انجنيئر عبدالوهاب سهتي
جي ڪتاب ”پهاڙي آخاڻ“ جو تحقيقي اڀياس
رياض ڪلهوڙو
ڪنهن ڏاهي جو قول
آهي؛ ”انسان جي ڄاڻ جو دائرو ٽن شين تي مبني آهي: خدا، فطرت ۽ خود انسان“. ڏسڻ ۾
ائين ٿو محسوس ٿئي ته انسان جي ڄاڻ، محدود آهي. جڏھن ته مطالعي، مشاهدي ۽ غور
ويچار کان پوءِ، خبر ٿي پوي ته مٿين ٽن نقطن جي ڄاڻ، ڪائنات جي ڄاڻ آهي. خدا جي
خدائيءَ کي سڃاڻڻ مطلب، ڪائنات جي سمورن علمن کان واقف هجڻ. خدا جي خدائي، انسان
جي اصليت، حقيقت ۽ ڪيفيت ۽ ڪائنات جي سونهن، سوڀيا ۽ سندرتا کي اصل روپ ۾ ڏسڻ،
سمجهڻ ۽ پرکڻ عالمن، ودوانن ۽ زيرڪن جو ڪم آهي. ڳاڻيٽي جي لحاظ کان ڪائنات جي علمن
کي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. معلوم نه اٿم، پر عربي ٻوليءَ ۾ علم کي (۱۹)
اوڻويھن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪڙو ”علم اللسان“ به آهي. ”علم اللسان“
معنيٰ ٻوليءَ جو علم. ٻوليءَ جو علم ايترو وسيع آهي، جو هڪ هڪ پهلوءَ ۽ نقطي تي الڳ
پي ايڇ ڊي ٿي سگھي ٿي ۽ ٿين به ٿيون. هتي ٻوليءَ کي زينت بخشيندڙ هڪڙي موضوع يعني
”پهاڪن ۽ چوڻين“ جي ماهر عبدالوهاب سهتي جو ذڪر ڪرڻ گھران ٿو، جنهن کي امتياز
منگيءَ ”پهاڪن جو چيمپئن“ سڏيو آهي. منگي صاحب، وڌيڪ چوي ٿو ته: