Tuesday, November 23, 2021

ڪانءُ - هڪ چالاڪ ۽ چست پکي - مدهوش مير

ڪانءُ

هڪ چالاڪ ۽ چست پکي

مدهوش مير



دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو پکي، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جيڪو سنڌ جو مقامي پکي ته ناهي پر هن جي تاريخ ڏاڍي دلچسپ آهي. ڪانءُ، جنهن کي شاعرن جي امام لطيف سرڪار سر پورب ۾ واکاڻيو آهي ۽ هڪ وڏي ذميواريءَ جو ڪم، ڪانءُ کي ڏئي ٿو ته؛

ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛

آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيھو، وِچ مَ وِساريجِ؛

اَللهُ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجهو ڳالِهائيجِ؛

چُئان تِئَن چئيجِ، ته کِنياتا! خوشِ هُئين.

اي ڪانگ! پرينءَ کي سلام ۽ نياز ڪري، کيس پيرين پئجانءِ! ۽ منهنجو پيغام جو ڏيانءِ، سو واٽ تي وساري نه ڇڏجانءِ! ڌڻيءَ جي واسطي، ساڻس ڳجهه ڳوھ ۾ ڳالهائجانءِ! اي ڪانگا! جئن تو کي چوان، تئن چئج، ته هميشه خوش هوندين. هيءَ لطيف جي اها خوبي آهي، جنهن ٻين شاعرن کان هٽي، ڪانءَ کي ان صف ۾ ڳڻي پيش ڪيو آهي. پوري دنيا اندر ڪانون جا چاليھ قسم آهن ۽ ڪانون جي گهڻائي ايشا جي ملڪن ۾ آهي.


ڪانءُ ٻين پکين کان گهڻو منفرد آهي. سنڌيءَ ۾ ڪانءَ بابت گهڻيون چوڻيون آهن. هڪ عام چوڻي ته؛ ”سياڻو ڪانءُ، ٻه ٽنگو ڦاسندو آهي.“ جيڪا چوڻي سراسر غلط آهي. آمريڪا جي Ornithologist پکين جي دنيا جي ماهر شاعر ليکڪ Alexander Wilson جي هن لفظن جي ڀيٽ ۾ ته ڪانءُ ٻين پکين کان گهڻو ذهين هوشيار آهي. هو لاپرواهه ناهي. هر وقت الرٽ رهندڙ، هڪ سياڻو پکي آهي، جيڪو پنهنجي ڏاهپ جي ڪري سؤ سال کان وڌيڪ عمر جو ٿيندو آهي، تڏهن هن جي هڪ پر ۾ اڇو کنپ ڦٽندو آهي. ڪانءُ حادثاتي موت نه مري ته ٽيھ سالن جي ڄمار ماڻيندڙ پکي آهي. ڪانءُ اهو پهريون پکي آهي، جيڪو دشمنن جي هر منصوبي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته مٿين چوڻيءَ کان وڌيڪ ”ايلگزينڊر ويلسون“ جي ريسرچ ٿيل پوائينٽ آهي، جيڪا ڪانءَ متعلق گهڙيل ڪهاوت کي رد ڪرڻ جهڙي لڳي ٿي.

هڪ ٻيو فطرت پسند انسان Spencer Fullerton Baird جنهن کي پکين جو پيءُ به چيو وڃي ٿو. هن جو موت به پکين لاءِ حد کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ واري ڊسٽربنسن جي ڪري ٿيو. ڏينهن رات ڪم ڪرڻ سبب بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽرن مشورو ڏنس ته ڪم گهٽ ڪر. نه مڙيو، آخر دنيا ڇڏي ويو. اسپينسر پنهنجي ڪتاب جي پهرئين جلد The Birds of North America ۾ ڪانءَ بابت لکي ٿو ته؛ ”ڪانءُ، پوري دنيا ۾ رهي ٿو. مثال آمريڪي ڪانءَ شمالي آمريڪا ۾ رهن ٿا ۽ کليل جڳهين کي پسند ڪن ٿا. پر دنيا جي ٻين ملڪن جا ڪانءَ جهنگن سميت، بر پٽن ۾ رهن ٿا. مطلب ته ڪانءُ، هر جاءِ، ھر ماحول ۾ پاڻ کي زم ڪري ڇڏي ٿو. انڊيا ۽ پاڪستان ۾ جيڪي ڪانءَ آهن، انهن کي house crow چيو وڃي ٿو. جيڪي گهرن ۽ ماڻهن جي ماحول سان مليل هوندا آهن. ڪانءُ، انسان جي سڃاڻپ رکندڙ پکي آهي. انسانن سان وڌيڪ پيار ڪري ٿو. انسان کي سڃاڻي ٿو. هڪ دفعو هن کي داڻو ڏيو، وري ساڳئي ٽائيم تي هيءُ اوهان جي در جي ان جاءِ تي پهچي ويندو. اگر هن کي اوهان داڻو نه ڏنو ته ٽي ڏينهن اوهان ڏي پيو ايندو. پر سال کن هن کي داڻي تي هيرائي هٿ ڪڍي وڃو ته هي بچيل پنهنجي سڄي عمر ۾ پيو ان جاءِ تي ان مالڪ کي ياد ڪرڻ ايندو آهي. اهڙو داستان، هڪ ٻيو به دلچسپ آهي. جڏهن آمريڪا ۾ هڪ پوڙهو شخص مري ويو ته ان وٽ هڪ ڪانءُ آيو. ماهرن جي ان کوجنا کي وڌيڪ سگهارو ڪري ويو ته ڪانءُ انسان کي سڃاڻي ٿو.

