Showing posts with label سنڌي لوڪ ادب، فليش فڪشن، رضا علي قاضي، ڊاڪٽر مهر خادم،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي لوڪ ادب، فليش فڪشن، رضا علي قاضي، ڊاڪٽر مهر خادم،. Show all posts

Thursday, February 16, 2023

سنڌي لوڪ ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ جا اهڃاڻ - رضا علي قاضي - ڊاڪٽر مهر خادم

سنڌي لوڪ ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ جا اهڃاڻ

(Traces of Flash Fiction in Sindhi Folk Literature)

رضا علي قاضي

ڊاڪٽر مهر خادم

 


Abstract: There are countless traces and examples of Flash Fiction in Sindhi Folk Literature. Our this research paper is aimed at to give examples of that Flash Fiction from the Sindhi Folk Literature which is available to us in shape of Tales, Fables, Parables etc. These literary genres are the best primary examples of Flash Fiction in Sindhi Literature which have quality of being very concise in matter and exclusive in thought and theme.

.

تعارف

’فليش فڪشن‘ جو اصطلاح بنيادي طور ڪهاڻين جي ڇٽيءَ جو نالو آهي، جنهن جي هيٺيان ڪهاڻين جا ڪافي قسم اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ: شارٽ- شارٽ اسٽوري، سڊن فڪشن، ڊريبل، فڪشن-55، ڊرئيبل، ٽوئيٽريچر، پام سائيز اسٽوري، سموڪ لانگ اسٽوري، نينو اسٽوري، ون- ورڊ اسٽوري وغيره. ”ادبي اصطلاح Flash Fiction، 1992ع کان باقاعده طور انهن ڪهاڻين جي لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي، جيڪي لفظن جي ڳڻپ ۾ 1000 کان گهٽ آهن. فليش فڪشن جا ڪجهه محقق انهن ڪهاڻين کي 300 لفظن تائين آڻڻ جو رايو رکن ٿا، جڏهن ته گهڻن جي خيال مطابق 1000 جو انگ Flash Fiction ۽ Short Story جي وچ ۾ تفاوت جي لڪير آهي.“ (1) مطلب ته  1000 کان گهٽ لفظن جي ڪهاڻين کي فليش فڪشن، جڏهن ته اهي ڪهاڻيون جن ۾ لفظن جو انگ 1000 کان وڌيڪ آهي، ان کي شارٽ اسٽوري (مختصر ڪهاڻي) چئجي ٿو.