هير چيو رانجهن کي ته:
تون وڃي ڪپڙي جي ڪر، مان راڳ جي ڪئي. (لوڪ داستان، ڳجھارت، چوڻي)
خادم حسين کنڊ
چوڻيءَ جو ننڍڙو ارٿ
۽ اشارو:
هير سيال جو سڱ،
اصل کان چاچي ڪيدوءَ جي گھر ڏنل هو. جڏهن هير سيال جي اڳيان پنهنجو والد صاحب راضي
ٿي ويو ته اتي وري چاچي ڪيدوءَ انڪار ڪيو ۽ ڏاڍو سخت نفرت مان ناراض ٿيو. هير ۽
رانجھي کي مئي مارائي کان سواءِ نه ڇڏڻ جو عهد ڪيائين. اڃا رانجھن جي مس ڳالھ طئي ٿي
ته هير اتي تخت هزاري جي رانجھن بادشاه کي مخاطب ٿي چيو ته؛ ”هاڻي هيءَ جيڪو ڀڀڙ ڀڙڪيو
آ، لڳي ٿو اها پاڻ کي جيئري ڪڏهن به هڪ ڪو نه ٿيڻ ڏيندو. ھاڻي جي ملياسين ته به
مري پوءِ ملنداسين. ان ڪري ’تون وڃي ڪپڙي جي ڪر۽ مان وڃي ٿي راڳ جي ڪيان‘.
ان ڳجھارت جو ارٿ
ھيءُ ھيو ته؛ ”تون وڃي ڪفن وٺ ۽ موت جي تياري ڪر. تنھنجي پوک پچي آئي آ. مان وڃي
ٿي راڳ جي ڪيان.“
ان ڏينهن کان وٺي هير سيال، ساز سرندا کڻي مٿي
محلات تي ويهي عشق، پيار ۽ محبت ۾ ڏک سور جا دل گداز ۽ دل سوز ساز کولي، رانجھن
سان گڏ مرڻ جيئڻ، ساٿ ڏيڻ ۽ وفا جو وچن نڀائڻ جا آلاپ ڪرڻ لڳي. ھير، جيئن راڳ ۾
پئي ته مرڻ گھڙيءَ تائين راڳ ئي آلاپيندي وئي. جڏهن خير سان سندن مڱڻي ۽ نڪاح جي
ريت رسم ٿي. اڃا هنن جو ميل ميلاپ نه ٿيو هو. ڇو جو هنن جي محبت سچي هئي.
اتي چاچي ڪيدو دل ۾
پلاند وٺڻ جي ڳجھي چال وڙھيو. ٻنھي سان ٺاھ، صلح ۽ سرچاءُ ڪيائين. ٻنهي اونت نه ڏنائين.
هڪ ڏينهن هير جي لاءِ مٺائي وٺي، منجھس زهر قاتل ملائي، اٽڪل ۽ پيار محبت سان کيس
کارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هير مٺائي، کائڻ شرط دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اها خبر جڏهن رانجھن
کي پئي ته هو ڊوڙندو پھتو. هير کي مئل ڏسي هن سوچيو ته هاڻي هن دنيا ۾ رهڻ اجايو
آ. جڏهن هير نه رهي ته مان جيئرو رھي ڇا ڪندس؟ هن يڪدم، ٿانءَ ۾ بچيل وھ مليل مٺائي
کاڌي. جنھن تي هن جو به دم پرواز ڪري ويو.
مطلب؛ عاشقي، سر تريءَ
تي رکڻ سان نڀندي آھي.
(خادم حسين کنڊ جي پوسٽ تي کانئس پڇيل ڪمينٽ جي جواب ۾ ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڏنل ڪمينٽ)
No comments:
Post a Comment