Thursday, February 16, 2023

سنڌي لوڪ ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ جا اهڃاڻ - رضا علي قاضي - ڊاڪٽر مهر خادم

سنڌي لوڪ ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ جا اهڃاڻ

(Traces of Flash Fiction in Sindhi Folk Literature)

رضا علي قاضي

ڊاڪٽر مهر خادم

 


Abstract: There are countless traces and examples of Flash Fiction in Sindhi Folk Literature. Our this research paper is aimed at to give examples of that Flash Fiction from the Sindhi Folk Literature which is available to us in shape of Tales, Fables, Parables etc. These literary genres are the best primary examples of Flash Fiction in Sindhi Literature which have quality of being very concise in matter and exclusive in thought and theme.

.

تعارف

’فليش فڪشن‘ جو اصطلاح بنيادي طور ڪهاڻين جي ڇٽيءَ جو نالو آهي، جنهن جي هيٺيان ڪهاڻين جا ڪافي قسم اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ: شارٽ- شارٽ اسٽوري، سڊن فڪشن، ڊريبل، فڪشن-55، ڊرئيبل، ٽوئيٽريچر، پام سائيز اسٽوري، سموڪ لانگ اسٽوري، نينو اسٽوري، ون- ورڊ اسٽوري وغيره. ”ادبي اصطلاح Flash Fiction، 1992ع کان باقاعده طور انهن ڪهاڻين جي لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي، جيڪي لفظن جي ڳڻپ ۾ 1000 کان گهٽ آهن. فليش فڪشن جا ڪجهه محقق انهن ڪهاڻين کي 300 لفظن تائين آڻڻ جو رايو رکن ٿا، جڏهن ته گهڻن جي خيال مطابق 1000 جو انگ Flash Fiction ۽ Short Story جي وچ ۾ تفاوت جي لڪير آهي.“ (1) مطلب ته  1000 کان گهٽ لفظن جي ڪهاڻين کي فليش فڪشن، جڏهن ته اهي ڪهاڻيون جن ۾ لفظن جو انگ 1000 کان وڌيڪ آهي، ان کي شارٽ اسٽوري (مختصر ڪهاڻي) چئجي ٿو.



فليش فڪشن جو دائرو

فليش فڪشن جي دائري ۾ Sudden Story (750 لفظن تي ٻڌل)، Short- Short story (300 لفظن تائين جي ڪهاڻي)، Drabble (پورن 100 لفظن جي ڪهاڻي)، Fiction-55 (پورن 55 لفظن جي ڪهاڻي)، Dribble (پورن 50 لفظن جي ڪهاڻي) Twitterature (ڪي بورڊ جي 140 ڪريڪٽرس تي ٻڌل ڪهاڻي)،Six Word Story (ڇهن لفظن تي مشتمل ڪهاڻي) وغيره. اچي وڃن ٿيون.

لفظن جي ڳڻپ کانسواءِ ”1000 لفظن جي اندر اسڪيچ اسٽوري (هڪ خاڪي تي ٻڌل ڪهاڻي)، ڪارڊ اسٽوري ( 6X6انچن جي ڪارڊ تي لکيل ڪهاڻي)، پام سائيز اسٽوري (هٿ جي تريءَ جيتري ڪاغذ تي لکيل ڪهاڻي)، سموڪ لانگ اسٽوري (سگريٽ پيئڻ جي عرصي جيتري ڪهاڻي)، وغيره. فليش فڪشن جي ڇٽيءَ هيٺ ايندڙ ڪجهه مشهور صنفون آهن.“ (2)

اصطلاح Flash Fiction جو لغوي ڇيد

لغت جي اعتبار کان انگريزي ٻوليءَ جو اصطلاح Flash Fiction ٻن لفظن Flash ۽ Fiction جي مرڪب صورت آهي.

”لفظ Flash جي معنى ۽ مراد ٿيندي:  کنوڻ، بجلي، چمڪارو، تاب، چمڪ، تجلو، شعاع، تجلو ٿيڻ، تيز روشنيءَ جو اوچتو اچڻ ۽ گم ٿي وڃڻ، چمڪاٽ، ڪنهن شيءِ وسيلي جهٽ پٽ تيز روشني وجهڻ.“ (3)

جڏهن ته: ”لفظ Fiction جي معنى ۽ مراد آهي: افسانوي ادب، قصو ڪهاڻي جيڪو حقيقي نه هجي.(4) دي ورلڊ بوڪ انسائيڪلو پيڊيا ۾ افساني جي وصف هن ريت ڏنل آهي، ته افسانو هڪ ادبي پارو آهي، جيڪو ڪنهن به حڪايتي انداز ۾ لکيل ٿئي ٿو؛ مگر خالصتن حقيقت تي مبني نه آهي. هڪ ناول يا ننڍي ڪهاڻيءَ کي ’افسانو‘ چئجي ٿو. (5)

اهڙي طرح ”اصطلاح Flash Fiction جي معنى ۽ مراد بيهي ٿي: هڪ يا ٻن صفحن تي ٻڌل انتهائي مختصر افسانوي ڪم- محدود لفظن جون ڪهاڻيون-  اختصار تي مبني افساني جو قسم- وغيره.“ (6)

فليش فڪشن جي تاريخ

عالمي ادب ۾ Tales, Fables ۽ Parables کي فليش فڪشن جو بنياد چيو وڃي ٿو. ”ايسپ فيبلس، جٽاڪا، پنچ تنتر فيبلس، سعدي شيرازيءَ جو بوستان و گلستان، فليش فڪشن جا وڏا مظهر مڃيا وڃن ٿا.“ (6)

 Tale مان مراد فرضي يا خيالي قصو يا ڳالهه جو آهي-

Fable مان مراد اهي آکاڻيون جن جا مرڪزي ڪردار جانور، پکي پکڻ، پهاڙ، وڻ ٻوٽا، وغيره هجن-

Parable مان مراد اهو تمثيلي قصو، جنهن جي ظاهر کانسواءِ هڪ پوشيده معنى به ٿئي ٿي، جنهن جا ڪردار گهڻو ڪري بادشاه يا بزرگ ٿين ۽ انهيءَ ۾ ڪا نصيحت شامل هجي.

