Friday, December 16, 2011

ٻير - نواز ڪنڀر

ٻير
موسمن جي نزاڪت کي پرکڻ جي علامت بڻيل ميوو
نواز ڪنڀر 

مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير جي ڳايل مارواڙي لوڪ گيت “اي چرمي رو بلال سان پيار” ۾ “ندي ڪناري ٻورڙي ري، اي ٻورڙڪي را رتا مٺا ٻور” کان وٺي سنڌي لوڪ گيت “منهنجو جنڊالڙو ڏي ته کيڏڻ وڃان” ۾ “جا وڃان بازار ۾ لڌم ڳاڙهو ٻير، ٻير ته کاڌم پيٽ ۾ ان جو شاهد ڪير” تائين ٻيرن جو ذڪر هر هنڌ ملي ٿو. ويندي قرآن شريف ۾ به جن ميون جو ذڪر ٿيل آهي، انهن ۾ ٻير به هڪ آهي. ٻير لوڪ گيتن جي شاعرن وٽ ڀلي کڻي ڪهڙين ئي معنائن ۾ استعمال ٿيندو هجي پر لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ ٻير، مندون ماپڻ ۽ جانچڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي.

منجهيل سُٽ - مٺل جسڪاڻي

منجهيل سُٽ!

مٺل جسڪاڻي



پاڻ ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا، مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره، ٻالڪپڻ کان وٺي ٻُڌندا اچون ٿا. اڪثر وڏڙن ۽ وڏڙين جي واتان ٻُڌبا آهن، ڪي استادن، ڪي هم عمر، ته ڪي ننڍن کان ٻُڌڻ جو به موقعو ملي ٿو، پوءِ به روزمرهه جي زندگي ۾ ٻُڌجندڙ ۽ پڙهجندڙ نون توڙي پراڻن مان ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا، مُحاورا ۽ اصطلاح وغيره رهجي به وڃن ٿا. اهي ٻُڌڻ يا پڙهڻ ته بس اتفاق سان ٿيندو رهندو آهي، پر انهن کي سمجهڻ جو ڪو هڪ نه، انيڪ طريقا آهن ۽ جيتوڻيڪ اهي سڀ نهايت ئي سليس ۽ عام فهم به آهن، پوءِ به ڪن چند کي ڇڏي، مون پارن جي گهڻائي، پيري کي پهچڻ باوجود، اڪثر چوڻيون ۽ پهاڪا سمجهڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿي! ان ڪري اصولي طور سنڌي ٻولي جي مُحققن کي صرف تحقيق ڪرڻ جي منٿ ڪبي، ته هڪ ٻن ڪتابن، ٻن ٽن ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مقالن جو حوالو ڏئي، ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا! تنهن ڪري “مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ” ڪرڻ کپيم، پر خبر نه آهي ڇو، مون کي پڪ آهي ته اڃا به ڪيترا ئي پهاڪا سهيڙجي نه سگهيا آهن، ان ڪري هن موضوع تي ٿيل تحقيق کي اڳتي وڌائيندي، اڃا به کوجنا ڪرڻ کپي.

Thursday, December 15, 2011

لکي لکاڏنو ۽ پڙهي الهڏنو - حيات علي شاهه بخاري

لکي لکاڏنو...
حيات علي شاهه بخاري
اِجهو سائين، خير سان جمعي جو سڀاڳو ڏينهن ۽ اوهان جو من پسند ڪالم ”فري پيريڊ“ اچي ويو، جنهن کي پڙهڻ لاءِ پڙهندڙ جو ”فري“ يعني واندو هئڻ تمام ضروري آهي، ڇو جو هي ڪالم تڙ تڪڙ ۾ نه پر سانهه ستيءَ ۾ پڙهڻ جو آهي. هونئن به جيڪو به ڪم ڪجي اُهو ٻين ڪمن مان فارغ ٿي ڌيان سان ڪجي، جيئن مان اوهان جي وندر ۽ ورونهن لاءِ بلڪل سانتيڪو ٿي پوءِ هيءُ ڪالم لکندو آهيان. يقين ڪريو ته هيءُ ڪالم دل سان لکندو آهيان، تڙ تڪڙ ۾ گهڙيندو ڪو نه آهيان. هونئن گهڙڻ وارو ڪم واڍن جو هوندو آهي، جيڪي ڪاٺ مان خوبصورت شيون گهڙيندا آهن. ان تي مون کي ڪنڀار به ياد پيا اچن، جن جون آڱريون مٽيءَ مان خوبصورت ٿانوَ گهڙينديون آهن.

Friday, December 2, 2011

ورجيسون پسمنظر ۽ ڪارج - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

ورجيسون
پسمنظر ۽ ڪارج
انجنيئر عبدالوهاب سهتو

ٻولي/ زبان، خيالن جي اظهار جو ذريعو آهي. منجهس جيترا لفظ، مفهوم جي لحاظ کان عام / مشهور هوندا، اوتروئي اها سليس هوندي ۽ اوتروئي منجهس سمايل علوم، سمجهڻ ۾ سولا ٿيندا ويندا. بلڪل آسان ۽ ٻاراڻي زبان به پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي آهي. ان ڪري هر سڌريل/ سڌرندڙ ٻوليءَ لاءِ لازم آهي ته منجهس، وقت جي تقاضائن/ گهرجن آهر نوان، اڻ ٻڌل لفظ جڙندا / ملندا رهن. نون اصطلاحن جي وڌڻ سان، ٻوليءَ ۾ ترقي/ واڌارو ٿئي ٿو. ٻولي شاهوڪار ٿئي ٿي. شاهوڪاريءَ سبب، برقرار به رهي ٿي ۽ سندس ڳالهائيندڙن جي تعداد ۾ واڌ به اچي ٿي.
مٿي بيان ڪيل سموريون خوبيون/ صفتون، سنڌي زبان ۾ موجود آهن. منجهس وڌڻ، نون اصطلاحن هضم ڪرڻ يا کين پنهنجو بنائڻ جي به وڏي صلاحيت موجود آهي. انهيءَ واڌاري ۾ روز نوان اصطلاح ۽ ورجيسون جڙي شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٻوليءَ جو جُز بنجي، کيس سينگاريندا به رهن ٿا.

