Showing posts with label پھاڪن پچار، قول، اصطلاح، غلام علي چنا،. Show all posts
Showing posts with label پھاڪن پچار، قول، اصطلاح، غلام علي چنا،. Show all posts

Sunday, January 12, 2020

پھاڪن پچار - غلام علي چنا


پھاڪن پچار
(پھاڪي ۽ اصطلاح منجھ فرق)
غلام علي چنا
دنيا جي ٻولين ۾ پھاڪا، چوڻيون يا ضرب المثل ملن ٿا. پھاڪن جي وقت سر استعمال ڪرڻ سان نه رڳو لکڻ يا ڳالھائڻ ۾ زور پيدا ٿئي ٿو پر پھاڪا، لکڻ يا ڳالھائڻ کي دلڪش ۽ دلچسپ بڻائڻ ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا.
ٻين زبانن وانگر، سنڌيءَ ۾ به پھاڪن جو وافر ذخيرو موجود آھي. سنڌي ھڪ مخلوط زبان آھي. تنھنڪري منجھس عربي، پارسي، ھندي ۽ سرائيڪي پھاڪا به مروج آھن، جي بي ڌڙڪ استعمال ۾ پيا اچن. پھاڪا، دراصل اسان جي وڏڙن جي تجربن جو نچوڙ آھن. جيئن جنھن کي تجربو ٿيو، تيئن تنھن ان جي روشنيءَ ۾ جا پنھنجي راءِ ڏني، سا مشھور ٿي وئي. ماڻھو ان کي استعمال ڪرڻ لڳا ۽ اھو پھاڪو چوايو.