عباس ڪوريجي جي تحقيق مطابق: ”جديد ادب ۾ فليش فڪشن جي شروعات 1930ع ڌاري ٿي، جڏهن آمريڪن شارٽ- شارٽ اسٽوريز جي نالي سان هڪ مجموعو ڇپيو. سال 1992ع تائين شارٽ- شارٽ اسٽوريز ۽ فليش فڪشن جا اصطلاح گڏ هلندا رهيا، تان جو ان کانپوءِ ننڍڙين ڪهاڻين لاءِ فليش فڪشن جو اصطلاح معروف ٿيو.“ (7)

مسئلي جو بيان

موجوده دؤر ۾ فليش فڪشن کي نج اولهه جي ادب طور پيش ڪري، ان کي ڪهاڻيءَ جي ٻن وڏن صنفن ناول ۽ شارٽ اسٽوريءَ (مختصر ڪهاڻيءَ) جو تسلسل ڪوٺيو پيو وڃي. ان سڄي بيان ۾ جڏهن فليش فڪشن جي تاريخ بيان ٿئي ٿي، ته پراڻن قصن، ڪهاڻين، جيڪي پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ اختصاري صورت ۾ هئا کي بنياد چيو وڃي ٿو.

جانورن، پکين ۽ پهاڙن جون آکاڻيون، ڳالهيون، بادشاهن جون آکاڻيون جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، فليش فڪشن جي ابتدا انهن قصن ۽ آکاڻين کان ٿي آهي، ته اهي سڀ سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ موجود آهن. جانورن جون آکاڻيون، بادشاهن ۽ بزرگن جون حڪمت ڀريون ڳالهيون، وتايي فقير ۽ ٻين درويشن جا ٽوٽڪا، لطيفا، نقل نظير، هڪ سٽ يا ڪجهه لفظن ۾ بيان ٿيندڙ پهاڪا، چوڻيون، محاوره، ورجيسون سنڌي لوڪ ادب جو اساس آهن. اهڙي صورت ۾ سنڌي ادب به اها دعوا ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي، ته فليش فڪشن جي شروعات ۾ سنڌي ادب جو حصو پڻ آهي، جڏهن يونان ۾ ايسپ فيبلس سرجي رهيون هيون، ان وقت سنڌ ۾ به جانورن، پکي پکڻن کي ڪردارن جي صورت ڏئي آکاڻيون ٺاهيون پيون ويون، اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ان قسم جون آکاڻيون هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن.

ڇاڪاڻ ته فليش فڪشن مان مراد، اختصار تي ٻڌل ڪهاڻيون آهن، ان ڪري موضوع جي مناسب سان هن مقالي ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ فليش فڪشن جا واضح مظهر موجود آهن.

مسئلي جي اهميت

انٽرنيٽ جي تيزيءَ سان ڦهلاءَ سبب فليش فڪشن جو ادبي قسم، جنهن ۾ ڪهاڻيون، ننڍي کان ننڍي صورت اختيار ڪنديون پيون وڃن، مقبول ٿي رهيو آهي. گهڻن ماڻهن کي گهڻو پڙهڻ لاءِ وقت درڪار ناهي، ڪارپوريٽ دنيا وقت کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، شهري زندگيءَ ۾ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو پتو ئي نه ٿو پوي، ان صورت ۾ انسان گهري ٿو، ته ڪجهه مسرت جون گهڙيون نڪري اچن، جنهن ۾ هو پنهنجي روحاني آسودگي حاصل ڪري سگهي، ان لاءِ ادب بهترين ذريعو آهي، ۽ پڙهندڙ ڊگهين ڪهاڻين بجاءِ اختصاري صورت جون ڪهاڻيون پڙهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.

جيئن ته انٽرنيٽ جي طوفان کانپوءِ انگريزي ٻولي ان تي راڄ پئي ڪري، ان لاءِ انگريزيءَ جا اصطلاح ۽ لفظ هر هنڌ معروف ٿي وڃن ٿا، ’فليش فڪشن‘ جو اصطلاح به انهن مان هڪ آهي، جيڪو ننڍي صورت جي ڪهاڻين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورت ۾ ان اصطلاح کي ته تبديل نه ٿا ڪري سگهون، البت ان سڄي لقاءَ ۾ تاريخي طور هڪ ڪردار ضرور ادا ڪري سگهجي ٿو، ته فليش فڪشن جون اهي ابتدائي صورتون جيڪي هاڻي به سنڌي لوڪ ادب ۾ دستياب آهن، انهن کي نه فقط مقامي سطح تي پر بين القوامي طور به پذيرائي ڏيارجي، ۽ اها ڳالهه پڻ مڃرائجي ته فليش فڪشن جا اوائلي اهڃاڻ سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ موجود آهن.