چند سنڌي چوڻيون SOME SINDHI SAYINGS


چند سنڌي چوڻيون
SOME SINDHI SAYINGS
Engineer Abdul Wahab Sahito
Proverb Definitions
Proverbs are popular sayings which contain advice or state a generally accepted truth. Because most proverbs have their origins in oral tradition, they are generally worded in such a way as to be remembered easily and tend to change little from generation to generation, so much so that sometimes their specific meaning is no longer relevant. For instance, the proverb “penny wise, pound foolish” is a holdover from when America was a British colony and used the pound as currency. Proverbs function as “folk wisdom,” general advice about how to act and live. And because they are folk wisdom, they often strongly reflect the cultural values and physical environment from which they arise. For instance, island cultures such as Hawaii have proverbs about the sea. Eastern cultures have proverbs about elephants, and American proverbs, many collected and published by Benjamin Franklin, are about hard work bringing success. Proverbs are used to support arguments, to provide lessons and instruction, and to stress shared values.

پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون - ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو


پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ ورجيسون
 ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو
مون کي احساس آھي ته ڪنهن به زبان جي اصل جوھر جي پرک ان جي لساني، صوتياتي ۽ صرف و نحو جي تپاس ۽ اپٽار سان ٿئي ٿي. منجھس ڪھڙيون خوبيون ۽ نرالايون آھن، انهن جي جاچ ڪجي ۽ کولي مثالن سان بيان ڪجي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لسانياتي جائزو زبان جي حسن کي پوري آب و تاب سان ظاھر ڪري ٿو. سنڌي زبان جي ماھرن اِن باري ۾ گھٽايو ڪونهي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا ھن سلسلي ۾ بنيادي ڪم ڪيو آھي ۽ لسانيات توڙي گرامر جي ھر پھلو ۽ باريڪ نڪتن کي کولي بان ڪيو اٿن. آءٌ ھن باب ۾ زبان جي حسن ۽ جلوي کي آشڪار ڪرڻ ٿو گھران، جيڪو پھاڪن، اصطلاحن، چوڻين ۽ ورجيسن ۾ به موجود آھي ۽ زبان جي ماھيت ۽ جوھر کي ظاھر ڪري ٿو.


سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ - الطاف حسين جوکيو

سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ
الطاف حسين جوکيو
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزن (Terms) جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي. جن ۾ پهاڪو، چوڻي، اصطلاح، محاورو، ورجيس، ۽ کوڙ ساترا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا؛ جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف پهاڪي، چوڻيءَ، اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس تي مبني آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي هنن اصطلاحن جي اکيڙ جو اهم مقصد، انهن جي درست رخ کي سمجھڻ ۽ انهن جو درست استعمال ڪرڻ به آهي. ان جي ضرورت ان لاءِ به محسوس ڪئي وڃي ٿي ته اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن وٽ انهن اصطلاحن جي ڪا واضح وصف موجود ڪونهي يا ڪي متعين ڪيل وصفن سان سهمت ڪونهن يا وري ڪي ٻيا سبب هجن.

Monday, November 28, 2011

جيڪي ڪندا مئي - محمد يامين


جيڪي ڪندا مئي، سو جانب ڪريو جيئري!
محمد يامين سومرو/ ڇور (ٿر)

هن ڀيري برساتون اُڙم وسيون. گاهه پٺو به اڻ ميو اُڀريو. ويران ٿر ۾ به گاهه ۽ وليون وڻن تي چڙهي ويون. مڇر، مکيون ۽ ٻيا زهريلا جيت به اناف سناف پيدا ٿيا آهن. تن ساهوارن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي. نه ڪا رات ٿي گذري سُک سان ۽ نه ڪي ڏينهن ٿو تمام ٿئي آرام سان! هڪ ٻوڏ جو روپ، ۽ ٻيو سم نالن جي گهارن متيون منجهايون، ٽيون زهريلن جيتن جاندار جانيون جلائي ڇڏيون آهن. مسڪين ماروئڙن وٽ ڪٿي آهن اي سي ۽ بجلي، پکا، جيڪي ڪجهه بچاءُ ڪن. اڳي مڪڙ مار دوا ميٽوڙي پائوڊر جهاز ڇٽڪاري مڪڙن جي ٻچن کي ختم ڪندا هئا ۽ مليريا عملو به ميٽوڙي پائوڊر ڳاري در در وڃي ڦوهارو ڪري مڇر، مکين ۽ ٻين زهريلن جيتن کي يعني ڦڪن کي ناس ڪندو هو. هاڻي خبر ناهي ته اُهو مليريا عملو ڪيڏانهن ويو؟ 
منهنجي گذارش آهي ته، ميٽوڙي دوا جو مليريا وارن هٿان گهر گهر ۽ جهر جهنگ ۾ ڦوهارو ڪرائي، ساهه وارن کي سُک بخشيو وڃي. ور نه ته ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ کان بچي ويل انسانن ۽ حيوانن کي مڇر ۽ ٻيا زهريلا جيت ختم ڪري ڇڏيندا. اختيار ڌڻين کي عرض آهي ته؛ جيڪي ڪندا مئي، سو جانب ڪريو جيئري.

مطلب: جيئري ڪين سٽيائون، مئي دٻ دٻ پٽيائون.

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان

Tuesday, November 22, 2011

پهـاڪو - قاسم ٻگهيو

پهـاڪو
قاسم ٻگهيو

اسان جو عوامي ادب، جنهن کي لوڪ ادب سڏيون ٿا؛ اصل ۾ اسان جو قديمي ۽ قيمتي، فطري ۽ بنيادي ادب آهي، جنهن ۾ عوام جي عادتن، حالتن ۽ طبعي طور طريقن جو بيان آهي. انهيءَ جو ابتدائي پس منظر جاچڻ لاءِ جي تاريخ تي نگاهه ڪبي، ته معلوم ٿيندو ته هن ملڪ ۾ سدائين ڪي ساڳيون حالتون قائم ڪين رهيون آهن. هزارين سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هتي ڪيئن مختلف اجنبي قومون، هڪ ٻئي پٺيان پنهنجوپنهنجو وارو وڄائينديون پئي آيون آهن. مثلاً: حبشي ۽ حامي، سميري ۽ سامي، آريا ۽ ايراني، يوناني ۽ توراني، ساڪ ۽ سٿين، پهلوا ۽ پارٿين، ڪوشان ۽ ساساني، عرب ۽ افغاني وغيره، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾، هتي نئين سِج نوان چلامانَ چالو ڪري مقامي ماحول ۾ نت نوان تغير پيدا پئي ڪيا آهن. هر ڪنهن فاتح قبيلي، فقط پنهنجي قبائلي مذاق ۽ تمدن کي فوقيت ڏيندي. ان کي ساري جڳ جو معيار پئي بڻايو ۽ ان جي برعڪس هر اڳئين ادب ۽ روايت کي پنهنجي شاهي مجلسن مان ڌڪي ٻاهر پئي اڇلايو آهي پر ڪنهن به ڳالهه ۾ جيڪڏهن زندهه رهڻ جي ٿوري به صلاحيت موجود آهي ته ان کي بيشڪ بقا آهي (Survival Fittest) انهيءَ اصول تحت ئي هر ڪنهن عهد جي فاتحن جون ڪي رد ڪيل روايتون وري عوام جو اجتماعي آواز بڻجي عوامي ادب جي ڪشڪول ۾ ڪٺي ٿينديون پئي آيون آهن. اهڙي طرح هر گذريل دور جو معياري ادب وري ايندڙ هر زماني ۾ ڦري “لوڪ ادب” پئي بڻيو آهي. پر اهو قديم ادب (لوڪ ادب جي حيثيت ۾ ئي سهي) بجاءِ فنا ٿيڻ جي ويتر گڏيل وياج وانگي ويجهندو ۽ بنيادي گنج ۾ ٻيا گنج گڏيندو پئي آيو آهي. اسان جو فطري ۽ روايتي ادب، انهيءِ ڪري ڪيترن ئي قومن جي گڏيل فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جو هڪ مرڪب آهي.

Monday, November 21, 2011

ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون! - دليپ رتناڻي


ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون!
دليپ رتناڻي
 منهنجي پاڙي ۾ جارج نالي هڪ گورو انگريز رهي ٿو. هڪ ڏينهن برسات جي موسم ۾ ڪچهري ڪندي مون جارج کان پڇيو ته؛ ”جڏهن تو پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ته ڏاج ۾ ڇا ڏنو؟“ تنهن تي جارج حيران ٿيندي چيو ته؛ ”پرڻائڻ ۽ ڏاج واري چڪر ۾ وڃڻ جو. هتي ڪئناڊا ۾ ڪو رواج ئي ڪونهي. اوهان ديسي ماڻهن جو ته مٿو ڦريل آهي. هروڀرو ويٺا اجايون رسمون ريتون کڻي پيا هلو.“ مون چيو ته اهو اسان جو سنڌ جو ڪلچر آهي. چيائين ته؛ ”ڇا جو ڪلچر، بيوقوفي وارين ڳالهين کي اوهين پيا ڪلچر سڏيو.“ خير اهو ته هو جارج جو موقف، پر پاڻ جارج جي موقف کي ٿورو مختلف انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

Monday, November 7, 2011

رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا - الطاف شيخ


رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته، اتي مونسان گڏ ڪم ڪرڻ وارا ڏهاڪو کن ماڻهو مختلف ملڪن جا هوندا هئا. سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ هڪ سؤ کان به مٿي ملڪن جا ٻه سؤ کن شاگرد هئا. ڪجهه ٿورن ملڪن کان علاوه هر ان ملڪ جا هئا جيڪو يونائيٽيڊ نئشنس جو ميمبر ملڪ هو. ظاهر آهي اها يونيورسٽي ئي UNO جي اداري  TMOجي هئي. ٻن سالن جي اتي رهائش ۾ روزانو مختلف ملڪن جي شاگردن سان خبر چار ٿيندي هئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيندا هئا جن جو احوال پنجن ڪتابن (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو، ڪراچي کان ڪوپن هيگن، جت برف پوي ٿي جام ۽ يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون) ۾ قلمبند ڪيو اٿم. ڪنهن کان ڪو سٺو شعر، پهاڪو يا چوڻي ٻڌندو هوس ته نوٽ ڪري وٺندو هوس. انهن شاگردن ۾ هڪ عبدالوهاب اڪوح نالي موراڪو جو پورٽ ڊائريڪٽر پڻ هو. وڏو نفيس قسم جو ۽ شاعراڻي طبيعت جو هو. مادري زبان عربي ۽ تعليمي زبان فرينچ کان علاوه انگريزي به سٺي ڳالهائيندو هو. پاڻ مونکي ٻڌائيندو هو ته، سندس ذات اڪوح موراڪو (مراڪش) ۾ اتاهين درجي جي مڃي وڃي ٿي- جيئن اسان وٽ سيد پير آهن. ضرور سندس خانداني رتبو مٿانهون هوندو تڏهن ته سعودي عرب توڙي يمن ۽ مصر جا عرب به سندس عزت ڪندا هئا. سياري جي موڪلن ۾ هو ڳوٺ ويو ته مونکان به پڇڻ آيو ته؛ ”ڇا آڻيان؟“
”هڪ ڪم ڪجانءَ!“ مون چيومانس؛ ”پير صاحب ته آهين. پنهنجي ڪنهن خليفي کان توهان جي ملڪ ۾ عام استعمال ۾ ايندڙ پهاڪا لکرائي اچجان. آئون اخبار ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان!“
”ضرور، پر انهن سان گڏ منهنجو به ذڪر ڪجان!“ 

Tuesday, November 1, 2011

“پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر - پروفيسر نذير احمد سومرو


پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر
پروفيسر نذير احمد سومرو

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي مان جن اديبن پنهنجي لکڻين جي ذريعي نالو ڪمايو، منجهن هڪ نالو عبدالڪريم سنديلي مرحوم جو به آهي. مرحوم عبدالڪريم سنديلو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ تعلقي لب دريا (هاڻي ڏوڪري) جي هڪ واهڻ محراب سنديلي ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي پرائمري ماستر ۽ پوءِ سنڌي پرائمري استادن جي تربيتي اداري ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچر ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ڪندي پروفيسر (ايسوسيئيٽ) جي عهدي تي پهتو، جتان رٽائر ڪيائين. ڪجهه وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال به ٿي رهيو. سنديلي صاحب کوڙ سارا ڪتاب به لکيا جن ۾ تحقيق لغات سنڌي، ڏهس نامو ۽ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو قابل ذڪر آهن. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” سندس پي ايڇ ڊي جو شايد موضوع به هو. سندس پي ايڇ ڊي جو نگران برصغير تائين شهرت رکندڙ عالم دين، اديب ۽ ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب هئا. سنديلي مرحوم جو هڪ ڪتاب “پهاڪن جي پاڙ” نالي سان آهي. جيڪو هن 1966ع ۾ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپرايو هو. هن ڪتاب تي سنڌ جي ٻن وڏين هستين جهڙوڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مخدوم طالب مولى جا رايا پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سڀ کان پهريون دفعو 1966ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاڪستان (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس مان ڇپيو هو. جنهن جو مالڪ لاڙڪاڻي جو هڪ صحافي محمد خان شيخ هو. 

ورجيسون ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


ورجيسون ڪتاب بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو

دنيا جي مڙني قومن ۾، چاهي ڪهڙو به مذهب رکندڙ هجن، پنهنجي جداري ثقافت ۽ تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ هوندي به جيڪا ڳالهه گهڻي ڀاڱي مشترڪ آهي سي آهن پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون. فرق رڳو ٻوليءَ جو ٿئي ٿو. مثال طور انگريزيءَ ۾ سوئيٽي (Sweetie) فارسي، اردو ۽ پشتو ۾ شيرين ۽ سنڌيءَ ۾ مٺڻ. ائين پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان سڀني قومن جي ٻولين ۾ (سواءِ سنسڪرت) ساڳي طرح استعمال ٿين ٿا يا ڪيا وڃن ٿا، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ محاوري يا پهاڪي ۽ ورجيس جي. جيئن پشتو ڳالهائيندڙ هڪ پروفيسر شميم اختر يوسف زئي (ڪراچي) مون کي پشتو ٻوليءَ جو پهاڪو ٻڌايو ته :
پنهنجي ڪُڪڙ جو منهن ڪارو نه ٿئي جو پراون گهرن ۾ آنا لاهي ته پاڙي وارن سان جيڪر ڇو وڙهئون؟

موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو

موزون آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو

جيئن انساني زندگيءَ جي تاريخ جي ڪهاڻي پراڻي آهي، تيئن پهاڪن جي تواريخ به پراڻي آهي. اڄ تائين ڪو به پڪ ۽ وثوق سان چئي نه سگهيو آهي ته انسانن سان آباد هن رنگين دنيا جي سڀني ٻولين منجهان اها ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ڪنهن پهاڪو ٻڌو ۽ ٺاهيو؟ ائين ئي هيءُ سوال به اڃا تائين حل طلب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪو ڪڏهن ٺهيو؟ يا پهريون ڀيرو سٺن لفظن تي مشتمل مڪمل يا اڌورو جملو ڪنهن چيو؟ جيڪو معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ايترو ته ڀرپور هيو جو سڀني انسانن متفق ٿي ان کي پهاڪو ڪوٺيو؟!! يا اهو ايترو وڻندڙ ۽ وزندار هيو، جو سڀني کي وڻيو ۽ باقي پهاڪا پنهنجو پاڻ هڪ ٻئي جي پويان ٺهندا ويا. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني قومن جي مختلف اٿڻي ويهڻي ۽ تهذيبي تضاد جي باوجود پهاڪا/ چوڻيون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان رڳو هڪجهڙا نه آهن، پر ڄڻ هڪ ٻئي جو نعم البدل آهن، هڪجهڙائي به ايتري جو، هڪ کي لڪائي ٻئي کي ڪڍ! ان جو هڪ سبب هي به نظر اچي ٿو ته انساني جبلتون هڪجهڙيون آهن، ڀلي جسماني رنگ ۽ رت جو گروپ مختلف ڇو نه هجي.

اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو

هن، عجب ۾ وجهندڙ حسين ۽ رنگين، ڪائنات جي جوڙيندڙ ڌڻي تعاليٰ جي ڌرتي چئن طرفن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ طرف جو نالو ”اُتر“ آهي. اولهه طرف جيان سنڌ ۾ ”اُتر“ کي به مقدس حيثيت حاصل آهي. عام مشاهدو آهي ته سنڌين جي اڪثر آبادي اُتر ڏي پير ڪري، ڪونه سمهي چي؛ ”اُتر طرف ته يارهين واري پيران پير دستگير جو روضو مبارڪ آهي، اوڏانهن پير ڪري ڇو گنهگار ٿيون؟“ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي مٿئين يا اترئين ڀاڱي کي ”سرو“ يا ”اُتر“ چيو وڃي ٿو ۽ اُتان جي رهاڪن کي اُترادي ۽ سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي کي لاڙ ۽ اتان جي رهندڙن کي لاڙيچو سڏجي ٿو. وٽن اُترادي لفظ جو مفهوم ڪجهه اُگرو آهي. جنهنڪري هيٺين چوڻي مشهور ڪئي اٿائون:

“اُترادي ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو”
يا
“لاڙ جو ماڻهو ، اُترادي ڍڳو”

Monday, October 31, 2011

ٿاريلا ۽ ٿر - دوست ڏيپلائي


ٿاريلا ۽ ٿر
 برسات کان اڳ- برسات ۾- برسات کان پوءِ
دوست ڏيپلائي
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، هُـو پهرن  مٿي  پٽ  پاڪ،
وهن  وراڪن  ۾،  جن  جي  اجوکــــي  اوطــــاق.

ويچارا ٿر جا ٿاريلا، رائي رتين ريلن جا رهاڪو. سندن ملڪ بر. وٺو ته وهه واهه! نه ته دربدر. رات ڏينهن سندن مهاڙ مال ڏي. جُوءِ ۾ نه اٿن جر ۽ نه جاگير. ڪي وڻ تي ڪي ڪڻ تي ته ڪي وري ڌڻ تي. ڇن پٽ پوي ته کيتن ۾ الله جي آسري اوڙون ڏين. مينهن وٺي وڻ ڦٽن. ڪڻ ٿين. به خوب کير ڏين. “برسات کان اڳ، ڦوڳ به ڦلاريا”. ڦوڳيءَ مان ڦَڪ ڀري، ماڇڪن ڏي موٽيا. “چيٽ چٽيا، ويساک ورهايا” پائر ۽ پارڪر ۾ پيرون پچي لال ٿيا. هاڻي ته وڻ وڻ هيٺ وهانءِ لڳي وين. ساڏوهين ۾ سيڙهڪن جي ڏنگڙن ڏارن تي چڙهيو، لامن ۾ لڙڪيو- پيا ڏيهاين کي ڏورڪيون ڏين. “....پيلوُ پڪا لامان لڙيان، آءٌ ته ملون چن يار....” سائو سڱر ساڻيهه جو سيڪي خوب کاڌائون. هاڻي کوکا به کيربا ۽ پيرون به اچي پورا ٿيا. هر ڪنهن پئي اُڀ ڏي نهاريو. موسم مينهن جي سنڀاريو چي: “ادا ڏيو خبر چار ته ڪهڙا آهن سال جا آثار!” “ڀائو، سال ته مولا کڻي موچارو ڪندو!” پر چوندا ته ‘چيٽ چمڪيو نه ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ راجا رُٺو نه ڀلو، سرتو ڀلو نه سيٺ!’ شڪ ٿو پوي ته ان ڏهاڙي چيٽ ۾ کنوڻ پئي ٺلها چمڪا ڪيا. مولا خير ڪري، سياڻن سچ چيو آهي، ته چيٽ جو چمڪڻ چڱو ناهي، چيٽ جو وسڻ... راجا رُٺي نقصان آهي. سيٺ راضي ته چڱو. سيٺ جو رنج معنيٰ قرض جو انڪار. وکت پاس ٿي ويندو. قرض کنيو ته ڄڻ ڳهيو. پر ادا، ماروڙين مَڪَ به جام جهلي آهي. سال سڻائو اچي کپي. ڪيڙي ماڪوڙِ، پکي پکڻ ۾ به سٽا ۽ سهاڳ ٿو ڏسجي. پر هڪڙِي ڳالهه آهي، هن سال وڻ ڦرپاڇوٽو هو... شايد سال پاڇاٽ ڪري؛ پر ڪڏهن به آرڇو نه اچڻ کپي. جهنگ جهاڙي وڍي کيٽ بڻايو. مينهن اِجهو آيو ڪي آيو. چوندا آهن ته “ورهيه