Sunday, March 20, 2011

مـُندون منھنجي مـُلڪ جون - ڊاڪٽر غلام محمد جکراڻي

مـُندون منھنجي مـُلڪ جون
ڊاڪٽر غلام محمد جکراڻي
مُندن ۽ موسمن، ڏينھن ۽ ڏيهاڙن، مھينن ۽ ماسن جي مـَٽَ سَٽَ ڪري، نه رڳو ماڻھو پر وڻ ٽڻ، ٽنگ ٽاري، ٻنو ٻاري پنھنجا رنگ روپ مٽائيندا آهن.
انسان ته انسان پر پکي پکڻ، مڇي ٻلھڻ (Dolphin)، ڪُميون ۽ سَيسَرَ، جِيت ۽ جَڻيا، ڪوليون ۽ ماڪوڙيون، مند آهر موج مستيون ڪن ٿيون ۽ سور سختيون سھن ٿيون. انھن ئي موسمن جي مُھابي، ڪڏهن جوانيءَ جو جوش ۽ ڪڏهن وري وڇڙي ويل عمر کي، مھڻا ۽ طعنا ڏين ٿيون.
وه واهه جواني جاڙ ڪتوئي، ڇورا ڪرڪي ڇوڙ ڳِيون،
هر ڪوئي آکي چاچا ماما، جاڙ اهو به جوڙ ڳِيون.
(حمل فقير)

سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا - سليم ميمڻ


سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا
پروفيسر سليم ميمڻ


پهاڪو اهڙي چوڻيءَ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عقل، مشاهدو ۽ ڏاهپ سمايل هوندي آهي. اسان پنهنجي رومزهه جي زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ٻڪريءَ جي اڳيان جيڪا شيءِ اچي ٿي، ان کي کائي ٿي وڃي ۽ کيس جنهن به وڻ سان ٻڌجي ٿو، پوءِ اهو ڪڙو هجي ڪسارو هجي يا ڪسو، ان کي به کائي وڃي ٿي ته ان مشاهدي کي اسان پهاڪي طور هيئن بيان ٿا ڪيون؛ “ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي، ان وڻ کي کائي.”

سنڌي لوڪ چوڻيون - نارائڻ ڀارتي


سنڌي لوڪ چوڻيون
نارائڻ ڀارتي
لوڪ ساهتيه جا مکيه ٽي انگ آهن. (1) لوڪ گيت (2) لوڪ ڪٿائون ۽ (3) لوڪ چوڻيون. عام طرح هر هنڌ، هر ڳوٺ ۾، هر پرانت يا هر ديش ۾ اتي جا رهاڪو ڳالهائيندي ڪي نقطا به چوندا آهن. انهن کي اسان چوڻيون ڪوٺيندا آهيون ۽ پهاڪا به اهڙي قسم جا آهن. ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اهي چوڻيون ڪتب آڻڻ سان لکڻي يا ٻولي وڌيڪ مايدار لڳندي آهي ۽ پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾ لطف ايندو آهي. جهڙيءَ طرح لوڻ بنا کاڌو بي مزي لڳندو آهي، اهڙيءَ طرح ئي ٻوليءَ جي کيتر ۾ بنا چوڻين ۽ پهاڪن جي اثر ڪندڙ ڳالهيون اهڙيون دلچسپ نٿيون لڳن. نه فقط ايترو بلڪ گهاگهر ۾ ساگر ڀرڻ جو گڻ به انهن لوڪ چوڻين مان ظاهر آهي. وقت جا مسئلا ۽ آزمودا هنن ننڍن ۽ چٽڪيلن جملن ۾ سمائجي هميشه لاءِ هلندا ٿا اچن ۽ اهي هر وقت سڀيه توڙي اسڀيه، سڀني شخصن ۾ پرچلت آهن. جيون جو سڀاو سان تمام گهرو سنٻنڌ آهي. اُتساه ۽ زنده دلي انهن لوڪ چوڻين جي جڳت ۾ سهايڪ ٿئي ٿي. ان ڪري ئي شايد لوڪ ساهتيه ۾ لوڪ چوڻين جي ڪافي اهميت آهي. آزمودن جي پٺيان زندگيءَ جون گهٽنائون ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
لوڪ_ چوڻيون پنهنجي پراچينتا جي لاءِ لوڪ ساهتيه جي گهڻن ئي انگن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت واريون آهن. انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ ٿيون اچن، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن.

آزاد استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون -انجنيئر عبدالوهاب سھتو


آزاد استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
“پھاڪا، انسان ذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظھار آهن. جن ذريعي هر گروه پنھنجي ملڪ ۽ ماحول، پنھنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق، صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پھاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪھاڻي آهن. اهي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي، ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجلسي رنگ ۽ ڍنگ، انساني سڀاءَ ۽ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ، ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف، پھاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مھيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچائيون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.”[1]  
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب، ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ”اها ڳالهه روشن سج وانگر چٽي ۽ سگهاري آهي ته اهو سمورو علمي ڪم، ٻوليءَ ۽ ان جي لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌاري کان علاوه، سماجي اوسر ۽ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ جا جمع ڪيل پھاڪا، هڪ خاص سماج ۾ اسريل هئا. اڄ جڏهن ٻوليءَ کي اهو ساڳيو سماج ميسر نه آهي ته ڪيترائي اڳ جا پھاڪا، پنھنجي اصل سمجهاڻي ۽ مفھوم، وڃائي ويٺا آهن. ان جي بدران نئين سماج ۾ نوان پھاڪا اسري رهيا آهن ۽ پراڻا پھاڪا نئين تبديل ٿيندڙ سماج جي گهرجن مطابق تبديل ٿي رهيا آهن.“[2]
مثال طور؛ اڳ ۾ سواري جانورن تي ڪئي ويندي هئي ته ان وقت پھاڪا هيٺئين نموني جا هوندا هئا: 

اردو امثال جي تاريخ

اردو امثال جي تاريخ

(ضرب الامثال – پروفيسر محمد انصارالله)

طارق سعيد

انجنيئر عبدالوهاب سھتو



اهو سمجهڻ ته چوڻين (ڪھاوتن) ۽ پھاڪن (امثال) جو تعلق عوامي/ لوڪي يا ادنى طبقي سان آهي، پاڻ کي شديد مغالطي بلڪ دوکي ۾ مبتلا ڪرڻ آهي. بقول مولانا زڪاءُ الله جي حقيقت هيءَ آهي؛ “پھاڪن (ضرب الامثال) جو ادب، منشورالادب آهي. ويچار يا ڏاهپ يا دانائيءَ جو خلاصو، ڏاهن جي ڏوري جو تائٿ، سپورنجن لاءِ جادو ۽ ٽوڻو ڦيڻو، حڪمرانن لاءِ دستورالعمل ۽ خبرداريءَ جو ڪارنامو، عام خلق جي لاءِ بزرگن جو ورثو، عشرت ۽ غم ۾ ڦاٿلن لاءِ ترياق.”

دهليءَ جي عورتن جون چوڻيون ۽ ورجيسيون -انجنيئر عبدالوهاب سھتو


انجنيئر عبدالوهاب سھتو
دهليءَ جي عورتن جون چوڻيون ۽ ورجيسيون

اڃا ان دور کي گذرئي گهڻو وقت نه ٿيو آهي، جڏهن ڌياڻيون بنا ڪنھن چوڻيءَ يا پھاڪي جي ڪا ڳالهه نه ڪنديون هيون. اهي ئي ٻوليءَ جو ساهه هيون. ساڻن ئي اهو لطف ۽ چاشني پيدا ٿيندي هئي، جنھن سان ٻڌندڙ کي مزو ايندو هيو.
چوڻيءَ وارو هڪڙو جملو، زمانن جي تجربن جو نچوڙ هوندو هيو ۽ اهڙيءَ طرح عقيدي ۽ تجربي جون هزارين ڳالھيون، ذهن نشين ڪرايون وينديون هيون. دنيا جون هيٺِ-مٿانھيون ۽ فائدا-نقصان سمجهايا ويندا هيا. گهاگهر ۾ ساگر سمائڻ وارو مثال، چوڻيءَ تي پوريءَ طرح صادق ايندو هيو.
چوڻين ۽ اصلطلاحن ۾ طعنن تنڪن (ٽوڪن) جو حصو تمام گهڻو ملي ٿو ۽ ان زماني جي عورتن جو اهو مرڪ/ عادت هئي، ڇو جو اندر جو اوڳر ڪڍڻ لاءِ اهو ئي هڪڙو اڪيلو ذريعو هيو. طعنو ۽ تشنيع ٻئي عربي لفظ آهن. طعني جي معنى ڇري هڻڻ يا زخم ڪرڻ آھي ۽ تشنيع، اهو داڳ جيڪو زخم کان پوءِ به رهجي وڃي. حقيقت آهي ته طعني جي زخم جو داڳ/ لسڻ به ڪڏهن مٽجي نٿو.