Showing posts with label سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا، پروفيسر سليم ميمڻ، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا، پروفيسر سليم ميمڻ، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts

Sunday, March 20, 2011

سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا - سليم ميمڻ


سنڌي زبان ۾ سرائيڪي پهاڪا
پروفيسر سليم ميمڻ


پهاڪو اهڙي چوڻيءَ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عقل، مشاهدو ۽ ڏاهپ سمايل هوندي آهي. اسان پنهنجي رومزهه جي زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ٻڪريءَ جي اڳيان جيڪا شيءِ اچي ٿي، ان کي کائي ٿي وڃي ۽ کيس جنهن به وڻ سان ٻڌجي ٿو، پوءِ اهو ڪڙو هجي ڪسارو هجي يا ڪسو، ان کي به کائي وڃي ٿي ته ان مشاهدي کي اسان پهاڪي طور هيئن بيان ٿا ڪيون؛ “ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي، ان وڻ کي کائي.”