سنڌي اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا
نور افروز خواجه
هر قوم جي سماجي تاريخ ۾ واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون موجود هونديون آهن.
پر حقيقت ۽ سچ، سماجي اڀياس جي لحاظ کان، الڳ شيون آهن. جيئن ته حقيقت جو تعلق
واقعي حقيقت سان ۽ سچائيءَ جو تعلق سماج جي اندر موجود سچائيءَ سان هوندو آهي،
تنهنڪري سماجي سچائي هر طرح، اعتبار جي قابل هوندي آهي.
ڪي واقعاتي حقيقتون ۽ ڪي سچايون، جيڪي هر سماج ۾ عملي طور ظاهر ٿينديون رهن
ٿيون؛ سي واقعاتي حقيقتن جو هڪ قسم آهن. جيڪي خاص صورتحال ۾ پيدا ٿينديون آهن، ۽
ڪن خاص مقرر ڏينهن جي مقرر عرصي اندر جنم وٺن ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ رونما
ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ جي صورتحال، هڪ واقعي جهڙي
هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سماج اندر ٻولي به پاڻ منجھ تبديلي آڻي ٿي ۽ هر صورتحال
کي ڪنهن نه ڪنهن نالي/ وصف ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ نوان لفظ، اصطلاح، محاورا، پهاڪا
۽ چوڻيون موجود ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ سماجي سچائي ۽ حقيقت نگاري،
جيڪا حقيقت ۽ سچائيءَ جي روپ ۾ جنم وٺي ٿي، سا سماج جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح
سان تبديلي ۽ واڌارو پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري هر دور ۾ اصطلاح، پهاڪا، محاورا ۽
چوڻيون جيڪي ماحول ۽ حالتن جي اثر ڪري حقيقت ۽ سچ کي پيش ڪن ٿيون، سي حالتن،
حقيقتن، سچاين، تهذيبن، تمدنن کي سمائينديون رهن ٿيون.