Showing posts with label مـُندون، منھنجي، مـُلڪ، جون، ڊاڪٽر، غلام، محمد، جکراڻي،. Show all posts
Showing posts with label مـُندون، منھنجي، مـُلڪ، جون، ڊاڪٽر، غلام، محمد، جکراڻي،. Show all posts

Sunday, March 20, 2011

مـُندون منھنجي مـُلڪ جون - ڊاڪٽر غلام محمد جکراڻي

مـُندون منھنجي مـُلڪ جون
ڊاڪٽر غلام محمد جکراڻي
مُندن ۽ موسمن، ڏينھن ۽ ڏيهاڙن، مھينن ۽ ماسن جي مـَٽَ سَٽَ ڪري، نه رڳو ماڻھو پر وڻ ٽڻ، ٽنگ ٽاري، ٻنو ٻاري پنھنجا رنگ روپ مٽائيندا آهن.
انسان ته انسان پر پکي پکڻ، مڇي ٻلھڻ (Dolphin)، ڪُميون ۽ سَيسَرَ، جِيت ۽ جَڻيا، ڪوليون ۽ ماڪوڙيون، مند آهر موج مستيون ڪن ٿيون ۽ سور سختيون سھن ٿيون. انھن ئي موسمن جي مُھابي، ڪڏهن جوانيءَ جو جوش ۽ ڪڏهن وري وڇڙي ويل عمر کي، مھڻا ۽ طعنا ڏين ٿيون.
وه واهه جواني جاڙ ڪتوئي، ڇورا ڪرڪي ڇوڙ ڳِيون،
هر ڪوئي آکي چاچا ماما، جاڙ اهو به جوڙ ڳِيون.
(حمل فقير)