ادب، ياري دوستي ۽ ھوڪا!
مٺل جسڪاڻي
عنوان تي ڪجھ لکڻ
کان پھرين چند پھاڪا ياد ڏيارڻ ضروري پيو سمجهان! مثال طور: ”اُهي پيٽَ ئي پڌرا، جيڪي پُٽ ڄَڻين“. ”اُهي ٻيلا
ئي ٻيا، جن جون ڪاٺيون ڪم جون“. ”ٻين کي فيض ڏيڻ ۽ واهر ڪرڻ وارا ماڻهو پري کان پڌرا“. ”اُها ڪُڪِڙ ئي
مري وئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.“، ”اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گهَٽا ڏيندا هئا.“