Thursday, December 30, 2021

کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون - محمد نقيب الله رازي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون

ليکڪ: محمد نقيب الله رازي

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



لسانيات جي اصولن ۽ گھڙاوت جي طريقن مطابق، کوار ادب جو اُسلوب، وڏي اھميت جو حامل آھي. ٻيو ته ’علم بيان ۽ معاني‘ ۽ ’بلاغت‘ ۾ ان جي بيان جو انداز پڻ متاثر ڪندڙ آھي. انھيءَ لحاظ کان کوار ادب جون سرحدون، پنھنجي ڳالھائيندڙن جي ڀيٽ ۾، ڪافي ڪشاديون آھن. اصطلاحن ۽ ورجيسن جو انداز، پنھنجي جيسي ادب کان ٿورو مختلف ۽ صاف سٿرو پڻ اٿس. تشبيھن ۽ استعارن ۾، ٿورو ٿورو ڪري، نواڻ ايندي ٿي وڃيس ۽ پنھنجي مجموعي حيثيت جي اعتبار کان کوار ادب، ھڪڙي صاف سٿري ۽ مھذب زبان جو ادب سڏرائڻ جي مستحق آھي. خاص طور تي تشبيھن ۽ پھاڪن/ چوڻين جي صفائي سٿرائي، ھن زبان جي آڳاٽي سرمايي کي مٿي کڄي اچڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون ۽ کوار ٻوليءَ کي ھڪ مستند ٻوليءَ ۽ ادب جي ذمري ۾ آڻي بيھارڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون.

Saturday, December 25, 2021

ننڍڙي مري نه ماءُ- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،

ڪنت چڙيلي نا مري، مت جھڻڪ وھيڻي ھوءِ! (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ننڍڙي؛ ننڍي ھوندي، ٻال اوسٿا ۾. ان عمر ۾ ماءُ کان سواءِ ڪير به ٽھل ٽڪور نه ڪري سگھندو آھي. نه گونھ مٽ جي ڪندو ۽ نه وقت تي کاڌي پيتي جي ڳڻتي ھوندس. روئڻ ۽ رسڻ تي پرچائڻ وارو به ڪير نه ھوندو آھي.

ٻڍڙي؛ ٻڍاپي ۾، ڪراڙپ ۾، جڏھن ڀائر ۽ ڀينر به جدا فدا ٿي وڃن يا مري کپي وڃن. ان وقت مرد کي فقط ۽ فقط گھر-واريءَ جو سھارو ھوندو آھي. ان عمر ۾ پٽ ۽ نوھر ته ٺھيو پر سڳي ڌيءَ به ھٿ نه وجھندي آھي. ڀيڻ ڀرائي ته اڃا وٿيرڪا ھوندا آھن.

Sunday, December 12, 2021

اچو ته پھاڪا ورجايون - سھيل احمد صديقي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اچو ته پھاڪا ورجايون

ليکڪ؛ سھيل احمد صديقي

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



چوڻين ۽ پھاڪن (ضرب المثل جمع ضرب الامثال) جي اھميت کان ڪو به سمجھ رکندڙ انڪاري ٿي نه ٿو سگھي. چاھي اھو معاملو عربي، ترڪي، فارسي ۽ اردوءَ جھڙين مشرقي ٻولين جو ھجي، ٻين علائقائي/ مقامي زبانن ۽ ٻولين جو ھجي يا انگريزيءَ سميت سمورين مغربي ٻولين جو ھجي. ”پڙھيل لکيل جاھل“ اڪثر اھو چوندي ٻڌا ويا آھن ته؛ ”اصطلاح (محاوري Idiom) ۽ چوڻي/ پھاڪي (ضرب المثل Proverb/ Saying) جي ضرورت ڪھڙي آھي؟ ايڏا ته ڏکيا ھوندا آھن، سمجھڻ ۾. سڌي سادي نموني ڳالھايو.“ مگر اھا ڳالھ ھو پنھنجي ”فادري“ ٻوليءَ متعلق نه چوندا. حالانڪ پاڻ ان زبان جي اصطلاحن ۽ پھاڪن کان به عام طور تي اڻ واقف ھوندا آھن.

Tuesday, November 23, 2021

ڪانءُ - هڪ چالاڪ ۽ چست پکي - مدهوش مير

ڪانءُ

هڪ چالاڪ ۽ چست پکي

مدهوش مير



دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو پکي، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جيڪو سنڌ جو مقامي پکي ته ناهي پر هن جي تاريخ ڏاڍي دلچسپ آهي. ڪانءُ، جنهن کي شاعرن جي امام لطيف سرڪار سر پورب ۾ واکاڻيو آهي ۽ هڪ وڏي ذميواريءَ جو ڪم، ڪانءُ کي ڏئي ٿو ته؛

ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛

آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيھو، وِچ مَ وِساريجِ؛

اَللهُ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجهو ڳالِهائيجِ؛

چُئان تِئَن چئيجِ، ته کِنياتا! خوشِ هُئين.

اي ڪانگ! پرينءَ کي سلام ۽ نياز ڪري، کيس پيرين پئجانءِ! ۽ منهنجو پيغام جو ڏيانءِ، سو واٽ تي وساري نه ڇڏجانءِ! ڌڻيءَ جي واسطي، ساڻس ڳجهه ڳوھ ۾ ڳالهائجانءِ! اي ڪانگا! جئن تو کي چوان، تئن چئج، ته هميشه خوش هوندين. هيءَ لطيف جي اها خوبي آهي، جنهن ٻين شاعرن کان هٽي، ڪانءَ کي ان صف ۾ ڳڻي پيش ڪيو آهي. پوري دنيا اندر ڪانون جا چاليھ قسم آهن ۽ ڪانون جي گهڻائي ايشا جي ملڪن ۾ آهي.

Saturday, November 13, 2021

شيءِ جو قدر، اصل جاءِ تي آھي - مير قائم خان ٽالپر

شيءِ جو قدر، اصل جاءِ تي آھي

مير قائم خان ٽالپر



”هڪ دفعي هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن ڏاهي کان سوال ڪيو ته منهنجي زندگيءَ جي اصل قيمت ڇا آهي؟ مون کي حقيقي شعور ۽ عقل عطا ڪر.“

اهو سوال ٻڌي ڏاهي هن کي پٿر ڏنو ۽ چيو ته؛ ”هن پٿر جي تون قيمت دريافت ڪر.“

Monday, November 8, 2021

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاها ۽ سڃاڻپ جا پارکو - ڀارومل امراڻي

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاها ۽ سڃاڻپ جا پارکو

(لوڪ ادب)

ڀارومل امراڻي



ٿر ۾ هاڻي چئن گهرن جي ڍاڻي، وانڍ ۽ وانڊيئي جو رواج وڌي رهيو آهي پر اڳ ۾ وڏو ڳوٺ ٻڌي مختلف ڪڙمن قبيلن جي ماڻهن جو گڏجي ويهڻ جو رواج گهڻو هوندو هو. وڏا ست راڄ يعني ستن ڳوٺن گڏجي ست راڄي ‘راڄ ڀاڳ’ جوڙيو. ڪٿي ڪٿي ٻارنهن تڙن يعني ۱۲ڳوٺن جو گڏيل راڄ ڀاڳ رهيو آهي. گڏيل راڄ ڀاڳ ۾ وسندڙ ماڻهن جا اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، مرڻا پرڻا، ڏک سک سڀ گڏيل رهيا آهن. هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورين بردارين جو گڏيل پنچائتي نظام يا ڳوٺاڻو راڄوڻي نظام هوندو هو. جنهن ۾ سڀ گڏجي ويهندا هئا. سمورن جي راءِ جي اهميت هوندي هئي. ڪير به ڪنهن کان ننڍو وڏو نه هوندو نه هو. لوڪ ڏاهپ جي چوڻي ۾ چيو ويندو آهي ته؛

Tuesday, October 26, 2021

ڪَتي، گھمندي ڦرندي لٿي.

۱. ڪَتي، گھمندي ڦرندي لٿي. (چوڻي)

۲. ڀلي آئي ڪَتي، جنھن ۾ گري گنجي مَتي. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



مٿي، ڪتيءَ بابت، ٻه چوڻيون ڏنل آھن. منجھانئن پھرين چوڻي، ڪتيءَ جي نکٽ بابت ۽ ٻي چوڻي ڪتيءَ جي مند بابت آھي.

ڪتيءَ جي مند تي نالو پڻ ڪتيءَ جي نکٽ پويان پيل آھي. جو سنڌ ڌرتيءَ جي آسمان تي جون جولاءِ جي مھينن کان نومبر ڊسمبر تائين ڪتي اڀرندي لھندي آھي.

Friday, October 8, 2021

سَتَ ڏينهن سَرُ، ڏھ ڏينهن ڏَرُ، پوءِ جاڏي وڻئي، تاڏي وڃي چَرُ.

سَتَ ڏينهن سَرُ، ڏھ ڏينهن ڏَرُ،

پوءِ جاڏي وڻئي، تاڏي وڃي چَرُ.

(سرو، اڻٽر سچائي، چوڻي)

تاليف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سر؛ سچو سر، سرن جو ٻوڙو.

ڏر؛ خوف، ڊپ، ڀؤ.

چر؛ چرڻ، مال چارڻ.

سر، سيپٽمبر جي ستين تاريخ تي نسرڻ شروع ٿيندو آهي. ان دوران، چٽ جي مند پوري ٿيڻ تي ھوندي آھي. جڏهن سر نسرندو آھي ته ان سان، چٽ ڀڄي پوندي آھي ۽ گرميءَ کي ڌڪ پڻ لڳندو آھي. جڏھن ته ان کان پوءِ به چٽ، ڏھن ڏينهن تائين، ٿوري گهڻي هلندي رھندي آهي ۽ پنهنجو اثر پئي ڏيکاريندي آهي.

Friday, September 24, 2021

جيسين سکيو کڻي ساھ، تيسين بکئي جو وڃي ارواح - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جيسين سکيو کڻي ساھ،

تيسين بکئي جو وڃي ارواح. (ساھتي، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سڃو يا بکيو، سڃ يا بک سبب، سکئي يا وڏي ماڻھوءَ ڏانھن مدد لاءِ واجھائيندو آھي. بلڪ کيس سڏيندو به آھي. ان سڏ تي سکئي جي لوڏ، اٿڻ جو ڍنگ، پيٽ کنھڻ جو انداز، نار نخزا اڃا وڌي ويندا آھن ۽ ڏسڻ وٽان ھوندا آھن.

سندس ان گيسر جي ويساند دوران، بکيو پيو بک اڃ ۾ تڙپندو آھي. سائو، بکئي جي تڙپ ڏسي، بجاءِ تڪڙو اٿي سندس مدد ڪرڻ جي، اڃا گيسر ڪري، پيو دل پشوري ڪندو آھي.

Thursday, September 23, 2021

ڪوھستاني لھجي جا ڪجھ نوان پھاڪا - جوکيو جسارت الياس سنڌي

ڪوھستاني لھجي جا ڪجھ نوان پھاڪا

تحقيق ۽ تحرير


جوکيو جسارت الياس سنڌي


سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي ۾، لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آھي، جنھن بابت، ٻوليءَ جي ناميارن ليکڪن جھڙوڪ؛ الھبچايو يار محمد سمون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانه، عبدالعزيز جوکيو، محمد الياس ھمغم جوکيو، جان محمد جانباز، بشير احمد جوکيو، حاجي شمس دين (ڪونڪرائي)، احسن جوکيو، سکيه خان جانواڻي، پروفيسر امان الله جوکيو ۽ جيجي ج.ع (جنت علي محمد) مُنگھاڻي جو ڪيل ڪم ڳچ وقت اڳ جو ٿيل آھي، جنھنکي نئين سري سان ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي، ڇوته ان ڪم کي اندازن اڌ صديءَ کان به وڌيڪ وقت يا ويھ ٽيھ سالن کان به مٿي جو عرصو ٿي چڪو آھي، جنھن دؤران ٻوليءَ جي اندر ڪافي نواڻ ۽ تبديلي آئي آھي. گڏوگڏ ھت ڪوھستاني لھجي مٿان، وقت جي ردوبدل جي ڪري، ٻين مقامي توڙي ڌارين ٻولين جا به وڏا اثر پيا آھن، جنھن جي ڪري ھڪ بنيادي تحقيقي مطالعي Baseline Research Study جي وڏي کوٽ آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي جون چَوڻيون - جوکيو جسارت الياس سنڌي

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي جون چَوڻيون

جوکيو جسارت الياس سنڌي



ھاڻي اچو ته ھتي سنڌ جي ڪوھستان واري علائقي جون ڪجھ مشھور چوڻيون ۽ انھن جي معنيٰ پڙھون:

”کاڻي شل...!:“ عورتون پنھنجين نياڻين کي مذاق مان چون.

”لَکي وڃ ڪڄاڙو:“ لَکي (ل کي زَبر) وڃڻ مطلب ڄاڻڻ، ڪڄاڙو مطلب ڇا. ھتي ڪنھن به لڪل شيءِ يا ڳجھارت تان پڙدو کڻڻ کي ”لَکي وڃڻ“ چوندا آھن.

”شل نه ڪو پرڻجي، راڄ کيس رُئاڙي:“ مطلب گھوٽيتا، شادي جي دعوت ڏيڻ کان اڳ، ڳوٺ ۾ سڀني کي پرچائي راضي ڪندا آھن ۽ پوءَ ڪاڄ رکندا آھن.

Tuesday, September 21, 2021

گولاڙو، بول کان پچي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

گولاڙو، بول کان پچي

(ٿر، چوڻي/ پهاڪو)

چونڊ: انجنيئر عبدالوھاب سھتو


گولاڙي جي ول، وسڪاري ۾ سڀني ولين کان سرخرو نظر ايندي آهي. ڪو به ڪنڀٽ، ڪنڊو، ڪرڙ يا ڄار اهڙو نه هوندو، جنهن تي هيءَ ول جلوه افروز نه هجي. منجهس ڳاڙهي رنگ جو هڪ گول ميوو پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي گولاڙو سڏبو آهي.

برسات ۾ گولاڙي جا گدام لڳيو وڃن. پر ماڻهن کي نصيب ورلي ٿين. ان جو سبب اهو آهي جو وسڪاري جي نعمتن جا، نه رڳو ماڻهو سڪايل هوندا آهن، بلڪ ٿر جا پکي پکڻ پڻ سڄو سال آسروند هوندا آهن. اهي پنهنجو دسترخوان انهن گولاڙن تي ڪندا آهن.

Tuesday, September 14, 2021

سنڌي اخبارن ۾ اصطلاحن جو استعمال - خالد آزاد وگھيو

سنڌي اخبارن ۾ اصطلاحن جو استعمال

(هڪ جائزو)

خالد آزاد وگھيو



سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، استعمال ۽ ڦهلاءُ جي ڏس ۾ سنڌي اخبارن جو وڏو ڪم ۽ ڪردار آهي. سنڌيءَ ۾ روزانو شايع ٿيندڙ اخبارن جي تعداد مان ئي، ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ واهپي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو ، جڏهن ته  خبرن ۽ مضمونن  ۾ اصطلاحن جو مناسب ۽ اثرائتو  استعمال جهڙيءَ طرح سنڌي اخبارن ۾ ڪيو وڃي ٿو، سو ملڪ اندر ٻين ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن، جهڙوڪ: اردو، انگريزي، پنجابي، پشتو، بلوچي، براهوي يا سرائيڪيءَ کان سو دفعا سهڻو آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ شايع ٿيندڙ انگريزي اخبارن ۾ به اصطلاحن جو مناسب استعمال نظر اچي ٿو، پر پوءِ به اهو سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي. ان ڪري، ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته روزانيءَ جي بنياد تي شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارون، سنڌي ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ واهپي ۽ ڦهلاءُ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻوليءَ جي بگاڙ جي ذميواري به سنڌي اخبارن تي عائد ڪئي ويندي رهي آهي، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته، جهڙيءَ طرح سنڌي اخبارون پنهنجي مواد ۾ اصطلاحن جو بهترين استعمال ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ جي شاهدي ڏينديون رهيون آهن، سا ڳالهه يقيني طور تي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار جي اظهار جو هڪ نمونو آهي.

Wednesday, September 1, 2021

پنڻ بيڪار - منظور ڪوھيار

اتم کيتي، وڌندڙ واپار،

نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار. (چوڻي)

منظور ڪوھيار



پر پير پٺي جي هڪ هم عصر بزرگ، جميل شاھ ڏاتار گرناريءَ جي مزار تي وڃو ته خبر پئجي ويندو. قطارون ڪيون، ڏاڪڻين تي فقيراڻيون ويٺيون آھن. اندر گھر ته ڏنڊا ڏوٺا مجاور بيٺا آھن. وٺن ائين ٿا ڄڻ لهڻو هجين. هيٺ لھ ته ٻار ڀون! ڀون! ڪندي چيلاٽن وانگيان چنبڙي ٿا وڃن. نه ڏسي سگھ، نه گھمي ساءُ ڪر. جيتوڻيڪ چؤڦير سبزه زاري، آباد ٻنيون ۽ چڱا چؤکا ڳوٺڙا آھن. شايد پنڻ مڱڻ هاڻي عيب نه، حرفت بڻجي ويو آھي.

