ملھ وڙھ، ڌڪ آيو ته مون
تي آ
منظور ڪوھيار
ملھ
پهلوان، لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ لٿل هيا. پِڙَ تي هڪ ٻئي کي وارا کڻي کڻي پئي هنيائون.
ماڻهن، هنڀوڇيون پئي هنيون. ڏسندڙن ۾ ملان، مستانو ۽ مڪاني به اڳيان اڳيان ويٺا
هيا. ملان پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ وارن ملهن جي ملھ ڏسي سمجھي ويو، ته ملھ مفاهمتي
نظريي تحت وڙهي ٿي وڃي. ڌڪ لڳي ۽ همراه نه آٺرجي، اها ڪهڙي ملھ چئبي!؟ سو پهرئين
جوڙ جي ٻن ملهن کي سڏي چيائين؛ ”ڪوڙي ملھ، ميدان جي بي عزتي آهي. توهان جي ملھ کان
ته مدرسن ۾ ڀلي وڙهجي ٿي. ٻيو ته ڇڏيو، توهان کان ته ڀلي، اديب يا فيسبوڪي دانشور
وڙهن ٿا.“