مسئلي جو سوال

ڇا فليش فڪشن جا اهڃاڻ سنڌي لوڪ ادب ۾ موجود آهن؟

اڀياس جو عمل

هن تحقيقي مقالي جو بنياد فقط هڪ سوال تي رکيو ويو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکي فليش فڪشن جي اوائلي صورتن کي سنڌي لوڪ ادب مان ثابت ڪيو ويندو، جنهن لاءِ فليش فڪشن بابت تحقيق ڪندڙ ان نڪتي تي اتفاق ڪن ٿا ته، فليش فڪشن جي تاريخ دنيا جي قديم ادب جي هڪ ڪڙي آهي. دنيا جي مڙني قديم تهذيبن جي ادب ۾ فليش فڪشن جا اهڃاڻ ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾ شمار آهي، ان دليل جي پيش نظر، سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ فليش فڪشن جا اهڃان چِٽي طرح موجود آهن.

سنڌي لوڪ ادب ۾ ڳالهيون، جانورن جون آکاڻيون، بادشاهن جون آکاڻيون، حڪايتون،  ٽوٽڪا/ لطيفا، نقل نظير، پهاڪا/ چوڻيون، ورجيسون ۽ اصطلاح/ محاورا سڀ جو سڀ فليش فڪشن جا واضح مظهر آهن.

ابتدائي ڪهاڻين يا ماقبل تاريخ جي ادبي صنفن بابت ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ لکيو آهي ته: ”قديم افساني جون ڪيتريون ئي جدا جدا صنفون رائج هيون، سڀني کان پراڻي صنف کي Tale يعني آکاڻي چئجي ٿو، جنهن ۾ هڪ فرضي يا خيالي قصو بيان ڪيل هوندو هو، يعني آکاڻين مان غيرارادي طور ڪو اصلاحي پهلو به نڪرندو هو. ٻئي قسم ۾ Parable آهن، جن کي تمثيلي قصو چوڻ مناسب ٿيندو، ان ۾ ظاهري قصي کان الڳ پوشيده معنى به رکيل هوندي هئي، جيئن فارسيءَ ۾ مثنوي روميءَ جون ڪي حڪايتون ۽ بوستان سعدي جا ڪجهه منظوم قصا آهن. سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ اهڙا اڪيچار بيت ملندا، جن ۾ بظاهر ڪن قصن جو بيان ملي ٿو، ليڪن انهن ۾ عارفانه حقائق ۽ تصوف جي نڪتن جي اپٽار به ڪيل آهي. ٽيون قسم Fable هو، جيڪو حقيقت ۾ Tale يعني آکاڻي ۽ تمثيل Parable جو مرڪب سمجهيو وڃي ٿو، ان ۾ پکين ۽ جانورن جون ڳالهيون آهن.“ (8)

بنيادي طور هي سڀ لوڪ ڪهاڻين جون صنفون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لوڪ ڪهاڻين کي ڪجهه هن طرح بيان ڪيو آهي. ”انسان پنهنجي ننڍڙائپ ۾ پهريائين خارجي طاقتن کي محسوس ڪيو ۽ انهن کان متاثر ٿيو. بعد ۾ هن کي پنهنجي هستي ۽ طاقت جو شعور پيدا ٿيو ۽ هن خارجي طاقتن جي مقابلي لاءِ تجويزون سٽيون. انسان تي اول طبعي طاقتن جي هيبت طاري ٿي؛ گوڙ، طوفان، مينهن، جانور، نانگ بلائون وغيره، سندس واسطي ڄڻ آفتون هيون. آهستي آهستي هٿيارن ۽ هنرمندي ذريعي ماڻهن جانورن، نانگن ۽ بلائن کي ماريو.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، وڌيڪ لکي ٿو ته:”لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪي ڪردار البت اهڙا آهن، جن جي تخيل جي ابتداءَ کي دورن وار تقسيم ڪري سگهجي ٿو، ديو، پريون، جن وغيره ڪردار انساني تاريخ جي نسبتاً اوائلي دور جو يادگار آهن. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي وارو دور هو، جڏهن اڃان هو فطرت جي طبعي واقعن ۾ فطري مشاهدي جي ماهيت کان بي خبر هو.“ (9)

سنڌي لوڪ ادب مان فليش فڪشن جا مثال

تحقيق جي سلسلي ۾ سنڌي لوڪ ادب مان جانورن جي آکاڻي يعني Fable پيش ڪجي ٿي، جنهن جي اختصار مان اندازو ٿيندو ته سنڌي لوڪ ادب ڪيڏو شاهوڪار آهي:

گـَـندڻ جا ڪنڊا

”چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾، پاڻيءَ جا جانور به ڳالهائيندا هئا. هڪڙي ڏينهن، سڀني مڇين جي بادشاهه هڪ مجلس ڪرائي، جنهن ۾ مڇي مڇيءَ جي ذات اچي گڏ ٿي ۽ هر هڪ  پنهنجا ڏک سور پنهنجي بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيا. بادشاهه هر هڪ جي ڳالهه ٻڌي، سڀ ڪنهن جو تدارڪ ڪندو ويو.

انهن مڇين ۾ گندڻ به موجود هو، جنهن کي ان زماني ۾ ڪنڊو بلڪل ڪونه هو، تنهن بادشاهه کي اٿي عرض ڪيو ته: بادشاهه سلامت! ٻين سمورين مڇين کي ڪنڊا آهن، جنهنڪري سولائيءَ سان پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري سگهن ٿيون، مگر آءٌ ئي هڪڙي مڇي آهيان، جو مون ۾ هڪ به ڪنڊو نه آهي، جنهن سبب آءٌ سولائي سان گهمي ڦري پيٽ گذر ڪري نٿو سگهان، تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته مون کي ڪنڊا ملن. اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه آيل، سڀني مڇين کي حڪم ڏنو ته: گندڻ کي هڪ هڪ ڪنڊو ڏيو. سڀني مڇين گندڻ کي هڪ هڪ ڪنڊو ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ گندڻ ۾ ايترا ته ڪنڊا آهن، جنهن جو شمار ئي ڪونهي.“ (10)

سنڌي لوڪ ادب ۾ موجود مٿي ڏنل ڪهاڻيءَ ۾ 169 لفظن جو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ طرف آکاڻيءَ جي اختصار کي واضح ڪري ٿو، ٻئي پاسي ان ۾ موجود اخلاقي نڪتا چٽائي سان بيان ڪيل آهن. آکاڻي ’گندڻ جا ڪنڊا‘ فيبل جي دائري ۾ اچي ٿي، جيڪو فليش فڪشن جو اوائلي روپ آهي، ساڳي ريت، هيءَ آکاڻي، فليش فڪشن جي بنيادي عنصر ’اختصار‘ تي ٻڌل آهي. آکاڻيءَ ۾ ڪردار: مڇين جو بادشاه، مڇيون ۽ گندڻ (مڇيءَ جو قسم) موجود آهن. هن آکاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي بنيادي عنصر ’مڪالما‘ پڻ پڙهي سگجن ٿا. ’بادشاه جي مجلس‘ جي صورت ۾ آکاڻيءَ ۾ منظرنگاري به ڏسي سگهجي ٿي، جيڪو عنصر فليش فڪشن جي سونهن آهي. هن آکاڻي رکڻ جو بنيادي مقصد فقط اهو ثابت ڪرڻ آهي، ته جڳن کان سنڌي ادب ۾ اهڙي قسم جون آکاڻيون شامل رهيون آهن، جن کي ’فليش فڪشن‘ جو اوائلي روپ مڃيو وڃي ٿو. اهڙي ريت سنڌي لوڪ ادب مان نموني طور هڪ بادشاه جي آکاڻي پيش ڪجي ٿي، جيڪا بين الاقوامي طور Parable جو نمونو آهي. Parable جي مختصر تشريح ڪجهه هن ريت آهي ته:

“A parable is a succinct, didactic story, in prose or verse that illustrates one or more instructive lessons or principles. It differs from a fable in that fables employ animals, plants, inanimate objects, or forces of nature as characters, whereas parables have human characters. A parable is a type of analogy”. (11)

(پريبل هڪ مختصر ۽ نصيحت سان ڀرپور ڪهاڻي جيڪا نثر ۽ نظم جي روپ ۾ هجي. پريبل ۾ گهڻو ڪري نصيحت آميز نڪتا بيان ڪيان ويندا آهن. هيءَ آکاڻي، فيبل کان مختلف آهي، فيبل ۾ جانور، ٻوٽا ۽ بي جان شيون يا فطري طاقتون ڪردار جي روپ ۾ اچن ٿا، جڏهن ته پريبل ۾ انساني ڪردار هوندا آهن. پريبل، تمثيل جو قسم آهي.)

 دولت جو نشو

ڪنهن بادشاه جو ھڪڙو خاص حجام ھوندو ھو، جيڪو ھونئن ته سنئون سبتو ماڻھن جھڙو ماڻھو ھو، پر حجامت ڪندي ڪندي، ڳالھين مٿان ڳالھين ۾ جو اچي پوندو ھو، ته بس ئي ڪين ڪندو ھو...... بادشاه کي به ايندو ھو مزو، سو ويٺو ھن جون اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ٻڌندو ھو. حجام جي ھڪڙي ڏاڍي عجيب عادت ھوندي ھئي، جنهن کان بادشاه کي ڪاوڙ به ڏاڍي ايندي ھئي، پر ھن کي عادت کان مجبور ۽ چريو سمجھي، کڻي ماٺ ڪندو ھو. حجام جي عادت ھئي، ته بادشاه جي سنوارت ٺاھيندي ٺاھيندي، ڪٿان جون ڳالھيون ڪٿان پيو آڻيندو ھو، ۽ ائين ڳالھائيندي ڳالھائيندي ڪونه ڪو موقعو ڪڍي بادشاه کي چوندو ھو ته: سائين! منهنجو پٽ به اچي جوان ٿيو آھي، ھزارن ۾ ھڪڙو آھي...... اوھان جي جئي بچي وڏي شھزادي به اچي سامائي آھي، جي مھر جي نظر ڪري شھزاديءَ جو سڱ کڻي منهنجي پٽ کي ڏيو، ته جيڪر منهنجو پٽ به اڏجي پوي، ۽ شھزادي به وڃي شينهن ڪلھي چڙھي! حجام جي ھيءَ ڳالھ ٻڌي، بادشاه کي ڪاوڙ ھڪڙي پاسي ايندي ھئي، ته کل ٻئي پاسي، ۽ ڪڏھن ڪڏھن، جڏھن ھو چرچي ڀوڳ جي خيال ۾ ھوندو ھو، تڏھن کلي حجام کي چوندو ھو ته: چڱو، پر ھاڻي ڪجهه مھلت ڏي، ته آءُ راڻيءَ ۽ شھزاديءَ سان صلاح ڪري وٺان.

ڪجهه ڏينهن ته اِھو قصو ائين ھلندو رھيو. آخر ھڪڙي ڏينهن بادشاه پنهنجي وزير سان صلاح ڪئي ۽ پڇيائينس ته: وزير، عقل جا وير! ھيءَ مام ته پروڙي ڏي ته ھن حجام مون کي گھڻي وقت کان ايڏو تنگ ڪيو آھي، سو آخر ڪھڙي ڳالھ جي زور تي مون حاڪم کان سڱ جي گھر ٿو ڪري، وزير، بادشاه کان ويچار ڪرڻ جي موڪل ورتي.

ٻئي ڏينهن وزير، بادشاه کي ٻڌايو، ته جيئندا قبلا! ھيءُ مئو ته دولت جو ئي ٿي سگھي ٿو، جو حجام بادشاه کان سڱ گھري. مگر سوال آھي، ته ڪيئن خبر پوي ته ھن وٽ ڪيتري دولت آھي، ۽ ڪٿي آھي!؟ آخر وزير، بادشاه سان صلاح ڪري، حجام جي گھر کي ڌاڙو ھڻايو. ڌاڙيل حجام جي گھر کي ٻهاري ڏيئي ويا. وزير ۽ بادشاه سمجھيو، ته حجام جو ٻچڙو ھاڻي ايتري جرئت ڪري نه سگھندو. پر ائين نه ٿيو. ٻئي ڏينهن حجام سنوارت ڪرڻ وقت جڏھن تريءَ تي پاڪي کي تکو ڪرڻ لڳو، تڏھن وري بادشاه کان ساڳيءَ طرح سڱ جي گھر ڪرڻ لڳو. ان وقت ته بادشاه وري به کلي ھن کان مھلت گھري جند ڇڏائي.

ٻيءَ رات وزير ڇا ڪيو جو جنهن فرش مٿان ويھي حجام سنوارت ڪندو ھو، اھو رات وچ ۾ کوٽايائين. ڇا ڏسي ته مار! فرش ھيٺان خزاني جون ديڳيون پوريون پيون آھن. وزير سمجھي ويو ته محلات ۾ اھو پوريل خزانو بادشاه جي وڏن جو رکيل ھو. ھاڻي جڏھن حجام سنوارت ٺاھڻ لاءِ اچي انهيءَ ھنڌ ويھندو ھو، تڏھن قدرت سان مغز چرخ ٿي ويندو ھئس ۽ بادشاه کان سندس ڌيءَ جو سڱ گھرندو ھو. وري جڏھن انهيءَ ھنڌان اٿندو ھو، تڏھن ماڻھن جھڙو ماڻھو، پوءِ ته ھن اتان سڀ سون رپو ڪڍائي، وري رات وچ ۾ ئي فرش ٻڌائي ڇڏيو.

ٻئي ڏينهن دستور موجب حجام سنوارت ٺاھڻ آيو، تڏھن بادشاه سان ڪڇيو ئي ڪين. آخر بادشاه چيس ته: تو منهنجي وڏھر ڌيءَ جو سڱ گھريو ھو، ڀلا ھاڻي تياري ڪر! حجام کي اچي ٿڙڪڻي لڳي، چپ خشڪ ٿي ويس، ڏڪندي ڏڪندي چيائين ته: بادشاه سلامت! ھي ڇا پيا چئو؟ آءٌ اوھان جي ٻانهيءَ جو ٻار حجام، ڪٿي مان ڪٿي اوھين. بادشاه! مون اِئين سائين جن کي ڪيئن چيو ھوندو! ائين اڌو گابرو به ٻه چار لفظ ڳالھائي، حجام ويچارو بيھوش ٿي ڪري پيو. بادشاه مٿس گلاب ۽ عطر ڇِڻڪاري کيس ھوش ۾ آندو.

ان ڏينهن کان پوءِ، وري ڪڏھن به حجام، بادشاه سان پنهنجي پٽ جي اڏجڻ ۽ شھزاديءَ جي شينهن ڪلھي چڙھڻ جي ڳالهه ڪا نه ڪئي. ھڪڙي ڏينهن بادشاه وزير کان پڇيو ته: وزير! اھا آخر ڪھڙي ڳالھ ھئي؟ وزير عرض ڪيو ته جيئندا قبلا! ھيءُ سڀ دولت جو نشو آھي.“ (12)

سنڌي لوڪ ۾ موجود ’دولت جو نشو‘ بادشاهي دؤر جي آکاڻي آهي. هن آکاڻي کي سنڌي لوڪ ادب ۾Parable  جو شروعاتي روپ چئي سگهجي ٿو، ۽ مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته Parable فليش فڪشن جي اوائلي صورت آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جا مک عنصر پلاٽ، ڪردار، ڊائلاگ، واقعو، اسلوب، مرڪزي خيال ۽ اختتام اچي وڃن ٿا، جڏهن ته فليش فڪشن جو بنيادي عنصر ’اختصار‘ به هن آکاڻيءَ ۾ شامل آهي. اختصار جي حوالي سان هن آکاڻيءَ ۾ 632 لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.

هن قسم جون هزارين آکاڻيون، سنڌي لوڪ ادب ۾ موجود آهن، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي سنڌي ادب جي اسڪيم ۾ لوڪ ڪهاڻيون- 6 جي نالي سان هڪ ڪتاب جي صورت ۾ به آنديون آهن. ’دولت جو نشو‘ آکاڻيءَ ۾ فليش فڪشن جو بنياد سمجهيو ويندڙ Parable جو گڻ، نصيحت پڻ آهي، جنهن ۾ آکاڻيءَ جو اختتام هڪ نصيحت ڀريي جملي سان ٿئي ٿو. آکاڻيءَ ۾ اهو اهو سبق به آهي، ته ڪهڙي ريت دولت جي ڪري ماڻهو پنهنجي آپي مان نڪري ويندو آهي. آکاڻيءَ جي پڄاڻي، ان سڄي مامري کي نهايت خوبصورت انداز سان انجام تي پهچائي ٿي. سنڌي لوڪ ادب ۾ جانورن ۽ بادشاهن جي آکاڻين سان گڏ ٽوٽڪا/ لطيفا/ نقل/ نظير پڻ  فليش فڪشن جي اهڃاڻن مان هڪ آهن.