Monday, August 30, 2021

مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو، جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ نه ڏٺو - منظور ڪوھيار

مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،

جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ نه ڏٺو! (لاڙ، چوڻي)

منظور ڪوھيار



ڪالھ صوفي زلف علي سان گڏجي پير پٺي جنهن لاء هڪ ٻي چوڻي/ پهاڪو به مشهور آھي، ته با برڪت پير پٺو؛ هڪ مئو، هڪ ڊٺو!‘، جي درگاه ڏسڻ وياسين. واٽ تي مڪليءَ تان رونق علي قلندري فقير کي به ساڻُ ڪيوسين. پير پٺي جي درگاه هڪ ننڍي ٽڪري جي پٺار تي ٺھيل آهي. ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌوءَ جي ڪنهن گم گشته درياهي تڙ جو حصو هجي. جنهن جي هيٺان وهندڙ سنڌوءَ ۾ ٻيڙن ۽ ٻيڙين جون قطارون لڳيون پيون هجن. هڪڙيون اچن ته ٻيون وڃن پيون.

Saturday, August 28, 2021

سڄڻ سو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي.

سڄڻ سو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي. (چوڻي)

ترتيب و تدوين: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



هڪڙي ھمراھ، ڇيلي جي گوشت مان ڀت جون ٻه ديڳيون تيار ڪرايون. ڀاءُ کي چيائين؛ ”ادا! وڃ! ڳوٺ ۾ جيڪي پنھنجا مائٽ ۽ دوست آھن، تن کي سڏ ڏئي اچ ته ڀت کائي وڃن.“

ڀاڻس، گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ وڏي واڪ سڏ ٻڌائيندو ويو؛ ”ادي جي گهر کي باھ لڳي آهي. جلدي مدد لاءِ پھچو.“

ڪِريي کي، سڀڪو لتاڙي

ڪِريي کي، سڀڪو لتاڙي. (لاڙ، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



رش يا ڀيڙ ۾، جڏھن لتڙ ٿيندي آھي ته ڪِرڻ جو انديشو ضرور ھوندو آھي. اتي پاڻُ، چڱيءَ طرح سنڀالڻو ھوندو آھي. اگر ڪير ڪريو ته ان کي ٻيو ان ڪري به ھٿ نه وجھندو جو متان پويان ايندڙ انبوھ جي ڌڪن ٿيلھن ۾ پاڻ به ڪري پوي. پوءِ انھن جي لتڙ ھيٺ اچي وڃي.

Tuesday, August 24, 2021

ضد ۾ وڏيرو، گڏھ کان به زور

ضد ۾ وڏيرو، گڏھ کان به زور. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



دنيا اندر، ٽن ڄڻن جا ضد مشھور آھن. ھڪڙو بادشاھ، ٻيو ٻار ٽيون عورت.

انھن لاءِ ٿري چوڻي آھي؛

بادشاھ ھٺ، ٻاريه ھٺ، ناريءَ ھٺ؛ ڪڏھن نه ھَٽُ. (ٿر، چوڻي)

ان جي تشريح ۾ جيڪا ڄاڻ ملي سا آھي: ۱. بادشاھ جنھن ھوڏ تي چڙھي، مور نه لھي. سندس حڪم مڃيو ويندو ۽ مٿس بادشاھي خزاني مان خطير رقم سان خرچ پڻ ڪيو ويندو آھي. ۲. ٻار جنھن ريچڪ تي چڙھي، ان تان آتارئي به نه لھي. جيستائين ان جو اھو رانگو پورو نه ٿيندو تيستائين پيو روئندو ۽ رينگندو. جڏھن ھوڏ پوري ٿيندس پوءِ ماني کائيندو، ور نه ته بک تي ستو پيو ھوندو. ۳. رن جڏھن رانگي تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي وجهي پر رانگي تان نه لھي.