Saturday, July 30, 2022

اصطلاح (Idiom)، محاوري ۽ ورجيس (Phrase) جي دائري بابت - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

اصطلاح (Idiom)، محاوري ۽ ورجيس (Phrase) جي دائري بابت

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 


ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزن (Terms) جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي، جن ۾ اصطلاح، محاورو، ورجيس، پهاڪو، چوڻي ۽ کوڙ ساٿرا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا، جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس تي مبني آهي.

اُٺ ناڙ - مٺل جسڪاڻي

اُٺ ناڙ

(ورجيس)

مٺل جسڪاڻي

 


”اُٺ ناڙ“ محاورو، اصطلاح يا استعارو، ڇا به آھي، ان کي ٻه ماڻھو بھتر سمجهي سگهن ٿا. ھڪ اھو، جيڪو گهڻ پڙھيو يا ڪچھرين جو ڪوڏيو ھوندو، ٻيو اھو جنھن جو اٺن سان واسطو، واھپو يا اوٺارن (اُٺ ڌاريندڙن، پاليندڙن، اُٺن وسيلي روزگار ڪندڙن) مان ھوندو، يا انھن سان قرب ڪچھريون ھوندس. مون اھو ٻٽو لفظ، منھنجي وڏڙن واتان، جنھن صورتحال دوران ٻڌو، اھا اڳتي واضح ڪيل آھي.

 

ھتي ”اُٺ ناڙ“ جو بحث ان ڪري ڪرڻو پيو، ته روزاني ”آجيان“ شڪارپور جي خميس ۲۸ جولاءِ ۲۰۲۲ع واري شماري ۾ منھنجون ھيٺيون سٽون شايع ٿيون:

 

گهڻو ئي ٿا پڙھون

مٺل جسڪاڻي

گهڻو ئي ٿا پڙھون،

گهڻو ئي ٿا پڙھڻ لاءِ چئون،

”اُٺ ناڙ“ کي،

ٻُڌايو ته ڇا ڪريون؟

پڙھائڻ تي آھي،

زور سڀني جو،

پڙھڻ لاءِ ڪو،

تيار نه آھي!

---

مون اخبار جي ڪٽنگ فيس بوڪ تي پوسٽ ڪئي، ته بھترين ۽ سينيئر شاعر ملزم سومري تاعيد ۾ لکيو:

اٿؤ سائين واقعي ايئن

پڙھڻ ڪو تيار ئي ناھي

سڀ چون ٿا پڙھو.

علي محمد لغاري لکيو:

سائين، ”پڇ ٻَڌ مَھرِي اٺ“ پھاڪو ٻڌو آھي پر ھي نئون محاورو سامھون آيو آھي ”اٺ ناڙ.“ ان محاوري جو مطلب سمجھ ۾ نه آيو. جيئن توھان وٽ ”کنڀڙو/ کنڀڙا“ ۽ اسان وٽ ”ڪارو پتنگ/  اڏامندڙ ماڪوڙو“. توھان پارن پتن سان ڳالھ کولي سمجهائي ته پوء سمجھ آئي، ته اھو جيت ساڳيو آھي پر ماڳ ماڳ جو ڦير، ته نالي ۾ به ڦير ھئي. ”پڇ ٻَڌ مَھرِي“ ۽ ٻيو ”اٺ ناڙ “. پويون محاورو سمجھ ۾ ڪونه آيو۔

علي محمد لغاري کي مون ورنديءَ ۾ لکيو:

سائين، ”مئين نه منان“، ”مين نه مانون“، ”انھن ترن تيل نه ٿيو نه ٿيندو“، ”اجايو ضد“، ”اجائي ھوڏ“ جھڙي صورتحال ۾، اھڙي صورتحال پيدا ڪندڙ جي عمل کي ”اُٺ ناڙ“ چئبو آھي. مون کان پوءِ انجنيئر عبدالوھاب سھتي لکيو؛ “پڇ ٻَڌ مَھرِي ڪرڻ“ وارو اصطلاح/ ورجيس اڃا تشريح طلب رھي ٿو. جنھن جو جواب، سائل لھڻو!“ ۽ علي محمد لغاري مون کي ورندي ۾ لکيو؛ ”سائين لک قرب. چڱو ٿيو جو توھان کان ان محاوري جي معنيٰ پڇي ورتي ۽ توھان تفصيل سان سمجهائي. ٻين کي به مون سان گڏ معلوم ٿي وئي. نه ته خبر ناھي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ان محاوري جون ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ جي مصداق الائي ڪيتريون ابتيون سبتيون معنائون ڳنڍيون وڃن ھا.“

اقبال بلوچ پنھنجي راءِ ۾؛ ”ٿورن لفظن ۾ وڏو سبق آهي“ لکيو.

