Tuesday, November 27, 2012

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو! اسير امتياز

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو!
اسير امتياز
هاڻوڪي بي رحم دور ۾ ماڻهو کي کلائڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي، گهڙي پل جي کِل کان پوءِ ساڳين ئي ماڻهن وٽ رڳو درد ئي هجي ٿو، ڀلا جتي رڳو درد ۽ ڳوڙها هجن اُتي ڪنهن کي کلائڻ ڪيترو آسان هوندو؟ اُهو ته هر ڪو ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هن ماتمي موسم ۾ ڪنهن کي کلائڻ ڪيتري جوکم جو ڪم هوندو ان جو ته اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي! هن ڪالم ذريعي مان ناچيز ڪنهن کي کلائي به ڪيئن ٿو سگهان! جنهن ماحول ۾ جتي رڳو غم جو عالم ڇانيل هجي ۽ ماڻهو ڪنهن جي پٿر تي ويٺل هجن اتي ڀلا خوشي به ڪهڙي! جتي چوڏس سوڳواريءَ ترسيل هجي، ماڻهو مايوسين جي نذر ٿي رهيا هجن، اُتي ته فقط ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. پر ڪا چواڻي آهي ته ”نه روئڻ ۽ بنا تڪليف جي هجڻ کان پوءِ، کلڻ ئي سهي.“ سو ان ڪري به پنهنجي ننڍڙيءَ ڪوشش سان ڪجهه کِل ڀوڳ جهڙيون ڳالهيون اوهان سان شيئر ڪندي، اوهان کي سنڌي جي پهاڪن، چوڻين ۽ مُحاورن جي آڌار تي کلائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ڪجهه سيئريس ڳالهيون به اڄ اوهان سان شيئر ڪندس، ڇو ته هر وقت مذاق به سهي ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سنجيده به ٿي پوي ته بهتر!

Monday, November 26, 2012

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي - سيد گدا حسين شاھ بخاري

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي!

سيد گدا حسين شاھ بخاري/ ڳوٺ ٻٽڙا
ڪنهن به ٻوليءَ جي سونهن ۽ وسعت ڏسڻي هجي ته ان جي نثر ۽ نظم سان گڏوگڏ ٻهراڙين ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي مخصوص علاقائي لهجي ۽ رنگ ۾ رڱيل ٻوليءَ جو ٿورو به جائزو وٺجي. ائين ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن جي ٻولي ۽ گفتگو، انتهائي سادي، سٻاجهي، برڪت واري، ادب ۽ اخلاق جو سرچشمو نظر ايندي. جنهن کان انڪار ڪرڻ بلاشبه سنڌي زبان سان تعصب ۽ ٻه-اکيائي سمجهي ويندي. 

Sunday, November 25, 2012

کيڏڻ وارو دور! - اسير امتياز


کيڏڻ وارو دور!
اسير امتياز
اڄ جي هن اُداس ماحول ۾ جڏهن ماڻهو جو من اڪيلائي محسوس ڪندو آهي ته پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي من کي وندرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو آهي، اُداس گهڙين ۾ ماڻهو جو من شايد راحت ئي تلاشيندو آهي جنهن ۾ ماڻهو جي من کي راحت ملندي آهي، سو ان ڪري به دل چوي ٿي ته ڪجهه کل ڀوڳ به ڪجي ته جيئن اوهان جي دلين تائين اها راحت پهچي سگهي. سو دوستيون ڪري به هر ڀيري اوهان دوستن سان ڪا نه ڪا نئين ڳالهه شيئر ڪندو آهيان، جنهن ۾ ٿورڙو ئي سهي پر مزاح جو عڪس هجي ٿو. اڄ به هن هفتيوار ڪالم ۾ اوهان سان کلڻ جهڙيون ڳالهيون شيئر ڪبيون. مون کي اُميد آهي ته اوهان کي راحتڙي رسندي. سڀ کان اول ته مان توهان کي اڄوڪي ڪالم جي عنوان واريءَ ”کيڏڻي“ کان واقف ڪرايان ته بهتر ٿيندو، دوستو هي کيڏڻي اسان توهان ڀلي نه سمجهون پر هن کيڏڻي کي ٻار ضرور سمجهن ٿا. گهڻو ڪري هن کيڏڻي جو تعلق ٻارن سان ئي هوندو آهي. منهنجو به تعلق ان کيڏڻي سان ننڍي هوندي جو آهي. پر هاڻ ٻار ناهيان پر پوءِ به مون ۾ اڄ اُهي ٻاراڻيون موجود آهن. ماڻهو وڏا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ شايد انهن ڳالهين کي وساري ٿا ڇڏين پر مون انهن ڳالهين کي ناهي وساريو ۽ وسارڻ به نه گهرجي. تنهن ڪري آئون اڄ به ان کيڏڻي جي ويجهڙائي ۾ رهندو آهيان. ان ڪري به اُهي کيڏڻيون کڻي توهان سامهون حاضر ٿيو آهيان. اصل ۾ اهو چوندي انتهائي ڏک به ٿئي ٿو ته هاڻ اسان جي ٻارن کان اهي کيڏڻيون، مطلب ته اُهي رانديون به ويون جيڪي اڳ ۾ ٿينديون هُيون ۽ جيڪي هاڻ هن بي رحم دور ۾ نه پيون ٿين، عجيب قسم جون رانديون اچي ويون آهن جيڪي ڪنهن به حوالي سان راندين جي زمري ۾ ته اچن ئي ڪونه ٿيون. اڄ جو ٻار ڪاٺيءَ کي ڏور ٻڌي ڪلهي تي کڻي ”اسان وڏا خوني ماڻهو“ چئي راند ڪندي نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ هي ڪا راند ڪونهي. هن راند، هن ڪلچر جي متعارف ٿيڻ تي، اسان جي ٻارن کان تعليم ته وئي پر اصل رانديون به ويون، جيڪي اسان ننڍي هوندي ڪندا هئاسين. مون کي ياد ٿو پوي ته اسان جي زماني ۾ ايڏيون ته مزيدار رانديون ٿينديون هُيون جو هاڻ اڄ جي ٻار کي يا اڄ جي ماڻهو کي انهن راندين جا نالا يا اهي رانديون کيڏڻ به شايد نه اچن. ڇا ته ماحول هو ڇا ته ننڍپڻ هُيو، جو اسان پاڻ ۾ ”سن“ ڇوڪرا اُهي رانديون کيڏندا هئاسين. پاڻ کان وڏي عمر واري کي اهو چئي راند کيڏڻ ڪونه ڏيندا هئاسين ته ”تون وڏو آهين“ جي اهو وڏو هروڀرو به ضد ڪندو هو ته پو راند ڦٽيءَ ويندي هئي ۽ ها... سچي راند ڦٽڻ وقت هڪ عجيب ترنم ۾ گيت ڳائي راند ڦٽائيندا هئاسين ته ”اسين نه کيڏڻي، ڪاليءَ ڪُتيءَ کيڏڻي ۽ پوءِ اها متل راند پل ۾ ڦٽيءَ ويندي هئي.

Saturday, November 24, 2012

مال مفت دل بي رحم - مختيار سمون


مال مفت دل بي رحم
مختيار سمون
ڪنھن به ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون ان ٻولي ڳالھائيندڙ قومن جي مجموعي شعور جي عڪاسي ھوندا آھن، جيڪي سالن ۽ صدين جي حاصل ڪيل تجربن کان پوءِ وجود ۾ ايندا آھن. اھي پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪڙو سچ ۽ حقيقتن تي مبني ھوندا آھن. جيڪي ھر دور ۾ مخصوص حالتن جو نقشو چٽي، ماڻھن لاءِ سبق ۽ سکيا جو ڪم ڏيندا آھن. سنڌي ٻولي پڻ اھڙن پر معنيٰ ۽ سبق آميز پھاڪن ۽ چوڻين سان مالامال آھي. پھاڪا ۽ چوڻيون، مختلف موقعن تي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ ڳالھين کي سمجھڻ جو ادراڪ به ڏين ٿا ته پيدا ٿيل مسئلن ۽ مونجھارن جي حل ۾ ڪارائتا ڪردار به ادا ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اھڙين کوڙ سارين چوڻين مان ھڪ جيڪا تمام عام فھم، پر معنيٰ ۽ مقصد ۽ روزمرھ جي گفتگو ۾ گھڻو استعمال ٿيندڙ چوڻي آھي، سا آھي؛ ’مال مفت، دل بي رحم.‘  

