کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽
چوڻيون
ليکڪ: محمد نقيب الله رازي
مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
لسانيات
جي اصولن ۽ گھڙاوت جي طريقن مطابق، کوار ادب جو اُسلوب، وڏي اھميت جو حامل آھي. ٻيو
ته ’علم بيان ۽ معاني‘ ۽ ’بلاغت‘ ۾ ان جي بيان جو انداز پڻ متاثر ڪندڙ آھي. انھيءَ
لحاظ کان کوار ادب جون سرحدون، پنھنجي ڳالھائيندڙن جي ڀيٽ ۾، ڪافي ڪشاديون آھن. اصطلاحن
۽ ورجيسن جو انداز، پنھنجي جيسي ادب کان ٿورو مختلف ۽ صاف سٿرو پڻ اٿس. تشبيھن ۽
استعارن ۾، ٿورو ٿورو ڪري، نواڻ ايندي ٿي وڃيس ۽ پنھنجي مجموعي حيثيت جي اعتبار
کان کوار ادب، ھڪڙي صاف سٿري ۽ مھذب زبان جو ادب سڏرائڻ جي مستحق آھي. خاص طور تي تشبيھن
۽ پھاڪن/ چوڻين جي صفائي سٿرائي، ھن زبان جي آڳاٽي سرمايي کي مٿي کڄي اچڻ جو ثبوت
پيش ڪن ٿيون ۽ کوار ٻوليءَ کي ھڪ مستند ٻوليءَ ۽ ادب جي ذمري ۾ آڻي بيھارڻ جو
ڪردار ادا ڪن ٿيون.
کوار
زبان ۾ پھاڪن کي ”متال“ چيو ويندو آھي. ھن زبان منجھ، جھوني تھذيب ۽ تمدن جو
يادگار ھئڻ جي بناءَ تي، پھاڪن ۽ چوڻين جي ججھائي آھي، جيڪي سندس آڳاٽو علمي
سرمايو آھن. بنيادي طور تي کوار جيتوڻيڪ ڪا تعليم يافته ٻولي ناھي رھي، تنھن ھوندي
به ان جي گھڙاوت ۽ اسلوب مان ان جي آڳاٽن ڳالھائيندڙن جي ذھانت، ڏاھپ ۽ تھذيب جو ڀليءَ
ڀِتِ احساس ٿئي ٿو.
کوار
پھاڪن ۽ چوڻين جي انھيءَ اھميت کي نظر ۾ رکندي، ’انجمن ترقي کوار چترال‘ ھيل تائين
ٽي مستقل ڪتابڙا انھيءَ موضوع تي ڇپايا آھن. جن منجھان ھڪڙو ڪتابڙو ”کھوار متال“. رحمت الدين ۽ دائود جي
گڏيل ڪاوش آھي، ”کھوار کہاوتين“ بابا ايوب ’ايوب‘ ۽
شير افضل ’شاذي‘ جن ترتيب ڏنو آھي. جڏھن ته ”کھوار
ضرب الامثال“ شير افضل ’شاذي‘ لکيو آھي. انھن ڪتابن کان
علاوھ مضمونن ۽ مقالن جي صورت ۾ بابا ايوب ’ايوب‘ ۽ مولا نگاه ’نگاه‘، کوار پھاڪن
۽ چوڻين تي چڱو خاصو ڪم ڪيو آھي. ٻيو ته ڊاڪٽر عنايت الله ’فيضي‘ پڻ ”چترال: ايک تعارف“ جي
ادب واري حصي ۾ انھيءَ موضوع تي جامع بحث ڪيو آھي. تنھن ھوندي به اھو سڀ ملائي
ڪري، کوار پھاڪن ۽ چوڻين جي خرار مان ٽويو به ناھي.
(نوٽ: ان
کان علاوھ افسر علي خان جو لکيل ڪتاب ”کھوار
متالان گرزين“ نالي سان تازو مقامي ۽ علائقي زبانن کي
ترويج ڏيڻ واري اداري ’دي فورم فار لئنگئيج انيشيئيٽو‘ طرفان پڻ شايع ٿيو آھي.
جنھن ۾ کوار/ چترالي ٻوليءَ جا ۳۵۷ پھاڪا ۽ چوڻيون، اردو ترجمي سان ڏنا ويا آھن. –
مترجم)
کوار
پھاڪن ۽ چوڻين کي رواج ۾ آڻڻ جي حوالي سان، کوار ٻوليءَ کي چڱي استعداد حاصل آھي.
ڏينھون ڏينھن پيش ايندڙ واقعن جي تناظر ۾ کوار/چترالي پھاڪن ۽ چوڻين ۾ واڌارو
ٿيندو ٿو رھي. انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ آھي ته چترال ھڪ محدود جاگرافيائي خطو آھي. ان
جي اندر جٿي به ڪو واقعو رونما ٿئي ٿو ته اک ڇنڀ ۾ سڄي علائقي ۾ پکڙجي ٿو وڃي. وري
ان جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ پھاڪو/ چوڻي پڻ جھٽ پل ۾ شھرت حاصل ڪري ٿو وٺي. ان جو
تازو ۽ ھاڻوڪو مثالُ ھيءُ آھي ته ماضي قريب ۾ ڪن ظريف طبيعت ماڻھن جا چيل جملا،
حال ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي طور تي ورجايا وڃن ٿا. جن منجھئون؛ ”مہ کھاکہ کہ کیاغ بویاں؟"، "خان ریر کوئے
نو۔"، "ہیرا دی کیہ ثواب
شیرا؟" وغيرھ،
حال جي ئي شھرت پائيندڙ پھاڪن/ چوڻين منجھان آھن.
چون ٿا ته ھڪڙو مشھور ظريف طبيعت جو شخص، ٻين وڏڙن سان
ساڻ وڃي رھيو ھيو. جولاءِ جو مھينو ھيو ۽ اس جي تپش به ڏاڍي تکي ھئي. ليڪن ان ظريف
ھمراھ جو مٿو اگھاڙو ھيو. ڪنھن ھمدرديءَ خاطر چيس؛
”اے
صائب! تہ کھاکہ کیاغ نیکی وا؟" يعني؛
”سائين! اوھان جي مٿي تي ڪجھ ڪونھي؟“
”مہ کھاکہ کہ کیاغ بویاں وا اوا ہیمتان سوم بیمانا؟" ان جو لفظي ترجمو ھيءُ ٿو بيھي؛ ”جي منھنجي مٿي تي ڪجھ ھجي ھا! ته پوءِ
ھنن سان گڏ وڃان ھا؟“
جيئن
ته کوار زبان ۾ " کھاک" جو اطلاق ”مٿي تي“ پڻ ھوندو آھي ۽ ان سان جڙيل اصطلاح "کھاکہ کیاغ نو بیک۔"
ٻي معنيٰ ۾ پڻ استعمال ٿيندو
آھي. يعني ”عقل نه ھئڻ“ وغيرھ.
انھيءَ
معنيٰ سان وري پھاڪي جي ھيءَ معنيٰ ٿي ٿئي ته؛ ”مون کي جي عقل ھجي ھا ته پوءِ مان
ھنن ماڻھن سان گڏ گھمان ھا؟“ ان اصطلاح جي مھربانيءَ سان جيڪو ذومعنيٰ وارو جملو
چيو ويو آھي، سو ويجھي زماني ۾ پھاڪي طور مشھور ٿيو آھي.
چون ٿا
ته ھڪڙو سادڙو ۽ ٻالو ڀولو ھمراھ، پرڻي جون سڌون ڪندو ھيو. سندس ڀاءُ جو نالو
”خان“ ھيو. اھو وري پنھنجي ٻالي ڀولي ڀاءُ کان، پرڻائڻ جو ڏٽو ڏئي، سڄي گھر ٻار جو
سمورو ڪم ڪار ڪرائيندو ھيو. ھڪ دفعي ڪنھن ھمراھ ھن کي چونگ ڏيندي پڇيو ته؛ ”تنھنجو
پرڻو ڪڏھن ٿو ٿئي؟“ تنھن تي ھن وراڻيو؛ "خان ریر، کوئے
نو۔" انھيءَ جو لفظي ترجمو ھيءُ ٿو بيھي؛ ”خان چوي ٿو، پر ڪرائي
نه ٿو.“ مگر ان جو مفھوم ھيءُ ٿيو ته؛
”خان واعدو ته ڪري ٿو پر واعدو وفا نه ٿو ڪري.“
ھيءُ
جملو پوءِ ضرب المثل بڻجي، اڄ ھر اھڙي موقعي تي ورجايو ويندو آھي، جتي ڪنھن سان
لاڳيتي واعدي خلافي ٿيندي رھندي آھي.
اھڙيءَ
طرح ھڪڙو مولوي صاحب، پنھنجي دوستن سان پتي راند ڪري رھيو ھيو. ھڪڙي معتقد، جنھن
کي انھيءَ راند جي ڄاڻ نه ھئي، تنھن ڏسي ورتس. انھيءَ سمجھيو ته اھو به ڪو ثواب جو
ڪم ھوندو، جنھن کان مان محروم آھيان. تنھن تي يڪدم پنھنجي مرشد کان پڇيائين؛
"استاذ جی! ہیرا دی کیہ ثواب
شیرا؟" يعني؛ ”استاد صاحب! ان ۾ به ڪو وڏو ثواب
آھي؟“
نتيجي
طور، ھيءُ جملو به پھاڪو/ چوڻي بڻجي ويو ۽ ھر اھڙي موقعي تي چيو ويندو آھي، جتي
ماڻھو اجاين سجاين ڪمن ۾ ڌُت لڳا پيا ھوندا آھن.
ان قسم
جون اڻ ڳڻيون نئيون چوڻيون، کوار ادب ۾ شامل ٿينديون ٿيون وڃن ۽ جھٽ شھرت به پائينديون
ٿيون. انھن نئين چوڻين کان علاوھ، پراڻيون لڏي آيل چوڻيون اھڙيون به آھن جيڪي ڪنھن
ٻيءَ زبان جي چوڻين سان معنوي مطابقت پڻ رکن ٿيون. جن ۾ عربي، فارسي ۽ اردو چوڻيون
خاص طور تي ذڪر لائق آھن. وري ڪي ته اھڙيون به آھن جيڪي مفھوم جي لحاظ کان ٻين
زبانن جي چوڻين سان ھڪجھڙائي رکن ٿيون. شايد کوار ۾ لڏي اچڻ وقت، منجھن معمولي
تبديلي آئي ھوندي. ٿلھي ليکي کوار جون سموريون چوڻيون، چئن رستن سان لڏي پلاڻي اچن
پيون.
(الف)
اھي پھاڪا ۽ چوڻيون، جن جھڙيون ٻين زبانن ۾ پڻ چوڻيون موجود ھونديون آھن، منجھن
فقط ٻوليءَ جو تفاوت ھوندو آھي. اھڙيون چند چوڻيون، نموني طور، ڏسو؛
1۔
نشک توقو، روم اسمانتو۔ (کھوار)
- انفِّ فی الماءِ و اُست فی السماءِ۔ (عربی)
- نڪ پاڻيءَ ۾، نڪ آسمان تي. (ترجمو)
- أنْفٌ في السَّماءِ واسْتٌ فِي الماءِ۔ (عربی)
- اھو ئي نڪ آسمان ۾، اھو ئي نڪ پاڻيءَ ۾.
- عزت ڪرائي به اھو ئي نڪ، عزت ٻوڙائي به اھو ئي نڪ.