منھنجون اھي سٽون، ڪجھ ڏينھن اڳ جون لکيل، فيس بوڪ تي اڳ ۾ ئي پوسٽ ڪري چڪو ھئس. اتي راءِ طور يا ڪمينٽ ۾ ماستر شير محمد پنھور دل جو نشان ڏنو، ذاھد علي ڀٽي لکيو ”واه“ ۽ سٽن سان گڏ پوسٽ ڪيل تصوير لاءِ لکيائين ”سر! ڪٿان جي تصوير آھي“، ته ان کي جواب ۾ لکيم ”ڪوئٽه ۾ ھڪ يونيورسٽي BUITEMS, Quetta ۾ ورتل تصوير...“.

فقير محمد جسڪاڻي دل جو نشان موڪليو. جڏھن ته علي محمد لغاري، جنھن ”اٺ ناڙ“ جي وضاحت طلبي، ان لکيو؛ ”پڙھڻ لاء تيار نه آھي. باقي وچان ڪينچي ھڻي ڪٽ ڪري ڪم ڪڍڻ وارا کوڙ آھن. پوء ترقي ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيندي. ترقي جي نالي ۾ جيڪا ترقي ڏيکاري ويندي اھا جڳاڙي ۽ سبز باغ ھوندي آھي. ڪير پڙھي نه پڙھي. ڪير ڪجھ نٿو ڪري سگهي۔“. ھن پوسٽ تي وحيد ڳاھي لکيو ”ٻُڌائڻ لاءِ آهي هرڪو ٻُڌڻ لاءِ ڪو تيار ناهي.“ جڏھن ته ننگر چنا ”اُٺ ناڙ جو مطلب“ لکي سوال ڪيو، ته ورندي ۾ لکيم ”ننگر چنا، اُٺ ناڙڻ جي عمل دوران، اُٺ جو احتجاج فطري عمل ھوندو آھي، اُٺ ناڙڻ واري کي جيئن ته اُٺ ناڙڻ جي مجبوري ھوندي آھي، ان ڪري اُٺ ناڙڻ جي ڪا به حتمي حڪمت ڪارگر نه ٿي رھي. ان پسمنظر کي ڪجھ ماڻھن جي رَوَيَن ۽ عمل کي اُٺ ناڙ سان مشابھت طور ”اُٺ ناڙ“ استعارو يا محاورو استعمال ڪيو ويندو آھي. مثال طور فلاڻو سدائين اُٺ ناڙ ڪندو آھي، ڳالھيون ٿي وڃن ھا، نياءُ نبري وڃي ھا، ٺاھه ٿي وڃي ھا، پر فلاڻي يا فلاڻن فلاڻن جي ”اُٺ ناڙ“، ”انڍن جي منڍن“ سبب اڃا ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي آھي، وغيره وغيره...“ جواب لکندي چوڻين ۽ پھاڪن، اصطلاحن ۽ استعارن تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪندڙ انجنيئر عبدالوھاب سھتي ۽ سائين عبدالله جروار سان به آئون مخاطب ٿيس، ته منھنجي ان عمل جي جواب ۾ سھتي صاحب تمام سھڻي راءِ لکي، ھيٺ پڙھو:

”ھر ٻٽي يا مرڪب لفظ جي معني ڪڍڻ لاءِ پھرين ان جو ڇيد/ اشتقاق ڪبو آھي. شَقُ ڪرڻ پڄاڻان، ھر لفظ جي ظاھري معنيٰ جي سھاري، مرڪب لفظ جي معنيٰ، ظاھري توڙي ڳجھي، پڌري ڪبي آھي يا پاڻمرادو چٽي/ نروار ٿي پوندي آھي.

اٺ لفظ ته ھر ڪو سمجھي ٿو ۽ ان جي خاصيتن جي به ٿوري گھڻي ڄاڻ به رکي ٿو. ان سان گڏ ناڙ لفظ جي معني يا معنائون ڪيتريون آھن، سي اگر ترڪيب ۾ آڻبيون ته مرڪب لفظ خود بخود چٽو ٿي پوندو. ان بعد ان جو استعمال ويتر ان جي معنوي مفھوم کي پختو ڪري ڇڏيندو.

ھتي لفظ ناڙ، اٺ سان ڄڻ اوپرو بيٺو آھي. جنھن ڪري پڇڻ وارو ھر ھر پڇي ٿو، جيستائين وڃي سندس ذھن ان نئين ترڪيب کي سمجھي، تيستائين پڇڻ واري جو ڪم آھي پڇڻ ۽ پڇندو رھڻ، جيسين وڃي اندر جي ھُرکُر مريس.“

 

آخري ٻه اکر

ــــــــــــــــــــ

”اُٺ ناڙ“ شايد تمام گهٽ استعمال ٿيندڙ ٻٽو لفظ آھي، گهڻن لاءِ نئون آھي. اميد ته مٿئين بحث جي نتيجي ۾، ڪجھ سمجھ ۾ آيو ھوندو، نه ته اجائي ”اُٺ ناڙ“ نه ڪندس، وقت ۽ پڙھندڙن تي ڇڏيون ٿا، اميد رھنمائي ٿيندي.

 

(ڏھاڙي ”آجيان“ شڪارپور ۾ ڇنڇر ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

Sunday, July 17, 2022

پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو اڀياس - ڄيٺو لالواڻي

پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن جو اڀياس

ڄيٺو لالواڻي



لوڪ چوڻيون، ڪنھن به ڀاشا جي سونھن، سينگار آھن. جنھن ٻوليءَ ۾ چوڻيون وڌيڪ، اھا ٻولي وڌيڪ پختي، ڪشش ڪندڙ ۽ اثردائڪ بڻجي ٿي. چوڻيون، سماجڪ جيون جو نچوڙ ھونديون آھن. سماج جنھن سچ جو آزمودو سالن کان ڪندو پيو رھيو آھي، ان سچ کي ھو چوڻين جي روپ ۾ سانڍي رکندو آھي.

Friday, July 15, 2022

ٻٻر؛ بي خبر، جن جا آکيرا ئي اونڌا - دائم علي دربان

ٻٻر؛ بي خبر، جن جا آکيرا ئي اونڌا.

(چوڻي/ پھاڪو)

دائم علي دربان



هڪڙي لوڪ ڪھاڻي آھي، جيڪا مونکي سڄي ته ياد ڪا نه آھي پر ان جو ڪجھ حصو ياد آھي!

هڪ ڀيري ٻٻر پکيءَ جو نانگ سان جھيڙو ٿي پيو، نانگ دڙڪو ڏنو ٻٻر کي ته؛ ”مان تنھنجا ٻچا به کائي ڇڏيندس.“

ٻٻر ورندي ڏنس ته؛ ”مان پنھنجو گھر ئي اھڙي جڳھ تي ٺاھيندس، جتي تون نانگ پھچي ئي ڪو نه سگھندين.“

Thursday, July 14, 2022

لِک نصير جي کَنڌي - علي محمد لغاري

لِک نصير جي کَنڌي.

(ڏيتي ليتي جو پھاڪو)

علي محمد لغاري



چون ٿا نصير نالي ڪو ھمراھ ھو. جيڪو ڳوٺ مان دڪاندارن کان اوڌر تي سامان کڻي ويندو ھو. پاڙي ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺ جي واسطيدارن ۽ واقفڪارن کان روڪڙا پئسا اوڌر وٺي يا اوڌر تي چوپايو مال وٺي، وڪڻي کائي ويندو ھو ۽ پوءِ انھن کي واپس ڪو نه ڏيندو ھو. تڏھن ڪجھ حياءُ ۽ لحاظ به ھو. ان ڪري اڄ وانگر ماڻھو لھڻو وٺڻ لاءِ ان سان وڙھي به نه سگهندا ھئا. ان ڪري ماڻھن جا پئسا کائي ويندو ھو. پوءِ مٿس پھاڪو ٺھيو ته؛ ”لک نصير جي کنڌي.“