کري ته جهَڪَ ڪري مڙس کري ته بَڪ ڪري، ڌرتي کري ته اَڪ ڪري”. چوڌاري اِهي چميگويون ۽ چؤٻول..... “روهڻ تپي، مگسر وائي- ادا مينهن وهلو آئي”. روهڻ، مگسر ۽ آڊ... اهي برسات جا نِکٽ آهن. ويچارا ماروئڙا روهڻ تپي ۽ مگسر وائي ته خوش. کين ويساهه آهي، ته آڊ ۾ برسات ضرور پوندي ... پر جي آڊ جي نکٽ به ملڪ کي اَوسر ۽ اَريج بنايو، ته چوندا: “اکاڙا ٻيج واڏرڪا ويڄ، سوڙها رکو ٻڙڌيا کوري رکو ٻيج...” اَکاڙ جي ٻيج جي رات آسمان ۾ بادل يا کنوڻ ڏٺائون ته پڪ ٿيندن ته سال سورهن آنا، پر جي: “آکاڙ ٻيج واڏرنا ويڄ، پهلي بيچو ٻڙڌيا پاڇي چٻو ٻيج” ٻيج جي رات آسمان چٽو- کليل ڏٺائون ته دل لهي ويندن، چوندا ته مينهن ملڪ کان موڪلائي ويو. ڍڳا ڍور وڪڻي ٻچن جو سمر ٺاهيو. آڊ کان پوءِ به برسات جا نِکٽ آهن؛ وڏو وايو، ننڍو وايو، آسريس، منگهه. آڊ جو نکٽ وٺو ته ملڪ سورهن آنا؛ پر جي واين ملهايو ته پڻ ملڪ ٿيو سوايو... پاڇاٽين وسن ۾ به سانگيڙا سرها... پر جي واين به ڇنڊ پٽ تي نه وڌي، ته چوندا؛ “آسريس ڏيسا ڏيس...” آسريس ۾ ملڪان ملڪ مينهن وسندو؛ پر جي آسريس به الله توهار چئي موڪلائي ويو ته چوندا؛ “منگهه، تاڻي ٻڌو تنگ”؛ اهي اکر ماروئڙن جا نا اميدي جا آهن.... پنهنجا سندرا ثابوت ٻڌو.. اَڃا به کين اميد هوندي... “ست- ستاويهه سترهن- چوڏهن چار- هن ونيءَ جا ور گهڻا نو ٻيا به نهار...” اهي جملي 72 ڏينهن ٿيا، جن کي ٿاريلا ٻاهتر وچون. ائين تڏهن ٿيندو جڏهن، روهڻ نکٽ ۾ کوٽي کنوڻ ڏسندا... چي روهڻ ڏجهي پيئي ٻاهترو پوندو... مطلب ته ٻاهتري ۽ اڌڪ کان ٿاريلڙا گهڻو ڇرڪن.. اڌڪ ٻيو ته چوندا سال پاڇاٽو آهي. هن سال ٻه سانوڻ آهن..اَلاجي ڪهڙو سانوڻ سانگيڙن کي وسي وسون ڪري ڏي.. ڌنار ويچارا ڌڻ نهاريندي ڪيڙي ماڪوڙي ۽ مال جو اوسر وغيره به نهارين. جي ماڪوڙي جو اوسر، آنا کڻي ڪنهن اُتاهين دڙي ڏي ڏٺائون، ته پڪ ٿيندن ته برسات جلد پوندي... پر جي ڍولير پکيءَ جو ڪنهن پٽ تي آکيرو ڏٺو ته غور سان نهاريندا ته ڪهڙي طرف اونو ڪيو اٿس... جنهن به طرف کان آکيري جو اولو ڏٺائون ته چوندا برسات اُن طرف کان ايندي ...چي “ڍولير اولو رکيو آهي...” ٻڪرين وٿاڻ تان رات جو اوڀر طرف اوسر ڪئي، ته ڄڻ کين مينهن جي مبارڪ ڏنائون... ڍڳن ڍورن پگهر ڪري ڪونٽ ڪارا ڪيا ته چوندا، ته ضرور مال جي ڪونٽن جي مر برسات سان ڌوپندي .... مطلب ته ماروئڙا پنهنجي ڍنگ ڍول ۾ سارنگ کي پيا سارين. وسڪاري جي وائي واتون مور نه وسارين ... ماروئڙا چوماسي هوائن تي به گهڻو ويساهه رکن- چي؛ “...سامونڊي ساڻي ته مينهن نڪو پاڻي...”. “ڪا مهوڙي ٿي لاگي- ڀتو کڻيو ڪلا ئي ڀاڳي” “سوريو ٿي بايو، پڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو”. اها ڪهاوت ٻنيري ۽ ٻنيري جي زال جي وچ ۾ ٿي هئي... ٿاريلا اتر يا اوڀر جي هوا لڳي ته سمجهندا برسات ضرور پوندي. ڪامهوڙي (اتر جي هوا) سوريو (اوڀر جي هوا) آڙنگ اُڀ ۾ ڏٺائون ۽ ان سان گڏ ڪامهوڙي- سوريو لڳو ته پيا وهسندا مندائتي مينهن جون مبارڪون ڏيندا....

Tuesday, October 25, 2011

ٿر ڏُلهي تو بيراج جهلي، بيراج ڏُلهي تو ڪوڻ جهلي - پيارو شواڻي


ٿر ڏُلهي تو بيراج جهلي، بيراج ڏُلهي تو ڪوڻ جهلي.
(ٿر/ ڍٽ)
پيارو شواڻي/ مٺي
هن سال، ٻه مهينا دير سان پوندڙ سانوڻي رت جي برساتن، صورتحال مٿي ڄاڻايل ٿري چوڻيءَ کان به ڳري ڪري ڇڏي آهي، ۽ وڌيڪ سور پيدا ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ ته برساتون ٻه مهينا دير سان پيون، تنهن جي ڪري ٿري ماڻهن اڌ مند گذرڻ بعد ٻنيون پوکيون آهن ۽ گاهه وليون به اڍائي مهينا دير سان ٿيا آهن، تنهن ڪري ٿر ۾ موجود سٺ لک چوپائي مال جو گهڻو تعداد بيراج واري علائقي ۾ رهيو، ۽ واپس ٿر ڏانهن موٽڻ ۾ به مال توڙي ماڻهن کي دير ٿي ويئي. ٻيو وري بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ توڙي سانگهڙ ضلعا، جتي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ٿر جو چوپايو مال ۽ مارو پيٽ جي بُک اُجهائڻ لاءِ چار ڇهه مهينا ويندا هئا، اُتي به برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، تنهنڪري حڪومت سنڌ مذڪوره ضلعن کي مڪمل طور ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي صرف 6 ديهن کي آفت زده قرار ڏنو آهي. ويجهڙ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو، بيراج جي ٿر سان لڳندڙ ضلعن جو لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال توڙي متاثر ماڻهو ٿر جي ڀٽن ۽ پٽن تي پهتا آهن. تنهنڪري خدشو ان ڳالهه جو آهي ته ڪٿي ٿر ۾ ٻه مهينا دير سان اُڀريل/ ڦُٽل گاهه، وليون ۽ ٻوٽا، جيڪي ٿر جي 60 لک کان به مٿي مقامي چوپائي مال لاءِ به اڻ پورا آهن ۽ مٿان وري بيراج جو آيل مجبور ۽ مهمان چوپايو مال به ٿر ۾ رهيو پيو آهي، تنهنڪري اڀريل گاهه جو اهو ذخيرو مقامي توڙي مهمان ٿي آيل چوپائي مال لاءِ ناڪافي آهي. جيڪو گاهه هڪ ته ڦُٽو ئي ٻه مهينا دير سان آهي ۽ مٿان وري هڪ ڪروڙ کان مٿي چوپايو مال هن وقت ٿر ۾ موجود آهي. نومبر ۽ ڊسمبر کان پهرين ئي اهو گاهه ختم ٿي ويندو ۽ برساتي پاڻيءَ سان ڀريل ترايون به سُڪي وينديون. تنهنڪري حڪومت توڙي غير سرڪاري ادارن کي گهرجي ته ٿرپارڪر جي سموري چوپائي مال توڙي ڀر وارن ضلعن جي جانورن لاءِ فوري طور گاهه جو بندوبست ڪيو وڃي، نه ته ٿر جون دير سان ۽ اڌ سايون ٿيل ڀٽون وقت کان اڳ سُڪي وينديون ۽ مقامي توڙي مهمان چوپايو مال بکن ۾ مرڻ لڳندو.
مطلب:
۱. ڪن سببن جي ڪري جيڪڏهن ٿر ۽ ٿرين کي اوکي سوکي ڪا تڪليف ٿئي ته بيراج جا ماڻهو انهن جو ڀرجهلو ۽ آسرو ٿين ٿا، پر جي بيراج وارن تي ڪا ڏکي گهڙي اچي ته اُنهن جو هڏ ڏوکي ڪير ٿئي؟
۲. ڏکي توءِ  ڏُڪار، توڙي وسن مينهڙا!
۳. ٿر ڏُلي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلي ته دنيا نه جهلي.
(روزاني ڪاوش، ۱۱ سيپٽمبر، ۲۰۱۱ تان کنيل)


جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ - جوڳي اسد ميرواهي


”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“ وارو مفروضو
جوڳي اسد ميرواهي/ حيدرآباد
22 مئي 2011ع واري ڪاوش دنيا مئگزين ۾ هڪ تحرير شايع ٿي آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته، ”نواز شريف جو سنڌ جو دورو: جويو صاحب، قومپرست ۽ ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ.“ آئون هتي ان مضمون ۾ استعمال ڪيل محاوري ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ“ لاءِ پڇڻ چاهيندس ته، ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“ وارو محاورو ڪيئن رائج ٿيو؟ ان جو ڪهڙو تاريخي پس منظر آهي، جنهنڪري اهو اڄ به عام توڙي خاص ماڻهن پاران استعمال ڪيو وڃي ٿو؟ ان محاوري جو حقيقت سان ڪيترو تعلق آهي؟ انهن سوالن جا جواب ته سنڌ جي اديبن ۽ تاريخدانن کي ضرور ڏيڻ گهرجن ٿا، جڏهن ته آئون ان محاوري کي هيٺين بنيادن تي غلط ثابت ڪريان ٿو. (1) “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” محاورو نسلي متڀيد ۽ نفرت آميز معنيٰ رکي ٿو. (2) “راڄپر” سما آهن ۽ راڄپر ذات جا 56  پاڙا/نکون آهن، جهڙوڪ: ڦل، اڄڻ، ٻانڀڻ، جوڳي، ڪٻر، ويسر، ناگور، پاتا، مانڊڻ وغيره، جنهن ۾ “جوڳي” راڄپر ذات جو هڪ پاڙو آهن. هي راڄپر سماٽ ذات جو جوڳي پاڙو، جيڪي سڀ مسلمان، زميندار ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، ضلعي خيرپور، تعلقي ۽ شهر ٺري ميرواهه جا رهواسي ۽ ابن ڏاڏن کان آباد آهن، جن منجهان ڪافي گهراڻا پڙهيل، اعليٰ تعليم يافته، ڪاروباري، نوڪري پيشه، هاري مزدور ۽ زميندار آهن. راڄپر ذات جي اڪثر پاڙن جهڙوڪ: ڦل، ٻانڀڻ وغيره وانگر جوڳي پڻ پنهنجي پاڙي کي ذات سڏرائين ٿا. ٺري ميرواهه جي جوڳي ذات ۾ مختلف ذاتين ۾ شاديون ٿيل آهن، مٽيون مائٽيون ٿيل آهن، پوءِ ان محاوري کي ڪيئن درست مڃجي ته، “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ”. ان کان علاوه ڪجهه مسلمان جوڳي فقير به ڍارو هڻن ۽ نانگ پالين ٿا، اهي جوڳي ڀٽ شاهه جا رهواسي  آهن. اهڙي طرح ٻيا جوڳي فقير، جيڪي نانگ، بلائون پالين، ڍارو هڻڻ ڄاڻن، سي هندو جوڳي فقير آهن. هي اهي ئي اصل گرناري جوڳي آهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ جن جو ذڪر آيل آهي. هنن جوڳين جو پنهنجو الڳ صوفياڻو ۽ فقيري مقام آهي. جوڳين جو ڀارتي پنجابي ادب ۾ پڻ ذڪر ملي ٿو. جوڳي جاکوڙي، محنتي ۽ انقلابي Role Model آهن. عام زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ٻين ذاتين جو جوڳي ذات ڏانهن رويو نامناسب، متڀيد، تعصب وارو ۽ نفرت آميز رهيو آهي. مختلف سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۽ گڏ ڪم ڪندڙ اسان جي ذات وارن کي ۽ مون سان يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندڙ پڻ نالي پڪارڻ بجاءِ جوڳي سڏين ٿا  ۽ جڏهن ته هو پاڻ ۾ هڪٻئي کي مختلف ذاتين هئڻ باوجود سندن نالن سان پڪارين ٿا. جوڳي سڏرائڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ڇو ته جوڳي لفظ جي معنيٰ آهي جوڳ، يوڳاYoga  مطلب ته ملائڻ. هن محاوري “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ” کي نفرت آميز پس منظر ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سراسر غلط، توهين آميز آهي.