2۔ ادا کیاغ ریمان، مہ غربہ کیاغ ریران؟ (کھوار)
- من چہ می سرایم و تنبورہ من می سراید۔ (فارسی)
- مان ڇا ٿو ڳايان، منھنجو تنبورو ڇا ٿو وڄي؟
- ان وقت چيو ويندو آھي، جڏھن ڪم ڪرڻ وارو ڪم ھڪڙو ڪري
پر ٿي الائي ڇا مان ڇا وڃي.
3۔ ہش ہش بزرگانان ادا جام ہوش کوم۔ (کھوار)
- من خوب می شناسم پیران پارسا را۔ (فارسی)
- پھتل بزرگن کي خوب ڄاڻان ٿو. (ترجمو)
- ان وقت به چيو ويندو آھي، جڏھن مڪار ماڻھن سان واسطو
پوندو آھي.
4۔ ای پھانین چاڑ کوریں نو بوئے۔ (کھوار)
- ھڪ ھٿ
سان تاڙي نه وڄندي آھي. (ترجمو)
5۔ گور دوغ مشیچو خالو کیا ہوش کوئے؟ (کھوار)
- گدھا کیا جانے زعفران کی بہار۔ (اردو)
- گڏھ ڇا
ڄاڻي، زعفران جو قدر؟ (ترجمو)
- گڏھ کي ڪھڙو قدر گلقند جو.
- ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
6۔ مفتی شرابو کانو پیر؟ (کھوار)
- مفت جو
شراب، قاضيءَ کي به حلال. (ترجمو)
- رضا سان چڙھيل ٻوٽي، مُلي لاءِ حلال. (سنڌي)
7۔ پھونیکو نو بیتی ٹیکھو بہنہ۔ (کھوار)
- نچڻ اچيس
نه، چي؛ ”اڱڻ سوڙھو آھي.“
- ناچو نچ نه ڄاڻي، آکي؛ ”ڀون سوڙهي!“، گدڙ ڊاک نه پڄي،
آکي؛ ”ٿو ڪؤڙي!“
- ناچ نه ڄاڻي، چي؛ ”اڱڻ اونڌو آ!“
8۔
ہرکا خورو تان غونہ جشور۔ (کھوار)
- المرءُ يقيسُ علی نفسِهِ۔ (عربی)
- ھر ڪو
پنھنجي طبيعت سارو قياس آرائي ڪندو آھي. (ترجمو)
9۔
ہرکا تان یارد مشکیر ۔ (کھوار)
- الجنس يميل الی الجنس. (عربي)
- جنس، جنس کي ڳولي. (ترجمو)
- سن ڳولي، سن کي.
- جيسي، جيسيءَ کي ڳولي.
- چنڊو، چنڊي کي سوَ ڪوھ تي ڳولي لھي. (ساھتي)
10۔ اورارو چے بریک برابر۔ (کھوار)
- النوم اخت الموت۔ (عربی)
- ننڊ،
موت برابر. (ترجمو)
- ننڊ، موت جي ڀيڻ آھي. (عربي)
11۔ برار برار و تُوربور۔
(کھوار)
- الاقارب کالعقارب. (عربي)
- ويجھڙا؛ وڇونئڙا. (ترجمو)
- ويجھا، جھڙا وڇون.
- ويجھي، ڪوجھي.
12۔ لُوار
لُو نيسير. (کھوار)
- الکلام يَجُرُّ الکلام. (عربي)
-
سخن سخن را می کشد. (فارسي)
- گفتي
سان گفتو نڪرندو. (ترجمو)
-
ماڻھو تڏھن کُلي، جڏھن ڪجھ ڳالھائي.
