بيوقوف قلابازين ۾ خوش
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي ٻڪرار کي، شھر وڃڻو ھيو. سوچيائين؛ ”شھر وڃان ته سھي پر ٻڪريون ڪنھن
جي حوالي ڪري وڃان؟“ ان ٻڏ تر ۾، ھيڏي ھوڏي پئي واجھايائين ته ھڪڙي لنگور جي مٿس
نظر پئجي وئي، جنھن کانئس پڇيو؛ ”اڙي يار! ڪنھن کي ٿو ڳولين پيو؟“
”يار! مون کي بازار وڃڻو آھي. اچانڪ ھڪڙو ڪم ياد پيو اٿم.“ ٻڪرار کيس دل جي
مدعا ٻڌائيندي چيو؛ ”ڏسان پيو ٿو ته ڪو ھمراھ ملي وڃي، جيڪو شام تائين ڌڻ جنھگ ۾ چاري
ته مان شھر جو ڪم لاھي ستت موٽ ڪيان.“
”اڙي يار! اجايو پريشان ٿيو آھين. مان آھيان نه! تون ٻڪرين جو فڪر ئي نه
ڪر!“ لنگور کيس آڀت ڏيندي چيو؛ ”شام تائين مان واھر ٿو ڪيان. تون رڳو ستت موٽڻ جي
ڪجان!“
”مان اجھو موٽيس!“ ٻڪرار خوش ٿيندي، ڌڻ سندس حوالي ڪري، شھر جي چنتا پوري
ڪرڻ لاءِ، کڙين تي زور ڏنو.
جڏھن، بازار مان ڪم لاھي موٽيو ته ڌڻ مان ٻه ٽي ڪن گم ڏسي، وڻ تي ويٺل
لنگور کان پڇيائين؛ ”يار! تو ته چيو ھيو؛ ٻڪرين جي واھت ٿو ڪيان، بازار مان ڪم لاھي موٽ!“ ڏوراپو ڏيندي
کيس چيائين؛ ”واھ جي واھت ڪئي اٿئي. ٻه ٽه ڪن گم آھن.“
”اڙي يار ڇڏ انھن ٺانگرن جي پچر!“ لنگور وڻ جي ھڪ ٽاريءَ تان ٻيءَ تي ٽپ ڏيندي
چيس؛ ”منھنجي قلابازين کي ڏس!“
ائين چئي، لنگور، ھڪ وڻ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين تي قلابازيون کائيندو رھيو.
ٻڪرار، ٻڪرين وڃڻ جي ويسورن ۾ رھيو جو ڪو حال ڀائي نه ھيس.
مطلب؛ بيوقوف ۽ غير ذميوار جي سنگت، نقصانده ھوندي آھي.
(سليم ڪاشميري؛ گويم مشڪل، ويلڪم بڪ پورٽ، اردو بازار ڪراچي، جنوري ۲۰۱۳ع،
ص ۵۵ کان ص ۵۶ تائين تان، ترجمو ڪري کنيل)
No comments:
Post a Comment