سنڌي
لوڪ ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ جا اهڃاڻ
(Traces of Flash Fiction in Sindhi Folk
Literature)
رضا علي قاضي
ڊاڪٽر مهر خادم
Abstract: There are countless traces and examples of
Flash Fiction in Sindhi Folk Literature. Our this research paper is aimed at to
give examples of that Flash Fiction from the Sindhi Folk Literature which is
available to us in shape of Tales, Fables, Parables etc. These literary genres
are the best primary examples of Flash Fiction in Sindhi Literature which have
quality of being very concise in matter and exclusive in thought and theme.
.
تعارف
’فليش فڪشن‘ جو اصطلاح بنيادي طور ڪهاڻين جي ڇٽيءَ جو نالو آهي،
جنهن جي هيٺيان ڪهاڻين جا ڪافي قسم اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ: شارٽ- شارٽ اسٽوري، سڊن
فڪشن، ڊريبل، فڪشن-55، ڊرئيبل، ٽوئيٽريچر، پام سائيز اسٽوري، سموڪ لانگ
اسٽوري، نينو اسٽوري، ون- ورڊ اسٽوري وغيره. ”ادبي اصطلاح Flash Fiction، 1992ع کان باقاعده طور انهن ڪهاڻين جي لاءِ
ڪتب آندو پيو وڃي، جيڪي لفظن جي ڳڻپ ۾ 1000 کان گهٽ آهن. فليش فڪشن جا ڪجهه محقق
انهن ڪهاڻين کي 300 لفظن تائين آڻڻ جو رايو رکن ٿا، جڏهن ته گهڻن جي خيال مطابق
1000 جو انگ Flash Fiction ۽ Short Story جي وچ ۾ تفاوت جي لڪير آهي.“ (1) مطلب ته 1000 کان گهٽ لفظن جي ڪهاڻين کي فليش فڪشن، جڏهن
ته اهي ڪهاڻيون جن ۾ لفظن جو انگ 1000 کان وڌيڪ آهي، ان کي شارٽ اسٽوري (مختصر
ڪهاڻي) چئجي ٿو.