(ب)
ٻيو قسم انھن چوڻين/ پھاڪن جو آھي جن جا مفھوم، ٻين ٻولين جي چوڻين/ پھاڪن سان ملن
جلن ٿا، ليڪن معنيٰ ۽ جملي جي بيھڪ جي لحاظ کان ويھ-اوڻويھ جو فرق اٿن. ان قسم جي
چوڻين منجھان چند ھيٺ ڏجن ٿيون؛
1۔
آئی بیر بیر تان ماڑو تے ہوسک۔ (کھوار)
- نانگ
کي پنھنجي ٻر جي پڪي ڄاڻ آ. (سنڌي)
- الحمار یعرف طریق العلف۔ (عربی)
- گڏھ کي خبر آ ته گاھُ ڪھڙي ٻنيءَ ۾ آھي.
-
مڇيءَ جي ٻچڙي کي ترڻ جي خبر آ.
2۔
التی پشمان بیکو سار نوالتی ارمان مہ بو خوش۔ (کھوار)
- مراد
ماڻي پڇتائڻ کان، اُڪير رکي مرڻ چڱو.
- المامول خیر من الماکول۔ (عربی)
- ڪنھن شيءِ جي سِڪَ، ان جي وَٽَ وٺڻ کان ڀلي آ.
- ڍونڍيان ڍونڍيان مَ لھان، شال مَ ملان ھوت، من اندر جا
لوڇ، سا ملڻ سين ماٺي ٿئي.
3۔ خونجہ تھے خونجہ، مگم بے ہوستاری۔ (کھوار)
- راجے کی بیٹی، قسمت کی بیٹی۔ (اردو)
- آھي شھزادي، پر آھي ڇيڳري.
- آھي وڏ-گھراڻي، پر ڏندڻ پاڻيءَ سان ڪا نه پويس.
4۔ خوشونو اسیکہ
کیہ دنیانو اوشویا؟ (کھوار)
- جڏھن يار نه ھيو، تڏھن دنيا نه ھئي ڇا؟ (ترجمو)
- جي ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو ته ڇا اڇو صبح نه ٿيندو؟
5۔ عورت کہ جام، روزگار دی جام۔ (کھوار)
- زال سگھڙ ھجي ته گھر جو چرخو چڱو چُرندو. (ترجمو)
- بيبي نيڪ بخت، ته دمڙيءَ جي دال ٽئي وقت،
بيبي بدبخت، ته مھيني جي پگھار ھڪ ئي وقت.
6۔ ڑاغو کورار ایو کن۔ (کھوار)
- گنجي
وٽ بيدا ڪو نه ھوندا آھن. (ترجمو)
- سرڻ
جي آکيري ۾ ماس ڪاٿي ھوندو؟
7۔
جو دوری رینی پونہ بس۔ (کھوار)
- ٻن گھرن جو
ڪتو، رات رستي ۾ ستو. (ترجمو)
- ڌوٻڪو
ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
8۔
موشو چے پونگ۔ (کھوار)
- مڙس ته پيرَ. (ترجمو)
- مڙس ته پانڌي.
- مڙس ته رڏي/ رتي.
- مڙس اھو ڀلو، جيڪو پنڌ جو ڀلو.
- ھمت مردان، مدد خدا.
- جس کی لاٹھی، بھینس اسی کی۔ (اردو)
- جنھن جي ھٿ ۾ ڏنڊو، تنھن جو راڄ.
9۔ چھوغوہر دی سست بوئے۔ (کھوار)
- چور جي دل، ڪمزور. (ترجمو)
- چور؛ دل جو ڪمزور.
- چور جي من ۾ چڙي.
- چور کي چوري کُکندي آھي.
- چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک.
- چور، کڙڪي تي به پيو ڇرڪندو.
10۔ سورا نیسیمان کاغ مہ ژیبویان، مویا نیشیمان مہ ہر دی
ترا قومان بویان۔ (کھوار)
- ڏيڏري ٿي چوي؛ ”پاڻيءَ کان ٿي ٻاھر نڪران ته ڪانءَ ٿا
کائينم، پاڻيءَ ۾ اندر ٿي رھان ته ساھ ٿو ٻوساٽجيم.“ (ترجمو)
- اٽي جو ڏيئو؛ ٻاھر کائينس ڪانءَ، اندر کائينس ڪوئا.
- نانگ جھليو وڇونءَ کي، چي؛ ”ڳھانس ٿو ته پيٽ ٿو چيري،
ڇڏيانس ٿو ته ڪوڙھيو ٿو ٿيان.“
(ج) ٽيون قسم انھن چوڻين / پھاڪن جو آھي، جيڪي ٻين زبانن
مان ھوبھو دخيل ٿيڻ بعد، کوار زبان ۾ ڳالھايون وڃن ٿيون. يا ٻين زبانن جي لفظن جي
مدد سان، تنقيد ۽ ٺٺول جي طور تي، استعمال ڪيون وڃن ٿيون. وري ساڳين لفظن سان ئي
کوار زبان ۾ رواج اندر آيل آھن، پوءِ ڀلي اصل زبان ۾ سندن مفھوم درست ھيو به يا
نه. ان نوعيت جون چند چوڻيون ھيءُ آھن؛
1۔ اول خویش، بعد درویش۔ (فارسی)
- اول خويش، پو درويش. (ترجمو)
- پھرين پيٽ پنھنجو، ٻار ٻچا سڀ پو.
- پھرين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
2۔ ہمت مردان، مدد خدا۔ (فارسی)
- ھمت مردان، مدد خدا.
- رب ان جي مدد ڪري ٿو، جيڪو ھمت ڪري ٿو.
3۔ مال مفت، دل بیگانہ۔ (فارسی)
- مال مفت، دل بي رحم.
4۔ دا گز دا میدان۔ (پشتو)
- ھوءَ گوءِ، ھو ميدان. (سنڌي)
5۔ خان خولیو نوکار۔ (پشتو مرکب)
- خان آ، گفتي جو غلام. (ترجمو)
- يعني؛ جيڪو مالڪ حڪم ڏيندو، نوڪر تنھن جي تعميل ڪندو.
- مان واڻيي جو نوڪر آھيان، واڱڻ جو نه.
6۔ ٹیک ٹیکی شوم شومی سہ کئی۔ (پشتو مرکب)
- ڪڏھن اڱڻ ۾ ته ڪڏھن ڏيوڍيءَ ۾ تنھنجو ڪھڙو ڪم آ؟
(ترجمو)
- يعني؛ منھنجي اڱڻ تي يا ڪم ۾ دخل اندازي ڇو ٿو ڪرين؟
- ڪم سان ڪم رکجي، اجايي لُور لُور نه ڪجي.
7۔ خنگی کومان، موش مہ دویان۔ (پشتو مرکب)
- جي مان ويھي ناز نخرا ڪيان، ته مڙس منھنجو مون کي
ماريندو. (ترجمو)
- يعني؛ ڪم ڪرڻ تي وس ته آھي، پر ڀَوَ تتان نه ٿو ڪيان.
8۔ بوژاکوتے سُود
یا زیان۔ (فارسی مرکب)
- ورھائيندڙ؛ يا نفعي ۾، يا نقصان ۾. (ترجمو)
- جنھن جي ھٿ ۾ ڏوئي؛ يا ڍءُ ڪري سو ئي، يا بک مري سو
ئي.
- القاسم محروم. (عربی)
- ورھائيندڙ؛ خود محروم رھندو آھي.
9۔ احتیاط عافیت۔ (فارسی)
- احتياط ڪرڻ وارو، عافيت ۾ رھندو. (ترجمو)
- علاج کان احتياط ڀلو. (طبي، چوڻي)
ان کان علاوھ اردو ڪھاوتون پڻ ڪڏھن ڪڏھن کوار ۾ استعمال
ڪيون وينديون آھن. ليڪن اھي صرف اڄوڪي پڙھيل لکيل طبقي ۾ رائج آھن.
(د) چوٿون قسم انھن چوڻين/ پھاڪن جو آھي، جيڪي نِجُ کوار
ٻوليءَ جون آھن. جڏھن ته انھن جا مثال يا نمونا، ٻين ٻولين ۾ پڻ ھئڻ ممڪن آھن.
ليڪن اھي، مٿي ٻڌايل ٽنھي قسمن کان جداريون آھن. اھڙين چند چوڻين جو چسڪو، اوھان
به وٺو؛
1۔ آسمان ژانگ، زمین ڈانگ۔ (کھاور)
- آسمان اوچو آ، ڌرتي سخت آ. (ترجمو)
- آسمان اڏامي پھچڻ کان اوچو آھي، ڌرتي دڙھا ھڻي چيرڻ
کان سخت آھي.
- ھيٺيون ھيٺ ته مٿيون مٿي ٿي ويون آھن.
2۔ اوٹ کہ ہالیتاؤ، دروازو لوٹ لکھے۔ (کھاور)
- جيڪي اٺ ڌاريندا آھن، سي دروازا به وڏا رکندا آھن.
(ترجمو)
- جيڪي ڪائنچون سبرائيندا آھن، سي اڳٺ لاءِ ابداڻو به
وجھائيندا آھن.
- جيڪي جايون ٺھرائيندا آھن، سي نيسارا به ھڻائيندا آھن.
3۔ بوردی بوردی کھاچی۔ (کھاور)
- عمر وڏي ٿي، عقل نه آيو. (ترجمو)
- وڌي وڌي وڻ ٿيو، عقل جو ذرو نه آيس.
- اٺ ڪراڙو ٿيو، مٽڻ نه سکيو.
4۔ پیلیلیوتے کہ تونجی ہائے، درازون نیسیر۔ (کھاور)
- ڪول جي موت جو وقت اچي ته کنڀڙيون نڪرنس. (ترجمو)
- ڳوھ کي کٽي کڻي، ڳولي شڪارين جا گھر. (ساھتي)
- گدڙ کي موت کڻي ته شھر جو رخ رکي.
- نااھل کي غير ضروري عھدن جو ملڻ؛ سندس لاءِ تباھيءَ جو
پيغام.
5۔ روشت ڈنیو بقا نکی،
ہوساک کیمریو سار وفا نکی۔ (کھاور)
- ڏينھن جي روشنيءَ کي بقا ناھي، ھسڻي نار ۾ وفا ناھي.
(ترجمو)
- ڏينھن جو بيٺي بيٺي ڪڪر اچي ويندا آھن ۽ اونداھ ٿي
ويندو آھي. اھڙيءَ طرح کلڻي عورت به وفا نه ڪندي آھي جو ان جو کلڻ، سندس عادت کان
ھوندو آھي. راضپو ظاھر ڪرڻ لاءِ نه ھوندو آھي. ان تي اعتبار ڪري پويان لڳڻ، جان
جوکم ۾ وجھڻ برابر آھي.
6۔ ویچھا کوڑاق تیریت۔ (کھاور)
- پينوءَ جي پيڄي، گھاٽي. (ترجمو)
- پنندڙ کي ھنڌان ھنڌان مال ملن ٿا، جنھن ڪري مختلف کاڌن
کائڻ جو ھيراڪ ھوندو آھي. کيس ھڪ-رڇي مزو نه ڏيندي. ھر وقت ست-رڇيون پيو کائيندو
آھي.
7۔ خورد سوت عیبان ای اوغ تونجئر۔ (کھاور)
- پن چڪيءَ جي ستن عيبن کي، فقط پاڻي ئي ڍڪي ٿو ڇڏي.
(ترجمو)
- ڪنھن جي ھڪ نيڪي به سندس سارا عيب ڍڪي ڇڏيندي آھي.
(محمد نقيب الله رزاي؛ مختصر تاريخ زبان و ادب: کوار، اداره فروغ قومي زبان، اسلام آباد، ڇاپو پھريون، سال ۲۰۲۱ع، ص ۸۶)
No comments:
Post a Comment