آمريڪا واسي Titian Ramsay Peale پکين لاءِ وڏو ڪم اهو ڪري ويو جو هن جهنگ جي تحفظ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هن جي ڪم کي زولاجي واري شعبي ۾ به ڳڻيو وڃي ٿو. هن چيو؛ ”جهنگ کي باهه ڏيڻ، هڪ انسان کي قتل ڪرڻ واري ڏوهه کان به مٿاهون عمل آهي. جهنگ ۾ وڻ سڙي ٿو، اهو قتل. ٻيو جهنگلي جيوت جي زندگي وڃي ٿي. انڪري اهڙي ڏوهاريءَ کي قانونًا ٻه ڀيرا سخت سزا ڏني وڃي. رامسي لکي ٿو ته؛ ”ڪانءُ، نفسياتي طور تي وڏو ڦڙتيلو پکي آهي. هڪ مرندو آهي ته ٻيا کوڙ سارا ڪانءَ گڏ ٿي، ان مئل ڪانءَ کي ڦلهوري، چوري پوري، ڏسي دانهون به ڪندا آهن. پر مقصدًا هو مئل ڪانءَ کي ان ڪري جانچيندا آهن ته هن جو موت ڪيئن ٿيو ۽ ان لاءِ ٻين کي احتياط ڪرڻ گهرجي. اها به ڪانءَ جي سائيڪي آهي ۽ اسلامي تاريخ اندر اسان کي ڪانءَ جو هڪ اهڙو ذڪر ملي ٿو جنهن ۾ اسان ڪانءَ کي انسان جو استاد چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو. هابيل ۽ قابيل وڙهيا. اتي ڪانءُ ٻئي ڪانءَ کي پوري پيو. اهو ڏسي انسان دفن ڪرڻ وارو گر، ڪانءَ کان سکيو. (ان قصي تي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.) ڪانءَ ۾ همدردي به آهي. هڪ ڪانءُ مرندو آ ٻيا ڪانءَ گڏ ٿي، ان کي دفن ڪندا آهن. مرڻ کانپوءِ، مئي کي دفن ڪرڻ وارو عمل، انسان ڪانءَ کان سکيو آهي.

ڪانءُ، حياءَ وارو پکي آهي. جيڪو پنهنجي ماديءَ سان اڪثر رات جي پوئين پهر ۾ جنسي تعلق/ ميلاپ ڪري ٿو ۽ پنهنجي ٻچن کي وڌيڪ پيار ڪري ٿو. جيڪا چوڻي اسان وٽ اڄ به قائم آهي ته؛ ”ڪانون کي به پنهنجا ٻچا مٺا آهن.“ مطلب ٻين پکين جيان ڪانءُ نٿو ڪري. هو هر وقت پنهنجي ٻچي مٿان ڦري ٿو، جيسين اهو ننڍڙو پرندو وڏو ٿئي. ڪانءُ پنهنجي ٻچي کي اُڏام وقت اهو به درس ڏئي ٿو ته دشمن جي ارادن کي سمجهڻ گهرجي. ان ڪري لاپراهي، زندگي کسي سگهي ٿي. ڪانءُ، سدائين چست ۽ چالاڪ رهندو آهي. هڪ انسان، ڪانءَ کي ڏسي ٻيهر ڏسندو ته ڪانءُ هوشيار ٿي ويندو. پنهنجي جڳهه تبديل ڪري ويهندو يا ڀڙڪو ڏئي اڏري ويندو.

ڪانءُ ۾ اها به خاصيت آهي ته هو پاڻ کي ڪمزور نٿو سمجهي. دشمن ڪيڏو به سگهارو هجي، ان سان وڙهي ٿو. انڪري عام طور تي ائين چوڻ ته؛ ”فلاڻو، ڊڄڻو ڪانءُ آهي.“ اهو به غلط آهي. ٻهراڙيءَ ۾ ڪانءُ، ٻارڙن کان هٿن مان پاپا ڦري ويندو آهي ۽ اهو ڪانءُ باز سان به وڙهي ٿو، آخري دم تائين.

ڪانءُ پنهنجو آکيرو ڪنڊيدار وڻن جي چوٽيءَ تي ٺاهي ٿو. جنهن ۾ هو تحفظ محسوس ڪري ٿو.

ڪانءَ جي ٻولي ”ڪان! ڪان! ڪان!“ ٻڌڻ ۾ هڪجهڙي آهي، پر هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ فرق رکي ٿو. هڪڙي دانهن خطري واري آهي، جيڪا ٻڌندي ٻيا ڪانءَ گڏ ٿيندا آهن.

ڪانءُ کاڌي تي ناهن وڙهندا. هر ڪو ايندو، حصو کڻي سائيڊ تي کائي وري ايندو. ڪانءُ کاڌي سان گڏ ڊسيپلين واري زندگي به گذاري ٿو. انڪري ٻين پکين جي ڀيٽ ۾، هيءُ صحتمند رهي ٿو. ان جو هڪ ٻيو پاسو به آهي ته؛ ڪانءُ، اضافي کاڌو ناهي کائيندو. هيءُ پنهنجي اندر ۾، بک بچائي رکندو آهي. ان ڪري بيمار به گهٽ ٿيندو آهي.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment