لکي لکاڏنو...
حيات علي شاهه بخاري
اِجهو سائين، خير سان
جمعي جو سڀاڳو ڏينهن ۽ اوهان جو من پسند ڪالم ”فري پيريڊ“ اچي ويو، جنهن کي پڙهڻ
لاءِ پڙهندڙ جو ”فري“ يعني واندو هئڻ تمام ضروري آهي، ڇو جو هي ڪالم تڙ تڪڙ ۾ نه
پر سانهه ستيءَ ۾ پڙهڻ جو آهي. هونئن به جيڪو به ڪم ڪجي اُهو ٻين ڪمن مان فارغ ٿي
ڌيان سان ڪجي، جيئن مان اوهان جي وندر ۽ ورونهن لاءِ بلڪل سانتيڪو ٿي پوءِ هيءُ
ڪالم لکندو آهيان. يقين ڪريو ته هيءُ ڪالم دل سان لکندو آهيان، تڙ تڪڙ ۾ گهڙيندو
ڪو نه آهيان. هونئن گهڙڻ وارو ڪم واڍن جو هوندو آهي، جيڪي ڪاٺ مان خوبصورت شيون
گهڙيندا آهن. ان تي مون کي ڪنڀار به ياد پيا اچن، جن جون آڱريون مٽيءَ مان خوبصورت
ٿانوَ گهڙينديون آهن.
