ڪمائي آچر، کائي خچر.
(سرو، پھاڪو)
اقبال جمالي
آچر نالي هڪڙو هاري، پنهنجي پوکيل
واڙيءَ جون ڀاڄيون ۽ بيٺل باغ جا ميوا، پنھنجي ڌاريل خچر تي کڻي شھر وڪڻڻ لاءِ ويندو
هيو. سندس خچر، جڏھن سفر ۾ کيس بي خيالو ڏسندو ھيو ته ڪنڌ ورائي، پٺيءَ تي لڏيل
ميون يا ڀاڄين ۾ چڪ هڻي وٺندو ھيو. منڊيءَ ۾ پھچندي پھچندي، چڱو زيان ڪري وٺندو هيو.



