پھاڪن پچار
(پھاڪي ۽ اصطلاح منجھ فرق)
غلام علي چنا
دنيا جي ٻولين ۾ پھاڪا،
چوڻيون يا ضرب المثل ملن ٿا. پھاڪن جي وقت سر استعمال ڪرڻ سان نه رڳو لکڻ يا
ڳالھائڻ ۾ زور پيدا ٿئي ٿو پر پھاڪا، لکڻ يا ڳالھائڻ کي دلڪش ۽ دلچسپ بڻائڻ ۾ به
نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا.
ٻين زبانن وانگر،
سنڌيءَ ۾ به پھاڪن جو وافر ذخيرو موجود آھي. سنڌي ھڪ مخلوط زبان آھي. تنھنڪري
منجھس عربي، پارسي، ھندي ۽ سرائيڪي پھاڪا به مروج آھن، جي بي ڌڙڪ استعمال ۾ پيا
اچن. پھاڪا، دراصل اسان جي وڏڙن جي تجربن جو نچوڙ آھن. جيئن جنھن کي تجربو ٿيو،
تيئن تنھن ان جي روشنيءَ ۾ جا پنھنجي راءِ ڏني، سا مشھور ٿي وئي. ماڻھو ان کي
استعمال ڪرڻ لڳا ۽ اھو پھاڪو چوايو.
پھاڪا، اھڙيون نصيحتون
۽ ھدايتون آھن، جي تجربات ۽ مشاھدات تي مبني آھن. بي خبري جي بنا تي ڪي ماڻھو
پھاڪي ۽ قول ۾ فرق جو لحاظ نه رکن. ان ڪري پھاڪا ۽ قول گڏجي ويا آھن. مناس ٿيندو
ته ھتي قول ۽ پھاڪي جو فرق واضح ڪيو وڃي.
قول ۽ پھاڪو، ٻئي
تجربات تي مبني ھڪ راءِ جي حيثيت رکن ٿا. مگر فرق رڳو ايترو آھي ته قول لغوي معني
جي حد ڪين ٿو اورانگھي. مثال طور قول آھي؛ ”ويل آبرو، واپس نه ٿي ملي.“ يعني جا عزت
ھڪ دفعو لھي وئي، ته پوءِ وري ان جو حصول ممڪن ناھي.
ھاڻي ھن راءِ جو
واسطو، فقط عزت ۽ آبرو سان آھي. ڪنھن ٻيءَ شيءِ سان منسوب ٿي نه ٿو سگھي ۽ نه وري
اسان آبرو مان ڪا ٻي مراد وٺي سگھون ٿا. اسان اھو قول ھت بيان ڪري، عزت مان وقت
مراد وٺي نه ٿا سگھون. حالانڪ ”ويل وقت به واپس نه ٿو ملي.“ قول پنھنجي الفاظن جي
حد ٽپي نه مٿو سگھي ۽ ان جي ساڳي معني ورتي وڃي ٿي، جيڪا الفاظن مان سمجھجي ٿي.
ليڪن پھاڪن جو اھو
حال ناھي. ھو پنھنجي لغوي معني کان ھٽي استعمال ٿين ٿا. يعني ان ۾ الفاظن جي مجازي
۽ مرادي معني ورتي وڃي ٿي ۽ پنھنجي لغوي معني تائين محدود نه ٿا رھن. پر ان مان
وسيع تر مفھوم جا حامل ٿين ٿا. مثلا ھڪ پھاڪو آھي؛
”تڪڙي ڪتي، انڌا
گلر.“
ان جي لغوي معني
آھي ته ڪتي ويامڻ ۾ تڪڙ ڪري ٿي۽ ٻچا انڌا ڄڻي ٿي. تنھنڪري جيڪا ڪتي پوري وقت کان
اڳ ويم ڪندي، سا انڌا پونگڙا ڄڻيندي. جيڪڏھن ھي قول ھجي ھا ته لفظ ڪتيءَ تائين
محدود ھجي ھا ۽ ان مان ڪو ٻيو مفھوم ڪين وٺي سگھجي ھا. يا ڪنھن ٻئي سان منسوب نه
ٿي سگھي ھا. پر ھي پھاڪو آھي، جو وسيع تر مفھوم رکي ٿو. ان ۾ گلر ڄڻڻ جو فقط ڪتيءَ
بابت چيل آھي. محض ھڪ مثال آھي ۽ ان مان مراد اھا آھيته؛ ڪتي توڙي ڪا ٻي ويامندڙ،
پوري وقت کان اڳ ويامندي ته سچ پچ؛ ٻچو، ڪچو ڄڻيندي. تنھن وانگيان جيڪو ماڻھو ڪم ۾
اجائي تڪڙ ۽ اٻھرائي ڪندو تنھن جو ڪم رلندو. يعني ھر ڪم، وقت تي ٿيڻو آھي، سو
ٿيندو. تنھن لاءِ اجائي اٻھرائي ڪرڻ ناداني آھي. ھيءُ پھاڪو، جلد-بازيءَ کي روڪڻ
خاطر، استعمال ڪيو ويندو آھي. صبر ۽ تحمل جو سبق سيکاري ٿو. مختصر لفظن ۾ ھيئن چئي
سگھجي ٿو ته؛ ”قول ۾ خصوصيت پاتي ويندي آھي ۽ پھاڪي ۾ عموميت.“
پھاڪو به اصطلاح
(محاوره ۽ ورجيس) جو ئي ھڪ روپ آھي. جھڙيءَ طرح اصطلاح ۾ الفاظن جي اصلي ۽ لغوي
معني ورتي وڃي ٿي، تھڙيءَ طرح پھاڪي ۾ الفاظن جو اصلي ۽ لغوي معني سان ڪو سروڪار
ناھي. مثلا مشھور اصطلاح آھي ته؛ ”نڪ لاھڻ“. ھن جي لفظي ۽ لغوي معني آھي؛ ”نڪ، جيڪو
انساني جسم جو ھڪ عضوو آھي، ان کي ڪنھن تيز ڌار واري اوزار سان ڪٽي ڇڏڻ.“ مگر
اصطلاح ۾ ان جو مفھوم؛ ”بدنامي ٿيڻ“ آھي. نڪ لاھڻ سان انسان، بد-زيب ۽ بد-نما ٿئي
ٿو. تنھنڪري ان امان ھر طرح جي بد-زيبي مراد وٺجڻ لڳي آھي. بد-نامي ۽ بد-ناموسي يا
خراب شھرت به بد-زيبي جي حدن مان نڪري معنوي بد-زيبي جو مفھوم ادا ڪرڻ لڳو آھي.
جيئن ته اصطلاح ۽ پھاڪي، ٻنھي ۾ الفاظن جي مرادي معني ورتي ويندي آھي، تنھنڪري
ماڻھو التباس جو شڪار ٿي ويندا آھن. نتيجي طور، اصطلاح کي پھاڪو ۽ پھاڪي کي اصطلاح
ڄاڻي ويھندا آھن.
اصطلاح، مصدر سان
ملي ٺھندو آھي. تنھنڪري مصدر جي سڀني مشتقات ۾ استعمال ٿيندو آھي. ان جو به مصدر
وانگر گردان يا ڦيرو ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪنھن به صيغي يا زمان ۾ استعمال ٿي سگھي ٿو.
مثلا؛ اسان چئي سگھون ٿا ته؛ ”ھن جو نڪ لھي ويو.“، ”منھنجو نڪ لھي ويو.“ ۽ ”تنھنجو
نڪ لھي ويو.“ وغيرھ.
مٿئين قياس موجب؛
جيئن ته پھاڪن جو تعلق مصدر سان نه ھوندو آھي، تنھنڪري ڪنھن مصدر جي سڀني مشتقات ۾
استعمال ٿي نه ٿو سگھي. ڪو به پھاڪو، جھڙيءَ طرح چيو ويندو آھي، تھڙيءَ طرح ادا
ڪيو ويندو آھي. اسان پنھنجي قياس کان ڪم وٺي، ان ۾ تر جيتري به ترميم آڻي نه ٿا
سگھون.
پھاڪو ھجي يا اصطلاح،
انھن ٻنھي جو مدار عام مقبوليت ۽ شھرت تي آھي. قياس کي ان ۾ دخل ناھي. پھاڪي جو بنياد
ڪو نه ڪو تجربو ۽ مشاھدو ھوندو آھي. جيڪڏھن پھاڪن جو پس منظر به معلوم ھجي ته نه
رڳو ان جو مفھوم واضح ۽ صاف معلوم ٿيندو بلڪ لطف به ٻيڻو ٿيندو. تنھنڪري پڙھندڙن
جي دل وندرائڻ خاطر ھيٺ چند پھاڪا ڏجن ٿا، جي قصد طلب آھن ۽ انھن جو قصو به بيان
ڪجي ٿو.
”جيڪا پاڻ ڏوئيءَ
تي چڙھي اچي ته اچڻ ڏيس.“
مطلب ھيءُ ته جا
شيءِ سواءِ ڪوشش جي، بنا تڪليف جي ملي، سا وٺڻ گھرجي. يا جا شيءِ اونئين ۽ بغير
محنت جي ھٿ اچي ان کان انڪار ڪرڻ نه گھرجي. ان پھاڪي جو پس منظر ھن ريت آھي:
ھڪ ملا جي گھر،
ڪنھن پاريسريءَ جي ڪڪڙ آئي. ھن جي گھر واريءَ ڪڪڙ کي ڦاسائي، ذبح ڪري وڌو. ملا
صاحب گھر آيو. اھا ماجرا ٻڌي، زال تي ڪوپ ٿيو ۽ ڪڪڙ جو کائڻ حرام قرار ڏنائين. گھر
واريءَ چيس؛ ”جي توھان چئو ته ديڳڙي کي ئي ٻاھر کڻي اڇلايان. پر ھن ۾ گيھ مصالح
وغيرھ ته پنھنجو آھي. ائين ته اھو به ضايع ٿي ويندو.“
ملا صاحب کي، اھو نقصان
گوارا نه لڳو. سوچي چيائين؛ ”ٺيڪ آھي! جيئن ته گيھ ۽ مصالحو، اسان جا پنھنجا آھن،
تنھنڪري رڳو رحو کائڻ جائز آھي. پر ڪڪڙ ڌاري آھي، تنھنڪري ٻوٽيون کائڻ حرام. ان
ڪري مان فقط رحو کائيندس. ٻوٽيون ڪين کائيندس.“
ملا صاحب جي زال،
ملا لاءِ پيالي ۾ رڳو رحو پائڻ لڳي ته ڪي ٻوٽيون به رحي سان گڏ اچڻ لڳيون. ھن، ملا
صاحب جي ھدايت موجب، ٻوٽيون ڪنيءَ ۾ موٽائڻ شروع ڪيون. ملا صاحب، جو ڏٻي اک سان
ڏسي رھيو ھيو، ٻوٽيون ڏسي، تنھن جي دل سرڪي ۽ چوڻ لڳس؛ ”جيڪا پاڻ ڏوئيءَ تي چڙھي
اچي ته اچڻ ڏيس.“
تنھن تي زال چيس؛
”ڪڪڙ به ته پاڻ آئي ھئي.“ مان ڪا چورائي ٿورو ئي آئي ھيس.“
ملا صاحب چيو؛
”جيڪڏھن اھڙي ڳالھ آھي ته پوءِ ڪو گناھ ڪونھي. اھو مباح آھي.“
تنھن ڏينھن کان اھو
جملو، مشھور ٿي، پھاڪو بڻجي ويو.
”انڌو ھاٿي، لشڪر
جو زيان.“
سڪندر اعظم، عيسوي
سن کان ۳۲۲ ورھيه اگ، پنجاب جي راجا پورس سان لڙيو. ھن سندس بھادري ڏسي، خوش ٿي
کيس پنجاب ملڪ واپس ڪيو. سڪندر جو لشڪر، گھوڙن تي ھو، ليڪن راجا پورس جي لشڪر جو
ڪجھ حصو، ھاٿين تي ھو.جڏھن سڪندر جي لشڪر جا تير، پورس جي ھاٿين کي لڳا، تڏھن ڪي
انڌا ٿي پيا ته ڪي زخمي ۽ ڪي مڇرجي ڇتا ٿيا. پورس جا ھاٿي، ھزار ڪوشش ڪرڻ سان به،
غنيم جي طرف اصلي نه وڌن، بلڪ الٽي پيرن، پنھنجي فوج کي چيڀاٽيندا وٺي ڀڳا. اھڙيءَ
طرح حالت ڏسي، ڪنھن ائين چيو ته؛ ”انڌو ھاٿي، لشڪر جو زيان.“
يعني جڏھن ڪنھن
شيءِ مان ساڳيو ۽ اصلوڪو ڪارج نه سري ۽ الٽو نقصان رسي، تڏھن ائين چيو ويندو آھي.
پھاڪا، اسان جي
زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏين ٿا ۽ اسان جي رھنمائي ڪن ٿا.
(غلام علي چنا؛ وکر
ڌارو ڌار، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر، ڇاپو پھريون، جولاءِ ۲۰۰۵ع، ص ۳۳ کان ص ۳۶ تائين،
تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment