چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Saturday, September 29, 2018
سچ جي سچائي - رشيد آزاد
سچ جي سچائي
رشيد آزاد
”سچ ته بيٺو نچ“،
”سچ وڏو ڏوهاري آهي“، ”سچ جي ٻيڙي لڏندي آھي، پر ٻڏندي ناهي“، جهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون،
هميشہ کان ٻڌندا پيا اچون. پر سچ، اهو سچ آھي، جنهن جي سچائيءَ کي سمجهڻ جي ضرورت
اڃا باقي آھي.
سچ چوڻ سولو، تسليم ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ اولو. دنيا ۾ ڪيئي، گامون سچار بڻجي گهمندا وتندا آھن ۽ هر وقت اهو راڳ پيا آلاپيندا
آھن؛ ”سچ منهن تي چئبو، ڀل ڪنهن کي مٺيان لڳي.“ ۽ پنهنجي هر چيل ڳالهه
کي حق سچ پيا سمجهندا آھن. جڏھن ته اھي ٻه-چپا، پاڻ ڪوڙ ۽ فريب جي گپ ۾ گوڏي جيڏا ڳتل هوندا آھن. پنهنجي
ڪيل بڇڙاين ۽ بدڪارين کي، هزارين ڪوششن جي باوجود به لڪائي ڪين سگهندا آھن.
Saturday, September 22, 2018
پھاڪن جي دنيا - حاجي عبدالحميد سومرو
پھاڪن جي دنيا
حاجي عبدالحميد سومرو
زندھ قومون پنھنجي
ٻوليءَ جي بقا لاءِ، علمي ادبي سرمايو چڏينديون آھن. اھو علمي ۽ ادبي خزانو،
ٻوليءَ جي لياقت ۽ سندس ترقيءَ جي ساک ڀريندو آھي. سنڌي علم و ادب جو قديم سرمايو،
اھڙن سنڌ جي سپوتن جي ساراھ، سنڌ جا چارڻ، سنڌ جا رومانوي داستان ھيا. اھو سلسلو
ھلندو پئي آيو، جيڪو انگريز حڪومت تائين زباني ۽ ڪجھ قدر لکت ۾ ھيو.
Friday, September 21, 2018
شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال - ڊاڪٽربشير احمد شاد
شاھ سائين جي ڪلام ۾
تشبيهن جو ڪمال
ڊاڪٽربشير احمد شاد
تشبيھ
مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ
اهي گڻ يا اَوگڻ، ڪهڙي به نوعيت جا هجن. مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات
اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو. ڪنهن
به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھ جو استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون
ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن.
Thursday, September 20, 2018
سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح - ڊاڪٽر بشير احمد شاد
سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي
با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح
ڊاڪٽر
بشير احمد شاد
اصطلاح جو استعمال ٻوليءَ جي
سينگار جو سبب بڻجي ٿو. هر هڪ ساهتيه يا سڌريل ٻولي اصطلاحن سان مالا مال هوندي
آهي. جيئن هر ٻوليءَ جي اصطلاحن جو معنى توڙي مطلب جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو رنگ ٿئي
ٿو، تئين انهن جي سٽاءَ ۽ بيهڪ جو به منفرد انداز آهي. سنڌي ٻولي پڻ انهي دولت کان
وانجھي نه آهي بلڪه ان جي ڪجھ اصطلاحن جي سٽاءَ جو ته رنگ ئي نيارو آهي، جيڪو ٻين ٻولين
۾ ايڏو نظر نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن اصطلاحن جون جيڪي خصوصيتون مونکي نظر
آيون آهن انهن ۾ اسمن ۽ فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي وارا اصطلاح ۽ بيهڪ جي
لحاظ کان لفظي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح اچي وڃن ٿا.
Subscribe to:
Posts (Atom)