Monday, November 8, 2021

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاها ۽ سڃاڻپ جا پارکو - ڀارومل امراڻي

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاها ۽ سڃاڻپ جا پارکو

(لوڪ ادب)

ڀارومل امراڻي



ٿر ۾ هاڻي چئن گهرن جي ڍاڻي، وانڍ ۽ وانڊيئي جو رواج وڌي رهيو آهي پر اڳ ۾ وڏو ڳوٺ ٻڌي مختلف ڪڙمن قبيلن جي ماڻهن جو گڏجي ويهڻ جو رواج گهڻو هوندو هو. وڏا ست راڄ يعني ستن ڳوٺن گڏجي ست راڄي ‘راڄ ڀاڳ’ جوڙيو. ڪٿي ڪٿي ٻارنهن تڙن يعني ۱۲ڳوٺن جو گڏيل راڄ ڀاڳ رهيو آهي. گڏيل راڄ ڀاڳ ۾ وسندڙ ماڻهن جا اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، مرڻا پرڻا، ڏک سک سڀ گڏيل رهيا آهن. هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورين بردارين جو گڏيل پنچائتي نظام يا ڳوٺاڻو راڄوڻي نظام هوندو هو. جنهن ۾ سڀ گڏجي ويهندا هئا. سمورن جي راءِ جي اهميت هوندي هئي. ڪير به ڪنهن کان ننڍو وڏو نه هوندو نه هو. لوڪ ڏاهپ جي چوڻي ۾ چيو ويندو آهي ته؛


’مُڱَ جو ڪڻ، مُڱَ جي ڪڻ کان موٽو (وڏو) نه آهي.‘

پر وقت گذرڻ سان هڪڙي اڳواڻ جو رواج پيو. گهر جي اڳواڻي کان وٺي پاڙي، ڳوٺ، ست راڄي ۽ ٻارنهن تڙن تائين جڙيل گڏيل نظام ۾ مختلف لقبن جا ڌڻي سامهون آيا. انگريز دور ۾ لفظ ‘پٽيل’ پروان چڙهيو. پٽيل  جي معني آهي ٻني جي مالڪاڻي حق وارو پٽو رکندڙ. جنهن کي ٻنين جي مالڪاڻي حق وارا وڌيڪ پٽا مليا، اهو ٿيو وڏو پٽيل. مکي ۽ ٽيلات بردارين جا اڳواڻ هوندا آهن. اهڙيءَ طرح وڏيرو به ڳوٺ ۾ وڏي حيثيت رکندڙ کي چيو ويندو آهي. انهن سان گڏ راڄ ڀاڳ ۾ نيڪ مرد جي ناموس رهي آهي. ڳوٺ جي نيڪ مرد کي اڄ به ‘ساک پت’ وارو چوندا آهن. جنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو ويندو آهي. هن جي ڳالهه، قسم جي برابر هوندي آهي. ڪنهن معاملي تي چار چڱا مڙس لنگهي ويا يا ڪنهن وٽ منٿ ميڙ ڪئي ته معاملو در گذر ڪيو ويندو آهي. فيصلي دوران يا اڳ ۾ جوابدار ڌر جي وڏي يا ان جي پاران ڪنهن نيڪ مرد منٿ جي لاءِ پٽڪو لاٿو ته به ڏوهه معاف ٿي ويندو آهي. نياڻين جي ميڙ کي وڏو مان ڏنو ويندو آهي.

پٽيلن ۽ وڏيرن ۾ ڪي ڀلا ٿيا ته ڪي ڍلا. ڪردار جي ڪچن، ڍلن حرفتي پٽيلن ۽ وڏيرن کي ‘تروٽي پٽيل’ ۽ ‘تروٽي وڏيرا’ سڏيو ويو. انهن انگريزن جي پاليسي ‘وڙهايو ۽ راڄ ڪريو’ کي مقامي سطح تي آڻي پنهنجن ماڻهن تي لاڳو ڪئي. انهن جي سوچ جو تسلسل رکندڙ اڄ به راڄ ڀاڳ جي ريتن رسمن کي ريٽي سماجي ڇڙواڳي کي وڌائي ڪڙمن ۽  قبيلن کي گسن گهيڙن، پڊن، پلاٽن، وٿاڻن، واڙن ۽ ٻنين جي مهاڳن، پاڻي ڍورن ۽ يڪسالن جي معاملن ۾ وڙهائڻ جي پوري ريت جستجو ڪري رهيا آهن.

راڄ ڀاڳ جي سٺن رکوالن وٽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ڀلائي جو واضح ادراڪ ھوندو ھو. اهي پنهنجي تصور سان جذباتي وابستگي هئڻ باوجود، ڌيرج کان ڪم وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪٿي هار پلئه پوندي هئي ته به پاڻ سنڀالي، اڳتي وڌڻ جو حوصلو رکندا هئا. جيڪڏهن راڄ ڀاڳ ۾ ڪي شيون غلطفهين جي ور چڙهي، غلط رخ اختيار ڪري وينديون هيون ته انهن کي روڪڻ جي لاءِ انهن وٽ لوڪ ڏاهپ جي آڌار اپاءُ هوندا هئا. هو اثرائتي ڪردار سان پنهنجي تصور جي راڄ ڀاڳ جو تحفظ ڪندا هئا. ماڻهن کي سمجهڻ ۽ انهن سان گڏجي راڄ ڀاڳ جي معاملن کي سنڀالڻ جي لاءِ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ، ضروري سمجهندا هئا. ان جي لاءِ وقت ڪڍندا هئا. ائين ڪرڻ سان انهن کي راڄ ڀاڳ جي ماڻهن جي ويچارن، انهن جي سگهه يا قوت ۽ ڪمزورين متعلق ڄاڻ ملندي هئي. جنهن جي آڌار راڄنيتي جي معاملن کي نبيرڻ ۽ نئين رٿابندي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي.

راڄ ڀاڳ جا اڳواڻ، ڪو به ڪم اڪيلي سر نه اڪلائيندا هئا. پنهنجي راڄ جي اهل ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري، انهن کي بااختيار بڻائيندا هئا. انهن کي ئي فيصلي سازي جي عمل ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اتساهيندا هئا. اهڙن راڄوڻي اڳواڻن جو مثبت رويو، انهن کي مختلف قسم جي نقطه نظر کي سمجهڻ ۽ معاملن جا حل ڄاڻن جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. هو وقت به وقت ماڻهن کي يقين ڏياريندا هئا ته اهي راڄ ڀاڳ جي رکوالي ۾ ڀروسي جوڳا آهن. اهي مقصد ماڻي سگهن ٿا، جيڪي انهن طئه ڪري رکيا آهن. انهن کي ڪير للڪاريندو هو ته اهي پنهنجي بچاءَ جا گس گهيڙ ڳولڻ جي بدران پوري اعتماد سان للڪار کي قبول ڪندا هئا. پوءِ حالات ڪهڙا به ٿي پون پر پنهنجي بنيادي اصول واري سچي ۽ کري موقف تان نه هٽندا هئا. ٿري سماج ۾ سخي ۽ بهادر جي وڏي اهميت رهي آهي. عام ماڻهو اڏول اڳواڻن جي نه صرف جذبي کي ساراهيندا هئا پر پاڻ به انهن سان گڏ، جان گهورڻ جي لاءِ تيار ٿيندا هئا. وقت اچڻ تي پڙ ۾ پهلوانن وانگر پهرين اڳواڻ هوندو هو ۽ پوءِ ٻيا راڄ وارا لهندا هئا.

شراڪتي بنيادن تي جوڙيل پنجائت ۽ راڄ ڀاڳ جي منظم پابندي ۾ سڀ سريکا هوندا هئا. اڻ لکيل سماجي ٻنڌڻن ۾ ڪو به وڏو ننڍو نه هوندو هو. ڪو به سماجي قائدي جي ڀڃ ڪڙي ڪندو هو، ان کي راڄ ڀاڳ جي فيصلي تحت سزا ملندي هئي. وڻن جي واڍي ۽ شڪار تي سماجي پابندي هوندي هئي. ڳوٺ جي اجهور ۽ نياڻ جي ارد گرد جو خاص خيال رکيو ويندو هو. اٺ-سواري هجي يا گهوڙي-سواري، ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري لهي پنڌ ڳوٺ ۾ داخل ٿبو ۽ ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري ٻاهر نڪري سواريءَ تي چڙهبو هو. ڳوٺ ۾ مٿي اگهاڙو نه هلبو هو. اجرڪ، پٽڪو، انگوڇو وغيرهه مٿي تي ٻڌل هوندو هو يا ٽوپي پاتل هوندي هئي. ڳوٺ ۾ هلندي ٻار ٻچا سامهون اچي ويندا هئا ته مرد هڪ پاسي ٿي بيهندا هئا. مقام يا مساڻ وڏن ماڻهن جو هجي يا ننڍن ٻارن جو، وڏو احترام ڪيو ويندو هو.

ڳوٺ جي مکي، پٽيل يا وڏيري ڪٿي فيصلي ۾ رياءُ ڪري ڪنهن ڌر جو پاسو ورتو يا ‘اک پور’ ڪئي ته ست راڄي نيڪ مرد گڏجي ان کي ڏوهي ڪندا هئا. لوڪ ڏاهپ ۾ راڄوڻي نياءُ سگهاري سماج جو، بنيادي اصول رهيو آهي. انصاف سان سماج اڳتي وڌندا آهن. جنهن سماج ۾ انصاف نه هوندو آهي، اهو سماج بربادي جي اوڙاهه ۾ اچي ڪرندو آهي. لوڪ ڏاهپ تحت، ڪنهن به راڄوڻي فيصلي ۾ فيصلو ڪندڙ راڄوڻي امين وٽ برداشت جو مادو هجڻ ضروري آهي.

سپوتر سخن سهي، جوُن وڍ سهي وڻڪار،

ڌرتي ڪني ڌپ سهي، جوُن دريا سهي آر.

(سپوٽ، ماڻهن جا ڪڙا ٻول به سهندا آهن. وَڍَ (ڪهاڙي جا)، وڻڪار سهندي آهي. ڌرتي، هر ڪني ڌپ ائين سهندي آهي، جيئن درياههُ پاڻيءَ جو آر سهندو آهي.)

ڳالهين دوران ڌريون جذباتي به ٿي وينديون آهن. امين نه صرف صبر سان ٻڌندو آهي پر ماحول کي پنهنجي هٿ هيٺ رکندو آهي، جيئن ڳالهين دوران ڪو اڻ وڻندڙ واقعو به پيش نه اچي. ڌرين جا به امين هوندا آهن. ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي پوءِ آخر ۾ ڳالهين جي تور تڪ ڪري، معاملي کي مڪمل سمجهي ڳالهين ۾ ڳالهه کي کٽائي بي رياءُ فيصلي جي امانت ڪندي فيصلو ٻڌائيندو آهي. جنهن تي ٻئي ڌريون اتفاق ڪنديون آهن. فيصلو قبول ڪرڻ کان پوءِ، ٻئي ڌريون عمل ڪرڻ جون پابند هونديون آهن. فيصلو ڪندڙ مک، ڳالهيون ٻڌڻ دوران نه صرف هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو آهي پر چهري جي تاثر کي پڙهندو آهي. ماهر نفسيات وانگر ڳالهه جي ڪرڻيءَ مان پرکيندو آهي ته سچ ڪيترو آهي؟ جيڪڏهن معاملو ڳالهين ۾ نه نبريو ته پوءِ ساک ورتي ويندي آهي. لوڪ ڏاها چوندا آهن ته؛

ڪوڙو ڀلو نه ڪوڪرو، سچي ڀلي نه ساک،

 ڏنو ڀلو روپيو، ليو ڀلو نه لاک. [۱]

فيصلي تي عمل ڪرائڻ اهم هوندو آهي. امين ڪوشش ڪندو آهي ته فيصلي ۾ ڏنڊ وغيرهه نه وڌو وڃي. جوابدار ڌر يا ان جي پاران ڪنهن ٻئي معزز جي منٿ ميڙ ڪرڻ يا لنگهي وڃڻ سان مسئلو حل ٿي وڃي. فيصلي ۾ اڪثر طور ڌرين جي انا ڪر کنيل هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن امين، ڌرين جي انا کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻ منٿ ميڙ ڪندو آهي يا پاڻ هڪ ڌر يا ٻنهي ڌرين وٽ لنگهي ويندو آهي. ڏنڊ جو ٽڪو به اوترو، جيترو لک. ڏنڊ اڪثر طور تمام ٿورو رکيو ويندو آهي. فيصلو ڪندڙ امين، ڏنڊ پاڻ وٽ امانت طور رکندو آهي يا ڪنهن ٻي ڌر وٽ امانت طور رکائيندو آهي. اڪثر طور ڏنڊ ورتو نه ويندو آهي. ڏنڊ معاف ڪيو ويندو آهي. منٿ ميڙ ۽ معافيءَ تي ڌريون هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏينديون آهن. فيصلو امين پاڻ وٽ يا ڪنهن اڻ ڌري جاءِ تي رکندو آهي. ڌرين مان ڪنهن جي جاءِ تي نه رکيو ويندو آهي.

ٿر جي ڳوٺن ۾ راڄن ڀاڳن جي چتر ڏاهن، وڏي سهپ رکندڙ، دور انديش دانائن جو رڳو ذڪر ڇيڙي ڏسو ڪيترا نامور نالا ۽ ڪيترا انهن جي ڏاهپ ڀريا راڄ ڀاڳ کي ميڙي رکڻ جا قصا ٻڌڻ جي لاءِ ملن ٿا. چپن تي بي اختيار لفظ تري اچن ٿا ته ڇا ته ماڻهو هئا؟ ڇا ته تن جي ڏاهپ هئي؛ پر هاڻي ڏاهپ جو ڏڪار اچي رهيو آهي؛

ڏيس سارو ڀوميو، ماڻسان بهت سڪاڙ،

جن ڏٺي جي ٺري، اوئان ماڻسان پڙيو ڏڪاڙ.

(مون سارو ديس جانچي ڏٺو، ماڻهو ئي ماڻهو آهن، ماڻهن جو وسڪارو آهي، پر جن ماڻهن کي ڏسڻ سان جيءُ ٺري انهن ماڻهن جو ڏڪار پئجي ويو آهي.)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چِت،

اڻ لوڀي نينهن گهڻو، او ساجن ڪِٿ!

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن. بي گڻا ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن. جن وٽ لوڀ لالچ کان سواءِ نينهن گهڻو آهي. منهنجا ساجن ڪٿي آهن؟)

ڀلا ڀو نه وسرين نگڻ نه آوي چيت،

هاڏي هنس نا جنمي، ڪُڙ ري نه ڇڏي ريت.

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن، بي ڳڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن. ڪانگ ڪڏهن هنج کي جنم نه ڏيندو آهي. هُو نسل جي ريت نه ڇڏيندو آهي. ڪانگ جو ڄاول ڪانگ ئي رهندو.)

ڀلا ڀو نه وسرين، نگڻ نه آوي چت،

ٽانٽي ٽوٽي جاسي، ڀار جهلسي ڀت.

(ڀلا ماڻهو ڪڏهن نه وسرندا آهن. بي ڳڻ ڪڏهن چت تي نه ايندا آهن. ٽانٽي (کپ جي ڪکن/ ڪنڊن جي ديوار/ لوڙهو وغيره جنهن تي اڪ/ ڄار وغيره جي سنهين ڪاٺين سان نوڙي جي سلائي ڪئي ويندي آهي.) وزن اچڻ سان ٽٽي ويندي آهي، پر ڀت وزن جهليندي آهي.)

چون ٿا ته هڪ ڀيري راڄوڻي ڏاهي وٽ فيصلو آيو ته؛ ڇوڪريءَ پهرين ٻار جي جنم جي حوالي سان مائٽن ۾ ڪوٺايل هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڇوڪريءَ جي ڀاءُ جي گهر به حمل هو. اتفاق سان ٻنهي جي ڊليوري ساڳئي ڏينهن تي ٿي. ڇوڪريءَ جي ماءُ دائيءَ کان پڇيو ته منهنجي نياڻيءَ جو ٻار ڪهڙو ڄائو آهي ۽ منهنجي پٽ جو ڪهڙو؟ دائيءَ ٻڌايو ته تنهنجي نياڻيءَ جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري کي ڇوڪري ڄائي آهي. هن دائيءَ کي لالچ ڏيندي چيو ته بدلائي ڇڏ. دائيءَ ائين ڪري ڇڏيو. وڌايون شروع ٿيون. ڇوڪريءَ جي ساهرن وٽ ڳالهه پهتي ته انهن جي ننهن جي ڌيءَ ڄائي آهي. ان تي ساهرن چيو ته اسان جي گهران ويندڙ اسان جي ننهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ پير کڻڻي مان معلوم ٿيو ٿي ته پٽ آهي. ائين معاملو وڌيو. نيٺ راڄوڻي فيصلي تي پهتو. هڪڙي چڱي مڙس جي فيصلي تي اتفاق ٿيو. فيصلي جي لاءِ ٻه همراهه گڏجي ڀر واري ڳوٺ جي چڱي مڙس کي وٺي آيا. چڱي مڙس سونارڪي هٽ جون ٻه ساهميون ۽ ٻه ساڳي وزن واريون ننڍيون وٽيون گهرايون. وارثن کي چيائين؛ امڙين کي چئو ڌار ڌار وٽيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي ڇاتي مان کير ڪڍي ڏين. پوءِ کير جو وزن ڪري چيائين وزن وارو کير پٽ واري ماءُ جو آهي ۽ وزن ۾ گهٽ کير ڇوڪريءَ جي ماءُ جو آهي. پوءِ ڇوڪريءَ جي ماءُ وارن پنهنجي غلطي تسليم ڪئي. پٽ، پنهنجي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو.

انهن ڏاهن ماڻهن وٽ، هر وک توڙي ويچار ۾، اجتماعي سوچ وڏي ڪيڏي فهم واري ٻوليءُ هوندي هئي. ڪڏهن انهن ائين نه چيو ته هي ٻني منهنجي آهي پر سدائين چيو ته هي ٻني پنهنجي آهي. جيڪاري واري ٻولي ۾ مخاطب ٿيندا هئا. لوڪ ڪوي چيو آهي ته؛

اکر سڀ سکر هي، ڪڇ ڪهڻي ڪا بيڻ،

اوئي ڪاجل ٺڪري، اوئي ڪاجل نيڻ.

(لفظ سڀ سهڻا آهن، پر ڪجهه چوڻ جو فرق آهي. جيڪو ڪجل (ٺڪريءَ) تي ڪم اچي ٿو [ڪنڀر مٽيءَ جي برتن تي ڪجل کي مس ٺاهي چٽ ڪڍندو آهي.] اهو ئي ڪجل سهڻين اکين جي حسن جو حصو به ٿئي ٿو.)

دوهي جي هي سٽ هن ريت به ملندي آهي؛

اهي ٻئي تاک سانڊي رکجو سڄڻو. [۱]

ٿر جي ڳوٺن ۾ لوڪ ڏاهپ جي ڏيا رکندڙ پارکو رهيا آهن، جيڪي ماڻهو جي اٿڻي ويهڻي، منهن مهانڊي ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي هن جي نسل، ڪڙم قبيلي بابت پڇڻ بنا ٻڌائيندا آهن. اڳ ۾ اهڙا گهڻا هوندا هئا پر هن وقت به راڄن ڀاڳن ۾ پڇا ڪرڻ تي ٻه چار پارکو ملي ويندا آهن. پارکو، ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ جي لاءِ، پهرين ماڻهوءَ جي لوڏ کي ڏسندو، پوءِ وک کڻڻي، ائين جانچيندو وڃي چهري تي پهچندو. ڪٿي ڪنهن جي اڍ، ڪنهن جو اڻهار (اڻسار) ملي ٿو. وري نڪ، ڪن، اکيون، پيشاني ۽ وار چتائي ڏسندو. اڃا جي سڃاڻڻ ۾ نه آيو ته پوءِ ٻوليءَ ۾ پرکيندو. ٻوليءَ مان به چڙهي ويو ته پوءِ اٿڻي ويهڻي جي ورتاءُ ۽ مزاج جي سڀاءُ تي ضرور پرکي وٺندو آهي.

ماڻهوءَ جي طبعي يا ظاهري وصف ۾ اک جو رنگ، قد، وارن جي ساخت ۽ رنگ روپ اهم هوندا آهن. ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڏاڏاڻن يا ناناڻن جو اثر ملندو آهي. لوڪ ڏاهپ جا ڏاها چوندا آهن ته؛ ’ناناڻا نو پيڙهيون ڇڪيندا آهن.‘ ڪنن جون پاپڙيون جڙيل آهن يا آزاد آهن. ڪن ننڍا آهن يا وڏا آهن. اکيون رنگ جون ڪاريون، نيريون، سايون، ناسي هجڻ سان گڏ ننڍيون وڏيون ڪهڙيون آهن، ٻولي مٺي آهي، کاري آهي، ڌيمي آهي، کهري آهي. کڙڪ آهي، ٻاتاڻ آهي يا چٽي آهي. هموار کاڏي آهي، ڏريل آهي. هي سڀ خصوصيتون والدين کان اولاد ۾ موروثيت طور ملنديون آهن. ٿر جي ماڻهن جي لوڏ مان لکڻ واري پرک کي ڳائيندي لطيف چيو آهي؛

مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڻا، چڪندڙا اچن،

کڙيون کهه ڀڪليون، پگهر سين پيرن،

اي وڙ ويڙيچن، مون لوڏان ئي لکيا.

(شاهه جو رسالو مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ص ۳۳۳)

ٿر جو سماجي تاڃي پيٽو ٽٽڻ سبب، راڄنيتي جيان ٿر جي راڄن مان لوڪ ڏاهپ جي اها پرک به گهٽجي رهي آهي. پر پوءِ به ڳوٺن ۾ ڳولڻ سان اهڙا پارکو ملي سگهن ٿا. مالڻهور کاوڙيه جو رهواسي سانگيڏان ۽ اکيراج جو سروپ سنگهه، لوڪ ڏاهپ جي هيءَ پرک رکندڙ آهن.

لوڪ ڏاهپ جي ڏيا رکندڙ راڄن ڀاڳن جي رکوالن کي ٿر جي لوڪ زندگي جي سونهن کي پوندڙ ميرانجهڙا سر کٽڪي رهيا آهن. انهن کي هر وقت الڪو آهي ته ‘ٿر کي ڪوجهو نه ڪريو.’ صدين کان جاري پيار محبت ۽ ڀائيچاري جي رهاڻ کي متاثر ڪري  رواداريءَ جي سماجي تاڃي پيٽي کي نه ٽوڙيو. انهن ڪيفيتن کي محسوس ڪرڻ جي لاءِ هينئين جا هڏ کپن ٿا. ٿر جي لوڪ ڏاهپ جا ڄاڻو چون ٿا ته؛ ’ظاهري ترقيءَ جا اهڃاڻ، ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿيا آهن ۽ ڪٿي دنگ ڪندا، انهيءَ جي خبر نه آهي. پر ٿر جي سونهن جي گهٽجڻ جا آثار، چٽا ڏسجي ۽ پرکجي سگهجن ٿا.‘

 

(ڀارومل امراڻي جي ڪتاب “ٿر جي لوڪ ڏاھپ” ۾ ڇپيل)

 

(ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ وال تان ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment