ٻٻر؛ بي خبر، جن جا
آکيرا ئي اونڌا.
(چوڻي/ پھاڪو)
دائم علي دربان
هڪڙي لوڪ ڪھاڻي آھي،
جيڪا مونکي سڄي ته ياد ڪا نه آھي پر ان جو ڪجھ حصو ياد آھي!
هڪ ڀيري ٻٻر پکيءَ جو
نانگ سان جھيڙو ٿي پيو، نانگ دڙڪو ڏنو ٻٻر کي ته؛ ”مان تنھنجا ٻچا به کائي ڇڏيندس.“
ٻٻر ورندي ڏنس ته؛ ”مان
پنھنجو گھر ئي اھڙي جڳھ تي ٺاھيندس، جتي تون نانگ پھچي ئي ڪو نه سگھندين.“