ٽوٽڪن/ لطيفن/ نقل/ نظيرن ۾ فليش فڪشن جا اهڃاڻ

ٽوٽڪا، لطيفا ۽ نقل نظير هميشه لوڪ ادب جو اثاثو رهيا آهن. زندگيءَ جي مسئلن کي کِلي منهن ڏيڻ جو نالو لطيفا ئي آهن. هر دؤر ۾ سماج اندر اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن, جن ڀوڳ جي صورت ۾ ڏاهپ جون ڳالهيون بيان ڪيون؛ مختصر لفظن ۾ ڪيل اهي ڳالهيون حقيقي طور پنهنجي اندر وڏي معنى رکن ٿيون. انهن مختصر پر پراثر ڳالهين ۾ سنڌي لوڪ ادب ۾ موجود ٽوٽڪا، لطيفا ۽ نقل نظير آهن. وتايي فقير جو نالو، پنهنجي تز گفتن جي ڪري هر سنڌي ماڻهوءَ جي زبان تي عام آهي، ۽ پوءِ اسان ان مختصر ڳالهه يا جملي کي فليش فڪشن جي دائري ۾ آڻي سگهون ٿا، ملاحظه فرمايو وتايي فقير جو هڪ ٽوٽڪو، جنهن ۾ دانائيءَ جي نڪتي کانسواءَ دانائي سان اختصار پڻ آهي.

هڪ ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي!

”ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي ڇڙي ته سڀ ڪجهه الله سائين جي وس ۾ آهي، ڪرڻ ڪرائڻ وارو پاڻ پروردگار آهي. روزي به سندس وس ۾ آهي. گهڻي ڏي يا ٿوري. پاڻ رزاق آهي، سندس ئي حڪم سان دنيا جو ڪارخانو پيو هلي. وتايو فقير به ان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، ڳالهيون جڏهن دنگ ٿيون ته امالڪ چيائين ته: جيڪي چئو ٿا سو سڀ سچ آهي، پر هڪڙي ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي. ماڻهن پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فقير چيو ته اِهو امان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، وڻيس ته ڀَت رڌي، وڻيس ته ماني پچائي.“ (13)

”’لطيفو‘ لفظ جامع لغات موجب مزيدار ڪهاڻي جي معنى ۾ به اچي ٿو.“ (14) وتايي فقير جو هي ٽوٽڪو يا لطيفو فليش فڪشن جي معيار تي پورو لهي ٿو. هن ٽوٽڪي ۾ جتي کل خوشيءَ جو سامان ملي ٿو، اتي حڪمت ۽ دانائي جو فلسفو به سمايل آهي. جيترو گهڻو هن ٽوٽڪي يا لطيفي تي غور ڪنداسين ته اسان کي ان جا نوان رخ نظر ايندا، جيڪي فليش فڪشن جو خاصو آهن. فليش فڪشن جي هڪ خوبي هي به آهي ته سادن لفظن ۾ ڳالهه سمجهائي وڃي ٿي، جنهن جي شاهدي، وتايي يا سنڌ جي ٻين فقيرن جا سادا گفتا ڏين ٿا.

مختصر لفظن ۾ هڪ وڏي ڳالهه ڪرڻ پاڻ اندر وڏو هنر رکي ٿي، جيڪو هنر سنڌ جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿو. وتايي جي مٿئين ٽوٽڪي ۾ ان جا اهڃاڻ واضح آهن. فليش فڪشن جي معيارن موجب، ان لطيفي جو ڇيد ڪجي ته نتيجا ڪجهه هن ريت سامهون ايندا: لطيفو، فليش فڪشن جيان هڪ واقعي تي ٻڌل آهي- لطيفو/ ٽوٽڪو فليش فڪشن جي اعلى صفتن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو- لطيفي/ ٽوٽڪي ۾ فليش فڪشن جي بنيادي معيار مطابق 1000 کان گهٽ لفظ آهن- هن لطيفي ۾پورا 100 لفظن شامل آهن، جيڪا، فليش فڪشن جي مشهور صنف ’ڊريبل‘ (سؤ لفظن جي ڪهاڻي) ٿيو پوي- لطيفي کي پڙهڻ لاءِ فليش فڪشن جي ثانوي معيار (هڪ سيڪنڊ هڪ لفظ) موجب 100سيڪنڊ درڪار هجڻ گهرجن- يعني هڪ منٽ ۽ 40 سيڪنڊن ۾ پڙهندڙ کي سوچ جي سمنڊ ۾ غوطا کارائي ٿو- لطيفي ۾ ڪردارن جا مڪالما طاقتور آهن- لطيفي ۾ فليش فڪشن جيان مسئلو، انتها ۽ پڇاڙيءَ ۾ ان جو حل موجود آهي. اهڙي ريت لطيفن کانسواءِ سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ سنڌي لوڪ ادب مان فليش فڪشن جو وڏو ثبوت آهن.

سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون

فليش فڪشن جي وڏي خوبي يا پهريون عنصر اختصار آهي، جنهن کانپوءِ ڪجهه مبصرن جي راءِ مطابق:

“Some flash fiction possesses a unique literary quality, e.g. the ability to hint at or imply a larger story.” (15(

(ڪجهه فليش فڪشن ۾ اها انوکي ادبي خوبي آهي، ته اهو هڪ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو.)

