Showing posts with label يار زندھ، صحبت باقي، منظور ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label يار زندھ، صحبت باقي، منظور ڪوھيار،. Show all posts

Wednesday, September 11, 2019

يار زندھ، صحبت باقي - منظور ڪوھيار


يار زندھ، صحبت باقي
منظور ڪوھيار
Image may contain: Manzoor Kohyar, standing, beard, outdoor and nature
ڪو زمانو هيو جو ماڻھو چوندا هيا؛ ”پراڻ جائي، وچن نه جائي.“ ھاڻي وچن جائي، پراڻ نه جائي“ جو زمانو آھي. اڳي ’جور و جفا ڪندڙ معشوق‘ چوندا هيا، ھاڻي معتبر ماڻھو چون ٿا؛ اهو واعدو ڪهڙو، جيڪو وفا ٿئي.“ ان جو وڏو مثال، ويجھڙ ۾ سينيٽ چئرمين صادق سنجراڻي جي موشن آف نو ڪانفيڊنس جي ووٽنگ جو وٺو. جنهن مان خبر پئي ٿي ته هن معاشري جا معتبر ماڻھو ڪيڏا نه انجامي ڪوڙا آھن. باقي رهيو مون جھڙو خس و خاشاڪ، ته ’بادو بي ميار آھي‘.