Saturday, February 8, 2025

بي ضرر ٿيءُ، پاڻ آزاراءِ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بي ضرر ٿيءُ، پاڻ آزاراءِ! (چوڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪ ڀيري ھڪڙو ڪانءُ، ڪٿان اڏامندو آيو ۽ اچي ٻنيءَ ۾ چرندڙ ھڪڙي ٻڪريءَ جي پٺيءَ تي ويھي رھيو. ٻڪريءَ، ڪانءَ کي ليکيو ئي ڪو نه ۽ نه ئي ڪو اکر ڪڇيائينس. ٻڪريءَ جي ماٺ تي ڪانءَ جي دل ھيڪاري وڌي وئي ۽ ويٺس پٺيءَ ۾ ٺونگا ھڻڻ. اھو به ڪنھن وقت تائين ٻڪري پئي سٺس. پر جڏھن ڪانءُ اڃا مڇڏ ٿي تنگ ڪرڻ لڳس ته ٻڪريءَ چيس؛ ”اڙي ڪانءَ! تو کي مزو ڪھڙو ٿو اچي مون کي ائين ستائڻ ۾؟ مان بي ضرر مخلوق آھيان. مان ڪنھن کي به تنگ نه ڪندي آھيان ۽ مان پنھنجي پاڻ کي ھر شيءِ کان لاتعلق رکندي آھيان. اڃا به تو کي ڪو سبب آھي ڇا مون کي پٺيءَ ۾ ٺونگن ھڻڻ جو؟ تون ٽرين ڇو نه ٿو؟ وڃي ڪنھن ڪتي يا ٻلي جي پٺيءَ تي ٺونگا ڇو نه ٿو ھڻين؟“

Tuesday, January 28, 2025

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ- انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

نه ڪنھن کي عقل منجھايو آ، نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آ.

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙو پروفيسر گاڏيءَ ۾ ويٺو ته سندس اڳيان ھڪڙو ھاري ويٺو ھيو. بوريت محسوس ڪندڙ پروفيسر دل ۾ ٽليو ته ساڻس ڪا راند ڪري دل وندرائي ۽ وقت ٽپائي.

”مان تو کان سوال پڇندس.“ پروفيسر چيس؛ ”جيڪڏھن تون جواب نه ڏئي سگھئين ته مون کي تون پنج ڊالر ڏيندين. ان کان پوءِ تون سوال پڇندين. جيڪڏھن مان جواب نه ڏئي سگھيس ته مان تو کي پنج سؤ ڊالر ڏيندس. تون ڇا ٿو چوين؟“

ھاريءَ ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

جپاني پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جپاني پھاڪا ۽ چوڻيون


ترجمو ۽ تشريح: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پھاڪو، مختصر ضرور ھوندو آ، ليڪن منجھس سالن جو تجربو لڪل ھوندو آ. اھو، ڪتابن جو اھڙو نچوڙ ھوندو آ، جنھن کي ھڪ سِٽ ۾ بيان ڪري ڇڏبو آ. گھڻا دفعا ته ھڪ سٽ، زندگيءَ ۾ اھڙي تبديلي آڻيندي آ، جيڪا ھزارين صفحا نه ٿا آڻين.

ھڪڙو ڪتاب لکيو ويو آ  Japanese Proverbs  جنھن جو ليکڪ آ David Gales. ھيءُ ڪتاب ٻه سؤ مشھور جپاني پھاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو آھي. انھيءَ ڪتاب جو غور سان مطالعو ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ پندرھن کن اھڙا پھاڪا ۽ چوڻيون چونڊيا ويا آھن، جيڪي اگر دماغ جي ڳڙکي کولي پڙھجن ته حيران ڪندڙ طريقي سان سوچ کي مٽائي ٿا سگھن.

Saturday, November 9, 2024

بوٽ ۽ ماڻھو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بوٽ ۽ ماڻھو

اوھان کي اگر تڪليف ٿا ڏين ته پوءِ اوھان جي ڊول جا ناھن ٻئي؛

جوتا ڀي، ماڻھو ڀي. (اردو، چوڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھيءَ چوڻي ان ڳالھ طرف اشارو ٿي ڪري ته جڏھن ڪا شيءِ يا ڪو شخص اسان جي اميد جي مطابق ڪم نه ڪندو ھجي يا اسان کي تڪليف ڏيندو ھجي ته ان جو سبب اھو ٿي سگھي ٿو ته اھو اسان لاءِ موزون ناھي.

بوٽ جو مثال ٿا سمجھون؛

Wednesday, November 6, 2024

پهاڪا ۽ اصطلاح - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پهاڪا ۽ اصطلاح

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان ٻوليءَ جي وسعت ۽ هڪ مڪمل ادبي زبان هئڻ جي خبر پوي ٿي. جڏهن به ڪنهن قوم يا ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪي تاريخي واقعا ۽ ڳالهيون عام خاص جي زبان تي اچي وڃن ٿيون ته ان ۾ موقعي مطابق چيل گفتا ۽ جملا مشهور ٿي ٿا وڃن ۽ انهن چوڻين کي پهاڪا چئبو آهي.

پهاڪو معنى عقل ۽ ڏاهپ جو اهو نڪتو جنهن مان ڪا حقيقت ٿورن پر وڻندڙ لفظن ۾ ڄاڻايل هجي جيئن “بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي” يا نياڻيءَ کي مائٽ لاڳ ڏيندا ڀاڳ نه ڏيندا. وغيره پهاڪو سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. سنڌي پهاڪو سنڌي عوامي زندگيءَ جو آئينو آهي، سنڌ جي تهذيب و تمدن، ريتن ۽ رسمن، مذهبي خيالاتن، معاشري جي طور طريقن ۽ قديم تاريخي اهڃاڻن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. سياڻن، سگهڙن ۽ عاقلن جا مختصر پر جامع قول معنى خيز ۽ پر مقصد آهن، جيڪي سماجي حقيقتن تان نقاب لاهي وائکو ڪن ٿا.

Saturday, September 28, 2024

گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن - وزير علي سرڪي

گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن!

جوڪ در جوق

وزير علي سرڪي



هائو ٻيلي ٻلي هلي آهي هرڻي جو شڪار ڪرڻ. ڇو نه ڪري، ننڍڙو شينهن جو ٿي. ٻلي هوبهو اھڙي آهي جهڙو شينهن. جيئن چئبو آهي فلاڻي کي اهڙو هم شڪل پُٽ ڄائو آهي، ڄڻ نڪ مان چيري ڪڍيو هجئين. شينهن چيو؛ شڪر ٿيو جو قد نه ٿو وڌيس، سو منهنجي منهن مقابل نه ٿيندي ۽ چڱو ٿيو جو ٻلو ناهي، نه ته منهنجو خير نه هجي ها. سوچيائين هن سان ڪو رشتو جوڙجي، چيائينس؛ مائي ٻلي! منهنجي امڙ ڪونهي “ماءُ نه ويائي، ماسي ويائي” اڄ کان تون منهنجي ماسي آهين. ٻلي سوچيو؛ ههڙي سگهاري سردار جي جو مان ماسي ٿيان ته واهه واهه. شينهن چيس: گهڻو غور ڪري گُهوري نه نهار. ڀاڻيجا شينهَن کي به پيارا ٿيندا آهن. منهنجي مائٽي مڃ، ڊِڄ نه. اهو ٻڌي ٻلي کڻي ماٺ ٿي.

Friday, July 5, 2024

لفظ ’پھريون‘ ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين صورتن جو اڀياس - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

لفظ ’پھريون‘ ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين صورتن جو اڀياس

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



• اڀياس جو پس منظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي لفظ، نحوي صورت ۾ شڪل تبديل ڪندا آهن، اهڙي تبديليءَ جو بنياد ڳالهائڻ واري ٻولي آهي. مثال طور: ’مان ڪنڊياري وڃان ٿو‘ يا ’مان موري کان ٿي آيو آهيان‘ وغيره. عام طور ڪافي سنڌي ڳالهائيندڙ اهو ئي سوال ڪندا آهن ته انهن جملن جي اهم لفظن کي هيئن به ته پڙهي سگهجي ٿو: ’ڪنڊيارِي‘ يا ’مورِي‘ وغيره. هتي بيشڪ معياري لھجي جو معاملو سامهون اچي ٿو، جنھن موجب ڳالهايو ۽ لکيو ويندو آهي. ان جملي ۾ جيڪڏهن ’ڪنڊيارِي‘ يا ’مورِي‘ لفظَ مؤنث هوندا ته انهن سان ’ءَ‘ يعني آخري مؤنث واري زبر /اَ/ لازمي لڳندي. ان صورت ۾ جملا بيھندا: ’مان ڪنڊياريءَ وڃان ٿو‘ يا ’مان مورِيءَ کان  ٿي آيو آهيان‘؛ جيڪڏهن اهي لفظ ’ڪنڊيارو‘ ۽ ’مورو‘ آهن ته جملي جي بيھڪ سان ’ڪنڊياري‘ ۽ ’موري‘ بيھندو. ياد رهي ته انهن مٽيل صورتن ۾ ’حرف جر‘ به سمايل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو مسلّم اصول آهي. جيئن ته اترادي لھجي (Utradi dialect) جي ڪن اپلھجن (accents) ۽ لاڙي لھجي (Larri dialect) ۽ حيدرآباد جي آسپاس جي اصلوڪن ماڻهن وٽ آخري سُر حذف ڪرڻ جي ڪار آهي، ان صورت ۾ ’ءَ‘ جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي ٿو، جنھن سبب لفظ جي اصل حيثيت بدلي وڃي ٿي. ساڳي ڪار ’هي‘ لفظ سان به ڪئي وڃي ٿي، جيڪو واحد مذڪر ۾ ’هيءُ‘، واحد مؤنث ۾ ’هيءَ‘ ۽ جمع- واحد توڻي مذڪر- مؤنث ۾ ’هي‘ ڪم آڻڻ گهرجي. نحوي حالت ۾ ڪافي لفظ اهڙا ٿين ٿا، جيڪي اصولي طور حرف علت (vowel letters) يا اعراب (diacritical mark) سان صورت تبديل ڪن ٿا، هتي صفت لفظ ’پھريون‘، واحد- جمع يا مؤنث- مذڪر سبب ۽ حر ف جر لڳڻ جي حالت ۾ جملي جي نوعيت سان جيڪي صورتون وٺي ٿو، ان جو اڀياس ڪيو ويندو ۽ صورتن جا معيار کڻي، چند لکڻين کي سامهون رکي، جاچيو ويندو.