Friday, November 23, 2012

آب آب ڪندي مئين - نجم حسن سيد - سيد محبوب علي


آب آب ڪندي مئين
تحرير: نجم حسن سيد
ترجمو: سيد محبوب علي لڪياري لاھور

ٻوليءَ جي باري ۾ ٻه پُراڻِيون ڳالهيون نَيون ڪَريون.
پهرين ڳالھ:
مُغلن ويلي گُجرات لَڳ، ڪنجاھ ۾ ڪي وڏا عالِم هُئا؛ مولوي غَنيمت. فارسي شاعر ھُئا. فارسي ڪِتاب لِکِيائون. نانءُ ڪَمايائون. فارسي بَحَر ايڏو کُلي وَيُن جو، عام ڳالھ به فارسيءَ ۾ ڪَرڻ لڳا. مَجال آ جو ڪَڏهن ڀُلجي به ڪو ديسي ٻول واتَئون ڪڍي ويهَن. ماڻهن سوُ وَس ڪَيا پر مولوي جَن نَه ٿِڙِڪيا. هِڪ ڏينهن ڇا ٿيو، مولوي سڳورن پنهنجي مُنهِن ويٺي فارسي شعر پَڙهيا ته هِڪ ڏينڀوُ گوڏ ۾ وَڃي گھِڙِيَن. ڏينڀوءَ ڏَنگيو ته مولوي جَن اوٽارجي وَيا. گوڏ تي ڌَڪُ هڻي دانهن ڪَيائون؛ ”اڙي تُنهنجيءَ ماءُ کي.“ (جيڪي بُزرگ گارگَند کان پاسو ڪَندا هِن اُهي چَوَن ٿا مولوي سڳورن ”هَئي ڙي اَمان“ چَيو هُو) مولوي جَن جو بِه چَيو، اُهو فارسي نَه هُئو. سو شاگرد ڀَڄندا وَيا ۽ ڳوٺ وارن کي وَڃي ٻُڌايائون. چَي؛ مولويءَ جَن نيٺ ڳالهايو آ اَڄُ۔
ٻِي ڳالھ:
مُغلن ويلي هڪ ڳوٺاڻو ڳَڀرو، شاهي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو. هِڪ ويڙھ ۾ ڦَٽجي پيو. اُڃ کان مَرڻهارڪو ٿي پَيو. پنهنجو ڳوٺ ويجهو هُئس. گھوڙو ڀَڄائيندو اُتي پُڳو ۽ فارسيءَ ۾ اَچي پاڻي گھُريائين. چَئي؛ آب! آب!! ماڻهن گَھڻئي ڌُڪا هَنيا. وري وري پُڇيو اَٿن؛ پُٽَ! ڇا گھُرجَئي. هُو رُڳو آب آب ڪندو وَيو ۽ پُورو ٿي وَيو. پويَئون ڪنهن مولوي غَنيمت، ڳوٺاڻن کي ڏسيو؛ اَڙي آبُ پاڻيءَ کي چَوندا هِن. جي توهان فارسي پَڙهيَل هُجو هان ته اَڄ توهان جو لَشڪري پُٽ، اُڃيو نه مَري ها. هاڻي هڪ ته پُٽ وِڃايَوَ، ٻيو تيار ٿي وَڃو، بادشاھَ پُڇا ڪَرِڻي آهي تَه؛ منهنجي لشڪريءَ کي پاڻي ڇو نَه ڏِنَوَ. ڳالھ اِئين به پُوري ٿي سگھندي هُئي ته ڳوٺاڻن جَهٽِ مولوي غَنيمت کان فارسي سِکي وَرتي. بادشاھ به کين کڻي معاف ڪَيو ۽ اَڳيئون ڳوٺ جو ڪو ئي لَشڪري پُٽُ اُڃِيو به نَه مُئو. پر ڳالھ پُوري اِيئن ٿي تَه لَشڪريءَ جي ماءُ کي جَڏَهن آب جي مَطلَب جو پَتو پيو ته هُن پِٽيو. چَئي؛
جي مان ڄاڻان مَڱِين پاڻي، ڀَري تان پِيالا پِيارِيا،
آب آب ڪَندي مُئين ٻَچِڙا، فارسِيُن گَھرَ ڳارِيا.
ڳالهيون/ چَوِڻيون، چَتَر هونديون هِن. سَدا اَڌُوريون. پنهنجي اَندرَئون نِتُ پَيون پورَ ڏيکاريندِيون هِن. ۽ پورَ هُوندا هِن پُڇائون.

Monday, November 12, 2012

گل شڪر - حميد سبزوئي

گل شڪر
لوڪ ڏاهپ جو خزانو
حميد سبزوئي
اسان جي لوڪ ادب ۽ عوامي ورثي ۾ ايترا خزانا آهن جو اسان فخريه انداز ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته اسان پنهنجي لوڪ ادب ۾ خوشحال ۽ پاڻڀرا آهيون. پر ان بابت چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان جي سرجڻ ۽ تخليق ڪرڻ ۾ بيشڪ ڪيئي صديون لڳيون هونديون پر ان کي ميڙڻ، سهيڙڻ ۽ ڇنڊي ڦوڪي ڪاڳر تي لکي، ڇپائي محفوظ بڻائڻ ويهين صديءَ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهيو هو. اهو به انهيءَ ڪري جو ويهين صديءَ ۾ سنڌ کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو جهڙا جاکوڙي ۽ پاڻ ارپيندڙ محقق ۽ نقاد مليا آهن. جن پنهنجو نور نچوڙي، اسانجي لوڪ ورثي کي محفوظ ۽ سڀني جي پهچ ۽ پڙهڻ لائق بڻايو آهي.

Thursday, November 8, 2012

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي - مٺل جسڪاڻي

ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئبو آهي

مٺل جسڪاڻي



چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا ڪُوڙا ٿورو ئي آهن. هي به عمل جي رد عمل ۾ ئي ته جنم وٺن ٿا. ان ڪري انهن مان به پرائڻ گهرجي، سکڻ کپي. جيڪڏهن ڪو عام اياڻو ماڻهو هجي ته به ٺهيو، پر جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙهي سند به حاصل ڪري چڪو هجي، مٿان وري هزارين رپيه خرچ ڪري، ٻيا ڪتاب وٺي، پڙهي ۽ امتحان لاءِ تياري ڪري، ڪميشن جو ڪو اعلى امتحان ڏيڻ ويو هجي، اهو ته گهڻو وڌيڪ سرت ۽ ساڃهه وارو هئڻ گهرجي. ان کي ته ڪو هڪ اڌ به نه، بيشمار محاوار ذهن ۾ هجڻ گهرجن. هو ته هر پهلوءَ کان بخوبي واقف هجڻ گهرجي. فضيلت ڀريو هجڻ گهرجي. کيس وقت جي نزاڪت سمجهڻ جيتري تميز هجڻ کپي. هو صرف صبر واروئي نه، صابرين هئڻ گهرجي.

ڪنھن جو کلڻ خواري، ڪنھن جي روئڻ ۾ راحت - اسير امتياز

ڪنھن جو کلڻ خواري، ڪنھن جي روئڻ ۾ راحت

اسير امتياز



ھفتيوار طنز ۽ مزاح تي مشتمل ھن ڪالم سميت، منھنجو اڄوڪي عبرت ۾ ھي ٽيون ڪالم شايع ٿيو آھي. مون کي اُميد آھي ته منھنجو ۽ عبرت جو رشتو جيڪو جڙيو آھي، اھو پنھنجي منزل تائين ضرور رسندو. پڙھندڙن کي اھو ضرور ٻڌائيندو ھلان ته منھنجو ھي مزاح تي مشتمل ڪالم ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان، ڪٿي نه ڪٿي اوھان کي ضرور کلائيندو ھوندو ۽ توھان ڪنھن نه ڪنھن جملي، مُحاوري، پھاڪي يا ڪنھن چوڻي تي ضرور کلي ڏيندا ھوندؤ.