Showing posts with label چريو چئي، سياڻو سمجهي، سنڌ، پھاڪو، مشتاق چنا،. Show all posts
Showing posts with label چريو چئي، سياڻو سمجهي، سنڌ، پھاڪو، مشتاق چنا،. Show all posts

Sunday, September 8, 2019

چريو چئي، سياڻو سمجهي. (سنڌ، پھاڪو)


چريو چئي، سياڻو سمجهي. (سنڌ، پھاڪو)
مشتاق چنا 
Image result for a mental shoots physician
هڪڙو ھمراھ، چرين جي اسپتال گهمڻ ويو. ڇا ڏسي ته سامهون هڪ چريو، آڱرين سان پستول 👉 ٺاهي، ڀر ۾ بيٺل ڊاڪٽر ڏانھن تڪي، وڏي آواز سان ڪري پيو؛ ”ٺا“.
هر ”ٺا“ جي آواز تي، رد عمل ۾، ڊاڪٽر رڙ پيو ڪري؛ ”آھ“.
گهمڻ ويل اها سرگرمي، ٻه چار ڀيرا ڏسي، همراھ ٻيھر موٽي ڊاڪٽر وٽ پھتو. کيس چوڻ لڳو؛ ”سائين هُن جو دماغ کسڪيل آ، سو ته ڀلي ويٺو ٺاٺا ڪري. اوهان ڊاڪٽر هوندي ويٺا هروڀرو آھ آھ ڪيو، سو ڇو؟“