڏلو ڪا
معمولي ڪوتاھي يا غلطي ڪري، ته کيس منھن تي ”ڦٽڙا شل“ چئي پرپٺ ھي لفظ ”ڦٽڙو شل“
چئي، سندس بچاءُ ڪري، ھتي جي رواج ۾ ان لاڏلي جي قدر ۽ قيمت وڌائيندا آھن.
”ڦَٽَڙو ڇا
سَھي؟“:
مطلب ننڍڙو معمولي
ماڻھو ڪجھ برداشت نه ڪري سگھندو، يا ڪو معصوم ماڻھو ڇا برداشت ڪري سگھندو؟ جڏھن ڪنھن
ننڍڙي شخص مٿان وڏو بار وجھندا آھن ته اھڙي صورتحال ۾ ھي اصطلاح استعمال ٿيندو
آھي.
”اي مران شل“:
جڏھن زمين تي پير
کوڙي پھريون ڀيرو پنڌ ڪندي ڪو ٻار پيرڙا کڻي ۽ آڌوڙي ڪري پوي ۽ کيس معمولي ٺوڪر
اچي يا ڪا اِيسَ (سنھڙي ڪاٺي) يا چِلو (پٿر) لڳي پوي ته ان صورتحال ۾ جيجل ماءُ،
ماسي، پڦي، چاچي، مامي، ڏاڏي يا ناني وغيره يا ڪا بيٺل سَرھِيال عورت رڙ ڪندي اھي
لفظ چوندي آھي.
”ھوئي ڙي!“:
ھي حرف ندا کي ظاھر
ڪري ٿو، جنھن ۾ غم غصي يا ڪنھن اڻ وڻندڙ عجيب ڪيفيت کي بيان ڪندي اھا رڙ نڪرندي
آھي، جڏھن ڪو متاثر ماڻھو پيارو ھجي ته رڙ ڪندي، احساس طور ھي لفظ بي اختيار زبان
مان نڪرندا آھن.
”ابا، ٻچا، بابا،
ابل، بابل، پُٽَ، مِٺا، راڻا، راجا، جانب وغيره“:
ھي سڀ پيار محبت جا
شاھڪار ۽ پريت جا پرچارڪ لفظ سنڌ جي جيجل ”ماءُ“ جي ممتا جا تخليق ڪيل آھن، جن ۾
پنھنجي ٻچي سان اُنسِيت، عشق، محبت، لڳاؤ ۽ ازلي ڳانڍاپي جو آفاقي اظھار ٿيل آھي.
ھي لفظ سموري سنڌ جيان، ڪوھستاني جيجل ماءُ به ڏاڍي پيار سان پنھنجي اولاد کي
مخاطب ٿيندي ڳالھائيندي آھي.
”مَٿا ڏيڻ“:
ھي اصطلاح ان وقت
چيو ويندو آھي، جڏھن ڪو ماڻھو محنت ۽ مشقت ڪري اڪيلي سر ڪو ڏکيو ڪم (جھڙوڪ؛ ڏکئي
امتحان جي تياري، وڏو سفر، خراب گاڏيءَ کي منزل تائين پھچائڻ يا ڪو غير معمولي ڪارنامو
وڏي ڏکيائين سان سرانجام ڏيڻ وغيره) جهڙو ڪم ڪندو آھي. ھميشه مٺي انداز سان ”مٿا ڏيڻ“
چيو ويندو آھي ۽ جيڪو شخص اھي لفظ استعمال ڪري، ان کي محسن سمجھندا آھن.
”لِظ، چُوچَڙو، ڦَشِ“:
ڪوھستان ۾ لفظ اھڙي
تازي ڄاول ٻار کي چوندا آھن، جيڪو پوري پُني ڏينھن جو يعني نون مھينن کان اڳ ڄاپي.
چوچڙو ننڍي ٻار کي چوندا آھن، جيڪو ماءُ جي ٿڃ تي ھجي، جڏھن ته ڦش لفظ جو مطلب
غذائي کوٽ جو شڪار معصوم ٻار آھي.
مٿي بيان ٿيل صرف
چند لفظ ۽ اصطلاح آھن. ان کان وڌيڪ اھڙا پيارا لفظ سموري ڪوھستان جا ماڻھو ڳالھائيندا
رھندا آھن. مون ته اھڙيون عورتون به جام ڏٺيون آھن، جن کي ڪير ڇڙٻ ڏي يا ٽوڪ طنز ڪري،
تڏھن به اھي ٽوڪڻ جي ردعمل کان بي پرواھ ٿي موٽ ۾ ”جيءُ جيءُ“ يا ”جي ابا“ جھڙا مٺا
لفظ ڳالھائي، سنڌ جي پيار ۽ امن واري ڌرتيءَ جي عظيم تھذيب ۽ ثقافت جو چِٽو ثبوت
پيش ڪنديون آھن. ضرورت صرف اھڙن ڪردارن جا ڳالھايل يا چيل اصطلاح، ورجيسون، چوڻيون، پھاڪا يا لفظ لکي، انھن مٿان ٻوليءَ جي ماھرن جي راءِ پڇي، کين تاريخ
۾ ڳڻائڻ جي آھي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment