Saturday, December 25, 2021

ننڍڙي مري نه ماءُ- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ننڍڙي مري نه ماءُ، ٻڍڙي مري نه جوءِ،

ڪنت چڙيلي نا مري، مت جھڻڪ وھيڻي ھوءِ! (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ننڍڙي؛ ننڍي ھوندي، ٻال اوسٿا ۾. ان عمر ۾ ماءُ کان سواءِ ڪير به ٽھل ٽڪور نه ڪري سگھندو آھي. نه گونھ مٽ جي ڪندو ۽ نه وقت تي کاڌي پيتي جي ڳڻتي ھوندس. روئڻ ۽ رسڻ تي پرچائڻ وارو به ڪير نه ھوندو آھي.

ٻڍڙي؛ ٻڍاپي ۾، ڪراڙپ ۾، جڏھن ڀائر ۽ ڀينر به جدا فدا ٿي وڃن يا مري کپي وڃن. ان وقت مرد کي فقط ۽ فقط گھر-واريءَ جو سھارو ھوندو آھي. ان عمر ۾ پٽ ۽ نوھر ته ٺھيو پر سڳي ڌيءَ به ھٿ نه وجھندي آھي. ڀيڻ ڀرائي ته اڃا وٿيرڪا ھوندا آھن.


ڪنت؛ مڙس. چڙيلي؛ ننڍي نيٽي جوءِ. نوجوان عورت، جنھن پرڻي جو ڏيک ڏٺو آھي، ان جو اگر مڙس مري ويو ته پوءِ ان جا ڇيھ ڇڄي ٿا پون. جو ھاڻي وري پھرئين ور جھڙو ور، کيس وري ملڻو ناھي. جو چون ٿا؛ ”ور ته پھريون ور، ٻيو آھي ڪارنھن جو ٺڪر.“ ڪن جاتين ۾ ته اھڙي ڏھاڳڻ کي ھر ڪو نڀاڳي يا نحس سمجھندو آھي. اتي ڄڻ ته مري وئي. جو ٿر اندر چوڻي آھي؛ ”مُٺي، کوڻي ۾ روئي.“ اتي مُٺي مان مراد اھا عورت آھي، جنھن جو مڙس مري ويو ھجي.

مطلب: ننڍي عمر ۾ ماءُ جو سايو، ڪراڙپ ۾ زال جو سھارو ۽ جوانيءَ ۾ عورت جو مڙس ويو ته جھڻڪ به نه سھي سگھندا.

۲. مٿي ڄاڻايل ٽئي ڄڻا، عمر جي ان حصي ۾ سھارو نڪري وڃڻ پڄاڻان، ڪنھن جي جھڻڪ به نه سھي سگھندا.

No comments:

Post a Comment