اها ئي زبان، کٽ تي به ويهاري،
اها ئي زبان پَٽ تي به ويھاري.
(چوڻي)
محمد سليمان وساڻ
حضرت بھلولؒ پنهنجي دور جو
مشھور داناءُ ۽ الله لوڪ ماڻھو هو. حضرت امام جعفر الصادق جو شاگرد ۽ وقت جي خليفي
هارون رشيد جو سئوٽ هو. هڪ ڏينھن جنابِ بھلول صحرا ۾ پنھنجي مستيءَ ۾ ويٺا هئا ته
سندس شھر جي هڪ تاجر جو اتان گذر ٿيو. تاجر جي دل ۾ بھلول لاءِ عزت هئي. گهوڙي تي
ويٺي ويٺي ان بھلول کي چيو: ”اي داناءَ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو! ڪجهه مشورو ڏيو
ته مان ڇا خريد ڪريان، جنهن سان مون کي ججھو منافعو ملي.“
حضرت بھلولؒ داناءَ چيس: ”بھتر
اٿئي ته ڪارو ڪپڙو خريد ڪر..“
تاجر، ان مشوري تي عمل ڪيو ۽
يمن مان وڏي تعداد ۾ ڪارو ڪپڙو وٺي آيو. اتفاق سان ڪجهه ڏينھن اندر، هڪ وڏي شخصيت
جي وفات ٿي پئي، جنھن جي ڪري ماڻھن ڪارو ڪپڙو سٺي انگ ۾ خريد ڪيو. شھر ۾ ٻئي ڪنھن
وٽ ڪارو ڪپڙو نه ھجڻ جي ڪري، هن تاجر کان سڀني ڪارو ڪپڙو خريد ڪيو ۽ هن به در دل
تي منافعو ڪمايو. پئسي جي وڌيڪ اچڻ جي ڪري، سندس طبيعت ۾ تڪبر اچي ويو.
ڪجهه ڏينھن بعد وري هو يمن ڏانھن
تجارت لاءِ سنبريو. هن ڀيري به رستي تي هن کي بھلول داناءُ گڏيو.
هن چيس: ”اي چريا! تجارت لاءِ وڃان
پيو، ٻڌاءِ ته ڇا خريد ڪريان؟“
بھلولؒ داناءَ وراڻيس: ”هن ڀيري،
تون ڇانھينءَ ۽ گدري جي خريداري ڪر.“
تاجر، بھلولؒ جي لفظن تي يقين ڪري،
پنھنجي سڄي دولت مان رڳو ڇانھين ۽ گدري جي خريداري ڪئي. گدرا ۽ ڇانھيون، هفتي جي
اندر خراب ٿي ويس، کيس گھڻو گھاٽو ٿيو. ھاڻ پاڻ پھرين کان به پوئتي پئجي ويو.
بھلولؒ داناءَ کي ڳولي هٿ ڪيائين
۽ چيائينس: ”واهه جو مشورو ڏنئي، سڄي ڀينگ ڪرائي ڇڏيئي!“
بھلولؒ داناءَ وراڻيس: ”تنھنجي اها
ڀينگ، مان نه پر تنھنجي زبان ڪرائي آهي. پھرئين ڀيري تو مون کي اي داناءَ! ڪري سڏيو
هو. مون تو کي مشورو به دانائيءَ وارو ڏنو هو. ٻئي ڀيري، تو مون کي اي چريا! ڪري سڏيو
هو. موٽ ۾ مون تو کي چرين وارو مشورو ڏنو هو. ان ۾ منھنجو ڪو ڏوهه ناهي، تنھنجي
لفظن ۽ لھجي جو ڏوھ آھي. ٻڌو نه اٿئي ته؛ لفظ ۽ لھجو، گڏجي نصيب ٺاهيندا آھن.“
مطلب:
۱. اها ئي زبان آهي جيڪا کٽ تي
وهاري ٿي ته پَٽ تي به ..
۲. اھا ئي زبان اس ۾ ويھاري،
اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري.
۳. اھا ئي زبان کٽيو کارائي،
اھا ئي زبان ماچڙا ھڻائي.
(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
Post a Comment