’ٿورن لفظن ۾ هڪ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن اشارو...‘ انهيءَ نڪتي کي سامهون رکندي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب تي نظر ڪجي ٿي، ته اهڙيون ڪيتريون ئي صنفون ملن ٿيون، جن ۾ مختصر لفظن ۾ وڏيون ڪهاڻيون سمايل آهن. انهن ادبي صنفن ۾ ’پهاڪا ۽ چوڻيون‘ اهم حيثيت والارين ٿا. فليش فڪشن، اختصاري ڪهاڻين جو وڻ آهي. جنهن جون ڪيتريون ئي لامون آهن؛ يا ڇٽي، جنهن جي هيٺيان ڪهاڻين جو مختلف صنفون اچي وڃن ٿيون. سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ان جو حسن آهن، انهن جي پويان موجود ڪهاڻيون سماج جي عڪاسي ڪندي ملن ٿيون. سماج جي تصوير ڇڪيندڙ هڪ پهاڪو تحقيق ۾ شامل ڪري، ان جي پويان لڪل ڪهاڻي به لکجي ٿي، جيئن فليش فڪشن جي ان دائري ۾ داخل ٿي سگهون، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فليش فڪشن مختصر لفظن ۾ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪندڙ هوندو آهي.

پهاڪن ۽ چوڻين  جي پويان لڪل ڪهاڻيون

چورن مٿان مورَ (پهاڪو)

چون ٿا  ته ڪن چورن، چوري ڪري، جهنگ ۾ سامان لاٿو. جڏهن ورهائڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪڙو سونو هار به ڪڍي، ميدان تي رکيائون. وڻ تي مور ويٺو هو، جنهن جي نظر وڃي هار تي پيئي، سو لامارو ڏيئي، اهو هار کڻي ويو، تنهن تي چورن مان هڪڙي ائين چيو.

مطلب: جڏهن ڪو، ناجائز طريقي سان، ڪا شيءِ هٿ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪو ٻيو ماڻهو، کانئس اها شيءِ (سڄي يا اڌ) کڻي وڃي ٿو، تڏهن ائين چئبو آهي.“ (16)

چورن- مٿان- مور: هن پهاڪي ۾ ٽي لفظ شامل آهن، جيڪو هڪ پاسي سماج جي نفسيات کي ظاهر ڪري ٿو، ته ٻئي طرف فليش فڪشن جو اعلى نمونو پڻ آهي، جنهن ۾ مختصر ترين لفظن ۾ هڪ وڏي ڪهاڻي سمائي پئي آهي. پهاڪي: ’چورن مٿان مور‘ جي پويان موجود ڪهاڻيءَ ۾ پڻ 79 لفظ آهن، پر هن پهاڪي جي ٽن لفظن پويان پورو داستان رقم ڪري سگهجي ٿو، ٻين لفظن ۾ اهي ٽي لفظ هڪ وڏي ڪهاڻي ڏي اشارو ڪري رهيا آهن. ثابت ٿي رهيو آهي ته سنڌي ادب ۾ فليش فڪشن جا جوهر ڪهڙي ريت هر هنڌ ٽڙيل پکڙيل آهن.

مٿي ذڪر ڪيل فليش فڪشن جي ان نموني ۾ جتي پراڻين ڪهاڻين جيان سبق يا نصيحت ملي ٿي، اتي ڪهاڻيءَ جا ٻيا عنصر به چٽا ٿي بيهن ٿا، جن ۾ پلاٽ، ڪردار، مڪالما، واقعو، اسلوب، ۽ اختتام شامل آهن. پهاڪن جي پويان لڪل ڪهاڻين کي جهڙي ريت محققن ظاهر ڪيو آهي، ان ڪم جي يقينن ساراهه ٿيڻ گهرجي. ’چوڻي ۾ لڪل فليش فڪشن‘ جي سلسلي ۾ هڪ چوڻي پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ پڻ سڌي ريت سنڌي سماج جي نفسيات ظاهر ٿي رهي آهي، ۽ انهن لفظن جي پويان لڪل ڪهاڻي به ظاهر ٿئي ٿي.

ڌيءُ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءُ دور کائي چُور. (چوڻي)

”چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڌيءَ، پاڙي ۾ پرڻائي ته جيئن اکين آڏو هجي. پهريائين ته گهوٽ ڪنوار، پاڻ ۾ کير کنڊ هئا، پر پوءِ جيئن دستور آهي ته ٻه ٺڪر به پيا ٺهڪن، تنهنڪري وانگر بعضي کَهُرا کپرا پوندا هئا. هڪڙيءَ پاڙي واريءَ وڃي ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ٻڌايو ته ”تنهنجي ڌيءَ کي مڙسس ڏاڍو ماريو آهي.“ مطلب ته ڳالهه هجي يا نه، ته به اُها، يا ڪا ٻي پاڙي واري، شرير عورت، ڪنوار ماءُ جا ڪن ڀريندي رهي. ويتر جڏهن ڌيڻس پيڪين ويئي ۽ وَرَ جي نيڪي نه ڪيائين، تڏهن اها حالت ڏسي، ماءُ جا آنڊا سڙڻ لڳا. اتي هڪڙيءَ ويٺل مائيءَ چيو ته، ”ڌيءُ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءُ دور، کائي چُور (چُوري).“ (17)

هن چوڻيءَ جو مطلب آهي ته پاڙي جي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻڌي به پيو، پيءُ ماءُ کي ڏک ٿيندو، پر ڏور پنڌ سبب، جهڙي تهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي ڪانه ايندي. پهاڪي جيان هن چوڻيءَ ۾ به فليش فڪشن جا اهڃاڻ واضح طور موجود آهن. ”پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته پهاڪي ۾ معنى ڳجهي هوندي آهي، جڏهن ته چوڻي سڌي معنى رکي ٿي.“ (18) پهاڪي جيان مٿي ڄاڻايل چوڻيءَ ۾ به فليش فڪشن جا مظهر چٽي ريت موجود آهن. سادن لفظن ۾ بيان ڪجي ته پتو پوندو، هيءَ چوڻي پنهنجي پويان هڪ وڏي ڪهاڻي رکي ٿي. ان ڪهاڻيءَ جي لفظن جي ڳڻپ ڪجي ته 115 بيهن ٿا. ايڊيٽنگ جي هنر سان ان کي گهٽ وڌ لفظن ۾ به آڻي سگهجي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته فليش فڪشن مان مطلب ئي مختصر ترين لفظن ۾ ڪهاڻيءَ جو بيان آهي، ته ڪنهن به صورت ڪهاڻيءَ کي طول نه ٿو ڏئي سگهجي؛ جڏهن ته 9 لفظن تي ٻڌل هيءَ چوڻي پنهنجي پويان هيڏي ساري ڪهاڻيءَ کي سانڍي ويٺي آهي، جنهن کي عالمي درجي جو فليش فڪشن چئي سگهجي ٿو. چوڻي جي پسمنظر ۾ شامل ڪهاڻيءَ ۾ جتي لوڪ ڏاهپ جو نڪتو ملي ٿو، اتي کل خوشيءَ جو سامان پڻ ميسر آهي. فليش فڪشن جي بنيادي عنصرن جيان هن ڪهاڻيءَ جو خاصو به اختصار آهي. ان کان علاوه ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار، مڪالما، واقعو وغيره به اچيو وڃن، پر هتي تحقيق جو نڪتو، چوڻي جي پويان لڪل ڪهاڻي آهي، يا انهن لفظن ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪي هڪ وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

نتيجو

موضوع سنڌي لوڪ ادب ۾ ’فليش فڪشن‘ جا اهڃاڻ ‘ جي اکيڙ مان نتيجو ظاهر ٿئي ٿو ته، جڏهن عالمي سطح تي ’فليش فڪشن‘ جي تاريخ جا پيرا کڻجن ٿا، ته سنڌي لوڪ ادب به ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. سنڌي لوڪ ادب ۾ فليش فڪشن جا اهڃاڻ چٽائي سان موجود آهن.

 

 

رضا علي قاضي (ايم.فل اسڪالر) ليڪچرار، غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو.

ڊاڪٽر مهر خادم، اسسٽنٽ پروفيسر، سنڌي شعبو، شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.

 

حوالا

 

1.    Sustana, Catherine. “What is Flash fiction?”  (Thoughtco). August 27, 2017. Accessed September 13, 2017.

(https://www.thoughtco.com/what-is-flash-fiction-2990523)

2.    Highsmith, William. “Flash Fiction FAQs” (Writers digest) January 25, 2011. Accessed September 13, 2017.

(http://www.writersdigest.com/writing-articles/by-writing-goal/....)

3.      لڪياري، قلندر شاه. آڪسفورڊ، انگريزي سنڌي ابتدائي لغت. (پهريون ڇاپو). ڪراچي: آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، سال 2006ع. ص 327.

4.      حوالو ساڳيو، ص 326.

5.       عرساڻي، شمس الدين. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اؤسر. پهريون ڇاپو. ڄامشورو: انسيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، 1982ع. صفحو 11.

6.    Dictionary. Com “Flash fiction”, Accessed September, 29, 20017.

(http://www.dictionary.com/browse/Flash fiction)

7.    ڪوريجو، عباس. جديد ڪهاڻي فن ۽ موضوع.  قمبر: ڪنول پبليڪيشن،2015ع. صفحو 12.

8.      حوالو نمبر 05، صفحو

9.      بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان. لوڪ ڪهاڻيون-1. ايڊيشن پهريون. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع. صفحو 01

(http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Folk_Litrature/Book24/Book_page1)

10.   بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان. لوڪ ڪهاڻيون-6 ايڊيشن ڇهون. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2000ع، صفحو 19.

11.   Web Admin. “Difference between Fable and Parable.” (Difference between. Com) November 6, 2012. Accessed October 14, 2017.

(http://www.differencebetween.com/difference-between-fable-and-vs-parable/)

12.   حوالو نمبر 09. صفحو 22.

13.   طاهرزادو، ولي محمد. وتايو فقير. پهريون ايڊيشن. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع. صفحو 04.

(http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Folk_Litrature/Book8/Book_page6)

14.   بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. (جامع سنڌي لغات جلد ٽيون حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي. 2007ع. صفحو 233.

15.     Ashley Chantler. (Why Flash Fiction? Because of a Parrot and a Porn Star, Of Course) Smoke long Quarterly. 2016. Accessed 28 October, 2017.

(http://www.smokelong.com/why-flash-fiction-because..........)

16.   سنديلو، عبدالڪريم. پهاڪن جي پاڙ. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. 2016ع. صفحو 02.

(http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Folk_Litrature/Book6/Book_page2)

17.   حوالو ساڳيو، صفحو 33.

18.   جيٽلي، مرليڌر. سنڌي پهاڪا ۽ محاورا. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. 1994ع. صفحو 31.


(ڪارونجھر، جلد ۱۰، شمارو ۲۰۱۸ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment