Sunday, July 17, 2022

پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو اڀياس - ڄيٺو لالواڻي

پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو اڀياس

ڄيٺو لالواڻي



لوڪ چوڻيون، ڪنھن به ڀاشا جي سونھن، سينگار آھن. جنھن ٻوليءَ ۾ چوڻيون وڌيڪ، اھا ٻولي وڌيڪ پختي، ڪشش ڪندڙ ۽ اثردائڪ بڻجي ٿي. چوڻيون، سماجڪ جيون جو نچوڙ ھونديون آھن. سماج جنھن سچ جو آزمودو سالن کان ڪندو پيو رھيو آھي، ان سچ کي ھو چوڻين جي روپ ۾ سانڍي رکندو آھي.


چون ٿا ڌرتيءَ تي ٽي رتن آھن؛ جل، اَنُّ ۽ چوڻيون. جيڪي جاھل ۽ اڻ پڙھيل آھن، انھن پٿرن کي رتن (ھيرا، ماڻڪ، ٽوپاز) سڏيو آھي. پر ودوانن جي نظر ۾ اھي ڀل ڪيترا به قيمتي، سونھن دار، رونق دار ھجن پر اھي رتن نه پر بي جان پٿر ئي آھن. حقيقت ۾ چوڻيون ئي ڀاشا ۽ ان جي ڳالھائيندڙ سماج جا پراڻ آھن. ڇاڪاڻ ته جَلَ ۽ اَنَّ کان سواءِ انسان زندھ نه رھي سگھندو آھي. ساڳئي نموني ڪا به ڀاشا، چوڻين کان سواءِ اجائي، بي رس، نيرس ۽ ڄڻڪ مئل ڀاسندي آھي. حاصل مطلب ته چوڻيون ڪنھن به ڀاشا جو جيون تَتَو آھن. چوڻيون معنيٰ آزمودي ۽ وقت جو گيان ڪوش، ڏاھپ ۽ سياڻپ جو ڀنڊار. لوڪ چوڻي جيستائين عوامي لوڪن ۾ مقبول نٿي بڻجي، تيستائين اھا لوڪ چوڻي نٿي سڏجي. لوڪ چوڻين جو جنم راجائن جي محلاتن ۾ نه پر جھنگلن، بيابانن، ٻنين، جھوپڙين ۾ رھندڙ ۽ ڪم ڪندڙ عام جنتا جي وچ ۾ ئي ٿئي ٿو. لوڪ چوڻي جڏھن لوڪ ھرديہ سان پنھنجائپ جو سنٻنڌ جوڙي ٿي ۽ لوڪ ڏاھپ سان پيدا ٿيل ڀاونائن، اِڇائن ۽ چاھنائن کي ٿوري سندر ريت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش.

مسٽر جانسن جو چوڻ آھي ته؛ ”جنتا جي ھلندڙ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ جملا ئي لوڪ چوڻيون آھن.“

مان ته ائين چوندس ته لوڪ چوڻيون، ننڍي روپ ۾ وڏين وڏين ڳالھين جو نچوڙ آھن. نه فقط ايترو پر اھي نيتي ساھتيہ جو ھڪ حصو آھن. لوڪ چوڻين جون خاصيتون ھن ريت آھن:

۱. محدود الفاظ ۲. چٽائي ۳. عام فھم ۴. لوڪپريتا ۵. ھاسيہ سان ڀرپور ۶. سک-دک جي آزمودي مان ڪٺو ڪيل اصول ۷. سھجتا ۸. سادگي ۽ ۹. وھنواري سچ.

اچو ته ڏسون ته لوڪ ادب ۾ پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن جي ڪھڙي جاءِ آھي.

--

لوڪ سنسڪرتيءَ جا مکيہ ٻه ڀاڱا آھن:

۱. لوڪ جيون يعنيٰ لوڪن جي زندگيءَ جو طريقو. (Folk ways of living.)

۲. لوڪ اظھار جو طريقو. (Folk ways of expression.)

۱. لوڪ جيون جي طريقي جا ڀاڱا ھن ريت آھن:

۱. لوڪ وشواس (Folk Beliefs)؛ سنسار جي اُتپتي، ديو ۽ پريون، جن ۽ ڀوت، جادو ۽ ٽوڻا، ڦيڻا، سنسا، ڀرم، پير- فقير، لوڪ، سرڳ، نرڳ وغيرھ.

۲. لوڪ ريتيون؛ کيتي، پوڄا، عبادت، ڌرمي ڏڻ، سنڪار، رواج، دعائون، آسيون، جھاڙ، ڦوڪ وغيرھ.

۳. لوڪ وندر؛ ميلا، ملاکڙا، ويڙھ، لوڪ رانديون، ڏڻن وارن جون رانديون، بازيگرن جا کيل، ڪٺپتلي ناچ، ڪچھريون، ڊوڙ جون چٽاڀيٽيون وغيرھ.

۴. لوڪ رھڻي ڪھڻي: سماج ۽ پئنچايتي سرشتو، گڏيل ڪٽنب، ويس وڳا، پھرواس، روايتي زيور، کاڌي پيتي جون شيون ۽ نرالا ڍنگ.

۲. لوڪ اظھار جي طريقن جا حصا ھن ريت آھن:

۱. ٻوليءَ کان سواءِ طريقن ۾:

۱. لوڪ ڪٿائون (Folk Arts): عمارت سازي، مورتي ڪلا، چتر ڪلا، نرتيہ ڪلا، سنگيت ڪلا وغيرھ

۲. لوڪن جا ھنر - ڌنڌا (Folk Crafts)

واڍي جو جنڊيءَ جو ڪم، سوناري جو سون تي ميناڪاريءَ جو ڪم، لوھار جو برتن ۽ اوزار ٺاھڻ جو ڪم، ڪنڀر جو مٽيءَ مان برتن ۽ رانديڪا ٺاھڻ جو ڪم، زالن جو ڀرت ڀرڻ جو ڪم وغيرھ.

۲. ٻوليءَ ذريعي اظھار:

(الف) لوڪ شاعري: لوڪ گيت ۽ نظم ۾ ڳاتل قصا ۽ داستان.

(ب) لوڪ ڪٿائون: لوڪ ڪھاڻيون، آکاڻيون.

(ٻ) لوڪ ناٽڪ: ڪچھري، تماشا، سانگ، رام ليلا، راس ليلا.

(پ) لوڪ سپاھت: ننڍا ٻول ۽ گفتا.

پھاڪا، اصطلاح، محاورا، چوڻيون لوڪ ادب جو ھڪ حصو آھن. اھي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ گفتا آھن. اچو ته انھن جي فرق کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون.

اسين ڄاڻون ٿا ته انسان ٻوليءَ ذريعي جڏھن پنھنجي جذبات ۽ ويچارن جو اظھار ڪري ٿو تڏھن ھو گھربل لفظ چونڊي، پنھنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انھن کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. ھن تي اھا پابندي ضرور لاڳو آھي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي/ گرامر سرشٽي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. ان ڪري ٻوليءَ جا پريوگ ۽ بيھڪ مقرر ڪيل آھي. ان ٻوليءَ جو ھر ڪو ماڻھو، ڪنھن گھربل مطلب جي حاصلات لاءِ، ان پريوگ جو ساڳئي نموني اپيوگ ڪندو آھي، ان کي سوتر-پريوگ (Formular Usage) سڏبو آھي. سوتر پريوگ جا چار قسم آھن:

۱. پھاڪو ۲. چوڻي ۳. محاورا/ اصطلاح ۴. ورجيس.

۱. پھاڪو: ھن ۾ اکري معنيٰ ٻوليءَ جي رواج مطابق، ٻي معنيٰ ڏيندو آھي. مثال: مينھن ڪارنھن ڪا نه ڏسي، گانءِ کي چوي ته ھل ڙي پڇ ڪاري. گدڙ ڊاک نه پڄي، آخر ٿو کٽا. بک ۾ بصر به مٺا.

۲. چوڻي: ھيءُ ھڪ پورو جملو ھوندو آھي. جيڪو اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آھي. مثلاً: ترت دان، مھا پڃ. ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو. لالچ، بري بلا آھي.

۳. محاورا/ اصطلاح: ھيءُ بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي. اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق جي معنيٰ ڏيندو آھي. مثلاً: پاڻي پاڻي ٿيڻ، وات ۾ مڱ پوڻ، دال نه ڳرڻ، کير کنڊ ٿي وڃڻ.

۴. ورجيس: بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندي آھي. ان جي اکري معنيٰ ئي گھربل ھوندي آھي. مثلاً: اھڙو ڪڇي، جھڙي ڀت. ڇوڪر ٻاڪر. ڳجھ ڳوھ. ڏسڻو وائسڻو. ڀاڙو ڀتو. اڇو جھڙو کير. پيلو جھڙو ھيڊ.

پھاڪن جون خاصيتون:

۱. ٿورا اکر/ ننڍو روپ ۲. ويچارن جي گھرائي ۳. سلوڻائي/ اظھار جي نزاڪت ۴. لوڪ فھم يعني عوام ۾ انھن جو پرچار.

وصف: پھاڪو معنيٰ اختصار، ٿورن لفظن ۾ گھڻا ويچار، پھاڪا، زباني- نصيحت آميز ۽ قوم جو عڪس پسائيندڙ ھوندا آھن.

پھاڪن ۽ محاورن ۾ فرق:

۱. پھاڪو ھڪ الڳ جملو ھوندو آھي، پر محاورو ھميشہ ڪنھن جملي جو جزو ھوندو آھي. ”انڌن ۾ ڪاڻو، راجا“ پھاڪو آھي. موھن اٿئي ٻگھلو ڀڳت، ھن کان خبردار رھجانءِ. ”اٿيئي ٻگھلو ڀڳت“، محاورو آھي.

۲. پھاڪي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه لفظ ٿيندا آھن، پر محاورو ھڪ لفظ وارو به ٿيندو آھي. ”گڏھ! ھيڏانھن ڌيان ڏي.“ ھتي گڏھ، ڪم عقل، بيوقوف، مورک جي معنيٰ ۾ ڪتب آندل آھي. پھاڪي جو مثال آھي؛ ”قرض، مرض.“

۳. پھاڪو نثري جملي، گفتگو، بيت ۽ سوال جواب روپ ۾ ٿي سگھي ٿو. محاورو پنھنجي اصلي روپ ۾ ئي ھوندو آھي.

۴. پھاڪا پوري معنيٰ جو اظھار ڪندا آھن. محاورا گھربل معنيٰ ظاھر ڪندا آھن.

۵. پھاڪو ڪنھن ڳالھ جي پٺڀرائيءَ، پاکنڊن ڪرڻ لاءِ مثال جيان جدا ايڪي جو روپ ۾ اُپيوگ ۾ ايندو آھي. محاورو لفظ جون معنائون لغت موجب ھن ريت آھن:

گفتگو، ٻول چال، ڳالھ ٻول، سوال جواب، علم نحو موجب اھو جملو جنھن جي معنيٰ ھڪڙي ھجي ته عنايت معنيٰ ٻي ھجي.

الڳ الڳ ٻولين ۾ پھاڪي لاءِ جيڪي لفظ ڪتب آندل آھن، اھي ھن ريت آھن؛ سنسڪرت ۾ ”آڀاڻڪ“، پرواد، لوڪوڪتي، لوڪ پرواد، لوڪڪي گاٿا، پرايواد.

پاليءَ ۾ ”ڀاستو“، پراڪرت ۾، آھاڻ، آھاڻيه، آھيڻ، آکاڻيه، آھاڻڻه. مراٺيءَ ۾ ”مھڻي“ ۽ لوڪ سمپردا، بنگلا ۾ پرواد، الوڪڪي. گجراتيءَ ۾ ڪھويت، ڪھيڻي، ڪٿن. ھنديءَ ۾ ڪھاوت، اُپکان يا پکانا. اردوءَ ۾ ضرب المثل. تمل ۾ پزسولي. لئٽن ۾ پراوربيو (Proverbio).

پھاڪن جي جنم جا آڌار ھن ريت آھن:

۱. لوڪ ڪٿائون ۲. تواريخي شخصيتون، واقعا ۽ حالتون ۳. سياڻن جا سُخن ۽ نصيحت آميز نُڪتا ۴. پروليون ۽ ٻول ۵. انساني ڀاونائن جو اظھار ۶. ٻولين جو ھڪٻئي تي اثر.

پھاڪن ۽ جدا جدا سخنن ۾ فرق.

(الف) پھاڪو ۽ حوالو. (Quotation)

جيڪي پنھنجيءَ ڳالھ جي پٺڀرائيءَ لاءِ ڪتب آڻبا آھن. مثلاً؛ پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين. ڏک سکن جي سونھن، گھوريان سک ڏکن ريءَ. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل وسڻ جي. ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. ھتي اسين ڄاڻون ٿا ته ھيءُ شاھ صاحب جا رچيل آھن. پر اڪثر پھاڪي جو رچيتاڪير ھوندو آھي. اھا ڪنھن کي به ڄاڻ نه ھوندي آھي. پر شاھ صاحب جا گفتا جن ۾ اونھي فلاسافي سمايل آھي، جيڪا عام طرح پھاڪن ۾ نه ھوندي آھي. پر شاھ جا گفتا عام تائين ڦھليل آھن ۽ حوالي طور پھاڪن جي روپ ۾ ڪتب آندا وڃن ٿا.

(ب) پھاڪو ۽ سڌانت سوتر:

سنتن مھاتمائن جا اُپديش ۽ گيان سان ڀرپور گفتا به پھاڪن کان جدا آھن. مثلاً؛ آتما امر آھي ۽ شرير ناسونت آھي. اھي وچن، لوڪ ۾ لوڪپريہ آھن. اُھي عوام جي چيز نه آھن، تنھن ڪري اُھي وچن، پھاڪا نه آھن.

(ٻ) پھاڪو، لطيفو ٽوٽڪو:

ڪو به ٽوٽڪو، لطيفو ڀلي ٻن ٽن لفظن جو ڇو نه ھجي پر اھو پھاڪو ڪو نه آھي. ڇاڪاڻ ته اُھو ڪنھن ھڪ مقرر روپ ۾ عوام ۾ دھرايو نه ويندو آھي.

(پ): پھاڪو ۽ پرولي.

پروليون به عوام ۾ مروج آھن. ننڍڙي روپ واريون آھن. پر ٻنھي جي مقصد ۾ گھڻو فرق آھي. پھاڪو عام جنتا جي روزاني زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودن جو اظھار آھي. پر پروليءَ جو ڪم پرک ڪرڻ آھي. پھاڪا ڳالھ جي پٺڀرائيءَ لاءِ ڪتب آڻبا آھن. پر پروليون سليون وينديون آھن.

مثال: ھيڏڙي، تر جيڏڙي، وڏن جا ٿي پٽڪا لاھي، (جونءَ).

مڙس ٽنگيو پيو آھي، زال پئي گھمي. (ڪلف ڪنجي)

محاورو يا اصطلاح

محاورو اھو سوتر پريوگ آھي جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آھي. ڪملا، ساھيڙين واتان ڳالھ ٻڌي، پاڻي پاڻي ٿي وئي، (لڄي ٿيڻ). محاورو ۽ محاوري جي اکري معنيٰ اصطلاح، ٻئي عربي لپيءَ جا لفظ آھن. اُھي فارسيءَ ۾ به ڪتب ايندا آھن. اھي لفظ پوءِ اردو، ھندي، سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ٻولين ۾ به مروج ٿيل آھن. محاوري جو عربي اُچار آھي ”محاورہ“ اھو حاور يا حور فعل مان نڪتل آھي. جنھن جو مطلب آھي؛ موٽائڻ، ورندي ڏيڻ. وڌيڪ معنيٰ آھي؛ گفتگو، ڳالھ ٻولھ، لفظي ميڙ. اصطلاح پڻ عربي لفظ آھي. جنھن جو بنياد آھي صلح يعني موافق، سٺو يا وڻندڙ ٿيڻ.

محاورو ۽ شبد شڪتي

شبد شڪتي معنيٰ لفظن جي طاقت. ٻوليءَ ۾ اسين اھڙا گھڻئي لفظ ڪتب آڻيندا آھيون، جن جي اکري معنيٰ ھڪڙي ھوندي آھي ته بيان ۾ معنيٰ ٻي ھوندي آھي.

مثال: فلاڻو اٿيئي ٻگھلو ڀڳت، متان سندس ڦندي ۾ ڦاٿو آھين. ھتي اھو مطلب نه آھي ته بيان ڪيل شخص ٻگھ پکي آھي. ھتي ٻگھلو معنيٰ نه کڻي اُن جو ٻيو مطلب آھي؛ ٺڳ، دوکيباز، مڪار.

لفظ ۽ معنيٰ

اسين ڳالھائڻ جي عضون ذريعي جيڪي آواز اُچاريون ٿا، اُھي ڪنھن مقرر ترتيب ۾ اچي لفظ جو روپ اختيار ڪن ٿا. ٻوليءَ جي استعمال ٿيندڙ ھر ھڪ لفظ کي ڪا نه ڪا معنيٰ ضرور ھوندي آھي. ڪنھن لفظ کي ٻڌڻ سان جنھن ڀاونا، ويچار، شيءِ يا پِراڻيءَ جو نقشو اسان جي دل دماغ ۾ اُڀري ٿو، تنھن کي اُن لفظ جي معنيٰ چئجي ٿو. مطلب ته ٻوليءَ جو ھر ھڪ لفظ ڪنھن نه ڪنھن معنيٰ جو اظھار ڪري ٿو. ڪھڙو لفظ ڪھڙي معنيٰ ڄاڻائي ٿو، اھو ته ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙ سماج جي روايت/ لوڪ چار تي ٻڌل آھي.

شبد شڪتي يا لفظن جي طاقت، لفظ جي اھا قابليت آھي، جنھن جي ذريعي اھو جدا جدا جملن ۾ گھربل معنيٰ ڏئي. مثلاً؛ ھي ھيرو تمام ملھائتو آھي. ھيرو اسڪول ۾ پھريون نمبر آيو. ھيءُ ٽن قسمن جون آھن.

۱. اڀڌايا اظھار (Power of Expression) ڪنھن ٻيءَ معنيٰ ۾ گونگي گانءِ، ماٺيڻي. اصطلاح جي معنيٰ.

۲. لکشڻا- ڏس (Power of Indication) ٻنھي ۾ ھڪجھڙائي، ٽيم، ٽولي.

۳. وينجنا يا اشارو (Symbol/ Power of suggestion)

محاورو - النڪار - رنگين زباني: (Figures of Speech)

پھاڪي جو جنم: ڪنھن رچيا، ڄاڻ نه ھوندي آھي. پر ڪن شاعرن يا سياڻن جا سُخن، جئن؛ ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين. پھاڪا جيون جي حقيقت جي پيدائش آھن.

 

(ڄيٺو لالواڻي؛ لوڪ مضمون، ”ماڌو ون“، ۳۷، آدتيہ بنگلور، پريم پرڪاش آشرم ڀرسان، ڪوترپور روڊ، احمد آباد، ھندستان، ۲۰۱۵ع، ص ۷۰-۷۷)

No comments:

Post a Comment