Monday, October 24, 2011

آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪا - ڪوڙومل چندنمل کلناڻي


آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪا
ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

ڪتاب ۽ ليکڪ بابت
ديوان ڪوڙومل جي لکيل ھن ڪتاب جي، گھڻي عرصي کان طلب ۽ تلاش ھئي پر ڇاپي صورت ۾ ملي نه پئي سگھيو. قوي توقع اھا پئي رھي ته شايد ڇاپي ڪتاب ھن وقت دنيا ۾ ناپيد ٿي چڪو آھي. ھاڻي بس ان بابت فقط ڪتابن ۾ تذڪرو پيو ملندو. شابس ھجي سچل ڪاليج نواب شاھ جي ھونھار ليڪچرار جناب محمود ڏاھري صاحب جن کي، جو ڪوڙومل تي ريسرچ جو ڪم ھٿ ۾ کڻڻ سبب، پاڻ سندس ٻين ڪتابن سان گڏ ھيءُ ڪتاب به فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ ھٿ ڪيو اٿائون. نيٽ ذريعي ساڻن ڄاڻ سڃاڻ ٿي ھئي. فون تي رابطي بعد ٻڌايائون ۽ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي پڻ ڏياري موڪليائون.
ان ڪتاب جي کين فوٽو ڪاپي. علامه داؤدپوٽو لائبرري حيدر آباد مان ھٿ آئي. اھو ڪتاب بنام آوازي اخلاق (پھاڪا) جي نالي سان جريان نمبر ۱۷۴ تي رکيل آھي.
ڪرائون سائيز جي ۴۹ صفحن واري ھن ڪتاب جو سرورق، جنھن ۾ ليکڪ، ڇپائيندڙ اداري، ڇپيندڙ پريس جو نالو ۽ سال ڄاڻايل ھوندو آھي، موجود ناھي. تنھن ھوندي به منڍ مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو ڪتاب آوازِ اخلاق آھي ۽ ان جو ليکڪ يا گڏ ڪندڙ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي(1844ع– 1916ع) آھي.
بھرحال ھن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي مھيا ڪرڻ تي ھيءُ ادارو جناب محمود ڏاھري صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آھي.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو.
پھرئين ڇاپي جو مقدمو
اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪِئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪِئن ڪم آڻجي تنھنجي لاءِ بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم. ائين ڪجي ھا ته ننڍي وڏي سڀڪنھن کي اُنھن جي ڪم آڻڻ جي پوري سڌ پئجي وڃي ھا ۽ جئن ڪي ڪي ماڻھو پوري مطلب نه سمجھڻ ڪري بي موقع يا اڻ ٺھندو پھاڪو لکي يا چئي وھندا آھن تيئن نه ڪن ھا پر ائين ڪجي ھا ته ڪتاب اھڙو وڏو ٿي پوي ھا جو غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا. ۽ ھنن پھاڪن کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جو جيڪو مطلب آھي سو ھٿ ڪين اچي ھا. تنھنڪري رڳا پھاڪا لکيا اٿم ۽ انھن جي معنيٰ سمجھڻ ۾ ڪجھ سولائي ٿئي تنھن لاءِ اوکن لفظن جي معنيٰ به ڏني اٿم. مگر انھن کي ڪِئن ڪم آڻجي تنھن لاءِ سڀڪو پنھنجي خيال ۽ ھوش تي ھلي.
اڳي به ھڪڙو ننڍڙو پھاڪن جو ڪتاب ڇپيل آھي. ان ۾ پھاڪا ٿورڙا آھن ۽ ٻيو ھڪڙو پھاڪن جو ڪتاب به ٺھيل آھي پر اُھو اڃان ڇپيو ڪين آھي ۽ اُن ۾ به پھاڪا ٿورا آھن. مون اٺ سؤ پھاڪا گڏ ڪري ھن ڪتاب ۾ لکيا آھن. سڀڪو ھي ڪتاب وٺي سگھي تنھن لاءِ رڳو خرچ ساري ان جي تمام ھلڪي قيمت ٺھرائي ويئي آھي.
ڪي پھاڪا جيڪس اُگھاڙا ڏسڻ ۾ ايندا، فحش يعني لفظ ڪَجوڙا يا نا شائستا ڏسڻ ۾ ايندا پر جڏھن پھاڪن جو اھو مطلب آھي ته جنھن ملڪ ۾ اُھي چوڻ ۾ اچن ٿا تنھن جي ماڻھن جي حالت ۽ سڌارو اِنھن مان معلوم ڪجي تڏھين جيئن پڌرا آھن تئن ڇو نه لکجن. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي. انھن وانگر سياڻا ۽ سمجھو ماڻھون اِنھن مان صاف داڻا ڪڍي تُھَ کڻي ڦٽا ڪندا.
پھاڪن جي چونڊ ۽ سٽ ۾ مون پنھنجي وس آھر گھٽتائي ڪا نه ڪئي آھي. پر تنھن ڪندي به ھن ۾ پڙھندڙن کي ڪي عيب ڏسڻ ۾ اچن ته وڙ ڪري معاف ڪن ۽ انھن کي سنواري ڇڏين ڇو ته انسان نيٺ خطا جو گھر آھي.

ڪ چ ک