شاھ جي شاعريءَ جو
پھاڪاتي پھلو
سادا اکر
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
پهاڪو (Proverb) يا چوڻي saying))، ننڍڙو ۽
جلد ياد ٿي وڃڻ جيترو بياني جملو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا سوچيل سمجهيل
مشاهدو سمايل هوندو آهي، جيڪو عام لوڪن جي زبان ۾ بيان ٿيل هڪ روايتي حقيقت تي
مشتمل ھوندو آھي ۽ ضرب المثل طور استعمال ٿيندو آھي.
پھاڪا ۽ چوڻيون، لوڪ ادب جي صنف
منجھان آھن. سندن سرجڻ ۽ اپڙڻ، وڌڻ ۽ ويجھڻ جو سرچشمو عوام جا سينا ۽ زبانون آھن.
لوڪ جي سينن ۾ نسرن ٿا ۽ سندن زبانن تان ٿيندا، سيني به سيني اڳتي وڌن ۽ اسرن ٿا.
جڏھن ته اصطلاح يا محاورا، ان لحاظ کان پهاڪي ۽ چوڻيءَ کان جدا نموني سان ٺھن ٿا، جنھنڪري اھي لوڪ ادب جي دائري ۾ ڳڻڻ بجاءِ لغت يا ٻوليءَ وارن علمن منجھ
ڳڻيا وڃن ٿا.
پھاڪن منجھئون، لوڪن جون عادتون
۽ اطوار، بيان ۽ گفتگوءَ جو
انداز، رسمن ۽ ريتن، اٿڻ ويھڻ ۽ کائڻ پيئڻ، ھنڍائڻ ۽ ورتائڻ بابت ڄاڻ ملي ٿي.
پھاڪا/چوڻيون، لوڪِي تاريخ، لوڪِي ٻوليءَ ۽ لوڪن جي ڄاڻ wisdom جا ڀنڊار
آھن.
پھاڪي يا چوڻيءَ لاءِ ”ٻول/
قول“، ”ڪھاوت“، ”سياڻن جو سخن“، ”ٻھڳڻن جو ٻول“، ”گفتار جي غازين جو گفتو“، ”سپ جا
سپورنج سندي“، ”سُڌ جا سونھان ڏين“، ”وڏڙن چواڻي“ ۽ ”وڏڙن جي واتان ٻڌل“ جھڙا لفظ، نعم البدل
طور تي مروج آھن. اھي عوام جي سينن ۾ تپي تپي اٿن ٿا. واتين سري، واڳين سرن ٿا.
رستي ۾ کين نه ڪا جھل، نه ئي ڪا رنڊ روڪ ٿئي ٿي. اڏامندا وڃن ٿا ۽ صدين تائين سندن
پڙلاءُ ٻُرندو رھي ٿو. جڏھن ته چوڻيءَ جي خاصيت آھي؛ روپ ننڍڙو، جملو مڪمل، نڪتو
سمايل ۽ عوام جي زبان تي روان ھجي. اگر انھن چئني خوبين مان ڪا ھڪڙي کٽل اٿس ته اھا
چوڻي ناھي. چوڻيءَ کي پھاڪي جي پد تي پڄڻ لاءِ، اڃا ھڪ ڏاڪو وڌيڪ پنڌ ڪرڻو آھي، سو
آھي؛ پنھنجي اکري معني کان علاوھ ٻي معني ۾ به استعمال ٿيڻ جي خاصيت رکڻ.
پھاڪا، آڳاٽن مذھبي ڪتابن جي
اندر پڻ آيل آھن. بائيبل Bible جي پراڻي
عهدنامي Old Testament ۾ ته اخلاقي
سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل نقطن تي مشتمل ”پهاڪن جو ڪتاب“ عنوان سان هڪ جدارو باب ڏنل آهي. اھي پهاڪا، حضرت سليمانؑ ڏانھن
منسوب ڪيا وڃن ٿا. انگريزي ٻوليءَ ۾ مروج ڪيترا ئي پهاڪا، پراڻي عهدنامي تان ورتل
آهن.
پھاڪي جي مڃيل وصف مطابق؛ پھاڪو،
پاڻ ۾ نڪتو رکندڙ اھو مختصر ۽ مڪمل جملو آھي، جيڪو عوام جي زبانن تان اسري، يا
ڪنھن آسماني ڪتاب اندر آيل احڪام ٻڌڻ سان سرجي، يا ڪنھن ڏاھي جي چيل ڳالھ تي غور
ڪرڻ سان روپ ڌاري نروار ٿئي. لفظي معني سان گڏ، ورجيسي معني پڻ ڏئي.
ڪي شاعر، پنھنجي ڪلام ۾ پختگي
پيدا ڪرڻ واسطي، عوام جي ٻولي استعمال ڪندا آھن، جو سندن پيغام يا نياپو ھوندو ئي
انھن لاءِ آھي، جنھنڪري ھو انھن جي ٻوليءَ ۾
ڳالھائيندا آھن. انھن جي زبانن تي آيل محاورا يا ڪھاوتون استعمال ڪندا آھن.
جنھنڪري اڳتي ھلي ائين به ٿيندو آھي جو اھڙن شاعرن جو ڪلام، جڏھن عوام جي زبانن تي
چڙھندو آھي ته سندن سرجيل سٽون پھاڪن جو روپ اختيار ڪري وٺنديون آھن.
ماموئي فقيرن جا قول ھجن يا شاھ
ڪريم جو ڪلام، قاضي قادن جا دوھا ھجن يا لطيف
سائينءَ جا بيت، گرھوڙيءَ جون پيشنگويون ھجن يا شاھ عنايت جا گفتا، سچل جا
سنيھا ھجن يا ساميءَ جون سپون، مڙني منجھ عوام جي ذھن آھر ڳالھيون چيل آھن، جنھن سببان سندن ڪلام، لوڪ جي زبانن تي چڙھيل ئي چڙھيل رھي ٿو.
لوڪ قصا ۽ لوڪ ڪھاڻيون، پڻ
پھاڪن ۽ چوڻين جي جڙڻ جو سرچشمو آھن. اھي قصا عوام جي زبان تان ٿيندا، ڀٽن ڀانن جي
زبانن تي چڙھي، جڏھن ڳاتا وڃن ٿا ته عوام منجھانئن حظ حاصل ڪرڻ سان گڏ نڪتا پڻ
چونڊي ٿو، جيڪي نصيحت طور اڳتي استعمال ڪري ٿو. ناصح، اھڙن قصن ذريعي، عوام کي دين
۽ دنيا جون نصيحتون ڪرڻ فرمائيندا آھن، ڇو جو
اھي قصا اڳواٽ، عوام کي ذھن نشين ٿيل ھوندا آھن ۽ منجھن سمايل نقطا فقط اجاگر ڪرڻا
ھوندا آھن، جيڪي ناصحين پنھنجي علمي ڏانءَ ۽ ذھني بلاغت سان کوٽي نروار ڪندا آھن.
ھونئن به قصن ۽ ڪھاڻين ذريعي پيغام رساني آسانيءَ سان ٿيندي آھي.
جن به وڏن شاعرن اھڙن قصن کي
ڳاتو آھي، تن جو ڪلام، عوام اکين تي رکيو آھي. انھن جي ٻولي عوامي ھئڻ سان گڏ ڄڻ
عوام جي اندر جو آواز ٿي
پئي آھي.
اھو اشارو، لامحاله شاھ
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ڏانھن ئي آھي. سنڌ اندر اھو واحد بزرگ آھي جنھن جي ڪلام
جو چڱو حصو، عوام جي زبان تي چڙھيل آھي ۽ مثالن طور پڻ ڪتب اچي ٿو. سندس ڪلام جي
ان عوامي پسنديدگيءَ، سندس ڪلام کي لازوال ڪري ڇڏڻ سان گڏوگڏ، پھاڪي جي پد تي پڻ
پڄائي ڇڏيو آھي.
ڪيترا ئي ليکڪ، پنھنجي ڪتابن ۽
مضمونن منجھ، جتي ڪا ڳالھ مثالن سان سمجھائڻ اڻٽر ھجي، اتي پهاڪن سان گڏ شاھ جي
رسالي مان سونَ ورنيون سٽون چونڊي پڻ استعمال
ڪن ٿا، جيڪي عام ڳالھ ٻولھ ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪتب اينديون آھن.
ان جي ابتڙ، ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي، پنھنجي ڪتاب ’شاھ جو شعر‘ ۾ لکي ٿو ته؛ ”ھر
ڪنھن ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جو ھڪ وڏو خزانو ھوندو آھي، جي ان ٻوليءَ جي زباني
ساھتيه جو مکيه انگ ھوندا آھن. اڪثر انڀوي پرش ۽ استريون، پنھنجا پنھنجا ويچار
ظاھر ڪرڻ وقت، انھن کي وڌيڪ وزندار ۽
چڀندڙ بڻائڻ لاءِ رواجي ٻوليءَ ۾ انيڪ پھاڪن ۽ چوڻين کي ڪتب آڻيندا آھن. سندن ان
قسم جي استعمال ۾ سڀاويڪ روانيءَ جي جھلڪ ملندي آھي. جيتري قدر ادب ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي وڌيڪ استعمال جو سوال آھي، ائين مڃڻو ئي پوندو ته انھن جو گھڻو استعمال ڪرڻ به سٺو ڪين آھي، ڇاڪاڻ ته
انھن جي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان ٻوليءَ جو واڌارو رڪجي ويندو آھي. ليکڪ ۽ شاعر،
پنھنجا ويچار، پراڻن قالبن ۾ ظاھر ڪندا آھن. ان جو نتيجو اھو نڪرندو آھي ته ٻوليءَ
۾ ڪا نواڻ نه ايندي آھي ۽ نوان قالب نه گھڙجي سگھندا آھن. پر تنھن ھوندي به ان ۾
ته ڪو شڪ نه آھي ته ليکڪ ۽ شاعر لاءِ ڪٿي ڪٿي پھاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪرڻ تمام
ضروري ھوندو آھي. ممڪن آھي ته ائين نه ڪرڻ سان سندن ٻوليءَ جي اھا رواني نه اچي
سگھي ۽ اھا عام واھپي جي ٻوليءَ کان پري ٿي وڃي.
شاھ صاحب پنھنجي ٻوليءَ ۾ چوڻين ۽ پھاڪن جو
اتي ئي استعمال ڪيو آھي، جتي انھن جي خاص ضرورت آھي. دراصل سندن استعمال سان ئي
شاھ جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ سليستا اچي ويئي آھي، جنھن جا ڪجھ
مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
”جن مھانگو لھي ميڙيو، سي ٿا ھٿ ھڻن.“
شاھ صاحب جي ڪلام ۾ موجود پھاڪن
۽ چوڻين کي چونڊي، جن محققن نروار ڪيو آھي، تن جو بيان ھيٺ ڏجي ٿو.
۱) لطيفي لات: پهاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندڙ
مصرعون:
شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ صاحب (۱۸۵۳ع - ۱۹۲۹ع) ولد فريدون بيگ، ٽنڊي ٺوڙھي ۾ ڄائو. سندس تصانيف ۽ تاليف جو تعداد ۴۵۰
کان مٿي آھي، جيڪي شاعريءَ کان علاوھ، اخلاقي، مذهبي، روحاني، تاريخي، عجيب ۽ نصيحت
آميز ڳالھين، ناولن، ناٽڪن ۽ عام واقفيت، لطيفيات، وياڪرڻ وغيرھ جھڙن موضوعن تي مشتمل آھن.
لطيفيات تي، سندس
تاليفات جي وچور ھيءَ آھي: ۱. لطيفي لات، ۲. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال، ۳. لائف
آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(انگريزي)، ۴. شاھ جو
رسالو، ۵. لغات لطيفي، ۶. شاھ جي رسالي جي ڪنجي، ۷. سر آبريءَ جي تشريح، ۸.
سر سريراڳ جي تشريح، ۹. سر سهڻيءَ جي تشريح ۽ ۱۰. سر ديسيءَ جي تشريح.
”لطيفي لات“ شاھ جي رسالي مان چونڊيل مصراعون، جيڪي پھاڪن يا چوڻين
وانگي سنڌي ۾ ڪم اينديون آھن، تن تي آڌاريل ڪتاب آھي، جنھن جو پھريون ڇاپو سال
۱۹۱۲ع ڌاري قيصريہ پريس ۾ ڇپيو. منجھس جملي صفحا ۲۷ ھيا، جنھن جو ڇپائيندڙ؛
آتمارام ڪندن مل حيدرآباد وارو ھيو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو؛ ”لطيفي لات“ نالي سان، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، ۱۹۹۴ع ۾ ڇپايو، منجھس جملي صفحا ۳۰ ھيا.
ان لحاظ کان مرزا
قليچ بيگ صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون اسڪالر ۽ مصنف آھي، جنهن جو شاهه جي رسالي ۾
آيل پهاڪن ۽ اصطلاحن ڏانھن ڌيان ويو ۽ ان متعلق، سُر وار، داستانن جي نشاندھي
ڪندي، الفابيٽ ترتيب سان ڪتاب جوڙي ڇپايائين. اھو ڪتاب جيئن ته سائيز ۾ تمام ننڍڙو آھي، جنھن
سببان وري وري ڇپجي نه سگھيو ۽ ان بابت لطيفيات سان دلچسپي رکندڙ گھڻن دوستن کي
ڄاڻ به ناھي. اھا ڳالھ، ڳڻ ۾ رکي، ساڳيو مضمون ھن ڪتاب اندر شامل ڪيو ويو آھي ته
جيئن لطيفيات جي شائقين کان علاوھ عام ماڻھن جي استفادي ھيٺ رھي سگھي.
۲) شاهه جا پهاڪا:
پروفيسر ڊاڪٽر اياز
قادري (۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع - ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع) ولد فقير غلام سرور قادري، لاڙڪاڻي جي
مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. ناميارو محقق، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ماهر تعليم هو. سندس تصنيفن ۾ ”زلفِ اياز“ (شاعري)، ”بِلو دادا“ (ڪھاڻين جو
مجموعو)، ’مٽيءَ لڌو مانُ‘، ’عشقيه داستان‘ ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘، ’مون مطالع
سپرين‘ (لطيفيات) مشھور آھن. ان کان علاوه ترجما پڻ ڪيائين، جھڙوڪ؛ ۱. ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي ”منھنجي آتم ڪھاڻي
(ٻه حصا؛ تربيت، ۽ منھنجا درسگاھ)“، ۲. جِي الانا جي انگريزي ڪتاب Our Freedom fighters جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘، ۳. ڊاڪٽر جميل
جالبي جي ڪتاب ’پاڪستاني ڪلچر‘ جو ترجمو. ’سنڌي غزل جي اوسر‘، جي عنوان سان علامه غلام مصطفى قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾، پي ايڇ ڊي لاءِ
مقالو پڻ لکيائين.
ھن ڪتاب اندر، ”شاھ
جا پھاڪا“ عنوان سان شامل ڪيل مضمون، سندس ئي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ”مون مطالع
سپرين؛ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اڀياس“، جيڪو شاهه عبداللطيف ڪلچرل
سوسائٽي، ڪراچي، اپريل ۱۹۹۵ع طرفان شايع ٿيو ھيو ۽ منجھس ص ۵۹ کان ص ۶۶ تائين
موجود آھي تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي. ياد رھي ته ساڳيو مضمون، ”شاھ جو ڪلام
پھاڪن طور“ جي عنوان سان ”لطيفي لات ــــ مرتب: ممتاز مرزا“، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، ۱۹۹۲ع (ص ۱۸ کان ص ۲۵) ۾ پڻ شايع ٿيل آھي.
۳) شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون:
ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر (۱۰ مئي ۱۹۴۰ع - ۱۵ مارچ ۲۰۰۳ع) ولد در محمد سوڍر، اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ هاڻوڪي قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي وارھ اندر ڳوٺ
فيض محمد سوڍر ۾ ڄائو. ڪھاڻين ۽ ڊرامن لکڻ کان علاوه، لطيفيات جي موضوع تي ”سنڌي ثقافت ۽ شاھ
عبداللطيف“ (۱۹۸۸ع) جي عنوان سان مقالو لکي، پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين.
لطيفيات تي ڇپيل
ڪتاب ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ (۱۹۹۰ع)، ”سنڌي ثقافت ۽ شاھ عبداللطيف“ (۱۹۹۱ع) ۽ ”اوجاڳي اجاريا“ (۲۰۰۰ع) اٿس.
ھن ڪتاب اندر مٿي
ڄاڻايل مضمون، پي ايڇ ڊيءَ لاءِ لکيل سندس مقالي ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ، ڇاپو پھريون، سال ۱۹۹۱ع، (ص ۴۲۶ کان ص ۴۳۰ تائين) تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي. اھو مضمون عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“؛ حسن درس اڪيڊمي،
حيدرآباد، ڇاپو پھريون سال ۲۰۱۶ع ۾ پڻ
شامل آھي، جيڪو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ويب سائيٽ تي رکيل آھي.
۴) روزمرھ جي سنڌي زندگيءَ ۾ شاھه جا قول:
ڊاڪٽر موتيلال
جوتواڻي (۱۳ جنوري ۱۹۳۶ع - ۲۸ جنوري ۲۰۰۸ع) پٽ واڌومل جوتواڻي، روھڙي شھر، تعلقي
۽ ضلعي سکر ۾ ڄائو. ادبي سفر ڪهاڻين لکڻ سان شروع ڪيائين. ھو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار،
ناول نگار، مضمون نگار ۽ محقق هو. ”شاهه لطيف: هز لائيف اينڊ ورڪس“ جي عنوان سان
پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. سنڌي، ھندي ۽ انگريزيءَ
منجھ، ساٺيڪو کن ڪتاب لکيل اٿس. سندس ديھانت ھندستان جي شھر پڻي ۾ ٿيو.
مٿي ڄاڻايل عنوان
وارو سندس لکيل مضمون، ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل؛ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڊسمبر ۲۰۰۴ع، صفحو ۶۹ کان ص ۷۸ تائين، تان ٿورن سان کنيل
آھي. اهو ئي مضمون رکيل مورائي صاحب، پنھنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھ لطيف: ھڪ تحقيقي ۽ تخليقي
اڀياس“ ۾، صفحي ۱۷۴ تي ڏنو آھي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ، نومبر ۲۰۱۵ع ڌاري ڇپايو آھي.
۵) آيتون آھين (الف-بي وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون):
ڪريم بخش خالد (۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۸ع
- ۱۷ مارچ ۲۰۰۳ع) ولد محمد عثمان ميمڻ، شڪارپور ضلعي جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ ڄائو. سن ۱۹۴۵ع ۾ سنڌي فائنل، سن ۱۹۴۵ع ۾ بمبئي مان
انٽرميڊيٽ ڊرائِنگ، سن ۱۹۵۲ع ۾ ڪراچي مان بِي اي ۽ سن ۱۹۵۷ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلومه جي ڊگري حاصل ڪيائين. سن ۱۹۶۹ع
ڌاري، ”سرڪاري ڪمن جي تشھير“ ۾ لنڊن مان ڊپلومه جي سند حاصل ڪيائين. سنڌ حڪومت جي
اطلاعات کاتي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات جي عھدي تان رٽائر
ڪيائين. پنھنجي حياتيءَ ۾ نوي کن ڪتاب تاليف يا ترتيب ڏنائين، جن منجھان اٺ ڪتاب، سنڌي توڙي اردوءَ ۾، لطيفيات تي مبني آھن.
ھن ڪتاب اندر سندس مٿي ڄاڻايل
عنوان سان سندس مضمون، سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھ جو رسالو - سنڌ جي تاريخ جو ماخذ“، جيڪو شعبه اشتھارات، مطبوعات ۽
پريس، سنڌ اطلاعات کاتو، بلاڪ ۹۶، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي، طرفان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ۲۲۶ عرس جي موقعي تي شايع ڪيو ويو، تان
ٿورن سان کنيو ويو آھي.
۶) شاهه ۽ پهاڪا:
سيد انور علي شاھ
عرف سيد اظهر گيلاني (۱۱ آڪٽوبر ۱۹۱۵ع - ۲۲ جولاءِ ۲۰۰۵ع) ولد اصغر علي شاھ،
پنھنجي ناناڻي ڳوٺ لالو رانئڪ، تعلقو وارھ، ضلعو لاڙڪاڻو (موجوده قمبر-شهدادڪوٽ) ۾ ڄائو. ناميارو شاعر ھيو،
جنھن ٻه سؤ کن ڪتاب، ترتيب و تاليف ڪرڻ سان گڏ ”قصرالادب“ نالي سان ادارو پڻ قائم
ڪيو.
لوڪ ادب جي ميدان ۾
”پھاڪو ڇا کي چئجي؟“ مضمون کان علاوه، لطيفيات سان منسلڪ ”شاھ جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا“ ڪتاب تاليف ٿيل اٿس.
ھن پنھنجي ڪتاب جي اندر شاھ صاحب جي ۳۴ سُرن منجھان اھي بيت چونڊي رکيا آھن، جيڪي پھاڪي وارا آھن
يا منجھن پھاڪي واري مصرع آھي يا محاورو آندل آھي. ھر ھڪ بند جي حاشيي ۾ پھاڪي جي
نشاندھيءَ لاءِ ’پ‘ ۽ محاوري لاءِ ’م‘ اشاري طور ڏنل آھن. ڏکين لفظن جون معنائون
فوٽ نوٽ ۾ ڏنل آھن. جڏھن ته ”عاجزانه الفاظ“ نالي سان لکيل مقدمي ۾ شاھ جي شعر
اندر آيل صنعتن تي سير حاصل بحث آندو اٿائين، جيڪو پڻ پڙھندڙن جي دلچسپيءَ ۾ اضافو
ڪري ڇڏي ٿو. ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، سنڌ، سال ۲۰۰۴ع ڇپايو
آھي جيڪو ۱۴۴ صفحن تي پکڙيل آھي. سندس ان ڪتاب ۾ موجود مھاڳ، مختلف حصن ۾ تقسيم
ڪيل آھي، منجھانئن اھو حصو، جيڪو پھاڪن ۽ چوڻين سان منسلڪ آھي، سو ھن ڪتاب اندر،
پڙھندڙن جي ڄاڻ واسطي، مٿي ڄاڻايل عنوان سان شامل ڪيو ويو آھي.
۷) شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا:
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (ڄم:
۴ ڊسمبر ۱۹۴۰ع) پٽ سوڀراج لڇاڻي، پير جو ڳوٺ، خيرپور ۾ ڄائو. سندس پھريون ڪتاب، ڪھاڻين جو مجموعو ھيو، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري
”خاموش زندگي“ نالي سان شايع ٿيو. ھن وقت تائين، مختلف موضوعن جھڙوڪ؛ ڪھاڻيون،
تنقيد، لوڪ ڪھاڻيون، ٻاراڻا ناول ۽ ڪھاڻيون، سنڌي ادب، سائنس فڪشن، شخصيات،
سفرناما وغيرھ تي، لڳ ڀڳ ۵۰ ڪتاب لکي، ڇپائي چڪو آھي. جن مان ٽي ڪتاب؛ ”شاھ ۽ صوفي
مت“ (۱۹۸۵ع)، ”آڇيندي لڄ مران“ (۲۰۱۵ع) ۽ ”تون ڏاتار، آ ڏَڏُ“ (۲۰۱۷ع) لطيفيات تي
مبني آھن. ”آڇيندي لڄ مران“ ڪتاب تي کيس سنڌي ساھتيه اڪيڊمي طرفان سال ۲۰۱۷ع ۾
ايوارڊ به مليو آھي ۽ اھو ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ٻيھر سال ۲۰۱۷ع ۾ پڻ ڇپايو آھي.
ھن ڪتاب اندر مٿئين عنوان سان
شامل مضمون، ”تون ڏاتار، آ ڏَڏُ“؛ ويڻا پبليڪيشن الھاس نگر، ڇاپو پھريون،
سال ۲۰۱۶ع، ص ۱۱۴-۱۲۱ تان، ٿورن سان کنيو
ويو آھي. اھو ڪتاب، لطيفيات تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر احسان دانش جي ذاتي لائبرريءَ ۾ موجود آھي.
۸) شاھه ڀٽائي جا بيت ــ پهاڪا:
حافظ محمد (۱۲ اپريل ۱۹۰۰ع - ۱۸
جون ۱۹۸۶ع) ولد جمع خان چنه صاحب، دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ڄائو. قرآن پاڪ
حفظ ڪرڻ سان گڏ، علامه غلام محمد صاحب ملڪاڻين واري وٽان عربي فارسي به سکيائين.
شعر و شاعريءَ ۾ ”احسن“ تخلص سان گڏ، ۱۹۲۱ع کان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم
ماستر جمع خان ”غريب“ جي اصلاح سان شعر جي شروعات پڻ ڪيائين. ڳوٺ ۾ مدرسو اسڪول
قائم ڪري علم جي خدمت ڪيائين. ٻه ڊزن کن ڪتاب جھڙوڪ؛ ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“،
”احسن اخلاق“، ”رباعيات احسن“، ”مظاهر مصطفوي“ ”گلدسته احسن“، ”لطيفي لات“، ”احسن
الاشعار“، ”ترغيب العلم“، ”سچن تي ستم“، ”سوانح مخدوم بلال رح“، ”شاه جو پيغام“،
”قصص الانبياءُ“، ”سنڌي گرامر“، ”سراپاءِ رسول“ ۽ ”اصلاح المسلمين“ لکيل اٿس. آخر
ڌاري دادو شھر ۾ پرنٽنگ پريس کولي ھئائين،
جتان هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار باقاعدگيءَ سان ڪڍندو ھيو.
ھن ڪتاب اندر مٿئين عنوان سان
سندن مضمون شامل ڪيو ويو آھي، جيڪو ماھوار ”نئين زندگي“، ڪراچي، (خاص پرچو حضرت شاھ
عبداللطيف ڀٽائيؒ ۽ حضرت صوفي شاھ عنايت شھيد ؒ )، جنوري ۱۹۸۰ع، ص ۳۴ کان ص ۳۶ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.
۹) شاھه لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون:
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو (۱۵
فيبروري ۱۹۳۳ع - ۱۰
آڪٽوبر ۲۰۰۵ع) ولد نبي بخش، ساھتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا، لڳ
ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو. نامور تعليمدان ۽ محقق، ڪھاڻيڪار ۽ اديب ھيو.
لکڻ جي شروعات ۱۹۵۵ع ڌاري، پهرئين ليک ”سيد الشهداءِ“ سان، ڪيائين. ڪھاڻين جي ٻن
مجموعن ”.... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا“ ۽ ”سهڻا ٽوهه“ کان علاوه سؤ جي لڳ ڀڳ ڪالم ۽ مضمون تصنيف ڪري مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾
ڇپايائين، جن ۾ لوڪ ادب سان لاڳاپيل
مضمون؛ ۱. ”شاهه
لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون“. ۲. ”سُر مارُئي ۾ ڪم آيل
اصطلاح“. ۳. ”پھاڪا ۽ ڊونگل“ پڻ شامل آھن.
”سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح“ جي
عنوان تي پي ايڇ ڊي جي مقالي کان علاوه ”سنڌي ٻٽن لفظن جي
لغت“ ۽ ”سنڌي ٻولي ۾ انگن جو ادبي ڪارج“ ڪتاب پڻ ڇپيل اٿس. جڏھن ته اڻ ڇيل ڪتابن منجھ سر فھرست ”ساھتي لغت“ اٿس، جيڪو ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آھي.
ھن ڪتاب اندر شامل ڪيل مٿي
ڄاڻايل عنوان وارو سندس مضمون، ماھوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد، جولاءِ آگسٽ ۱۹۹۳ع، ص ۲ کان ص ۱۵ تان، ٿورن
سان کنيو ويو آھي.
۱۰) سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح:
پروفيسر مير محمد ڀيو (۱۵ آگسٽ
۱۹۲۱ع - ۲۵ ڊسمبر ۱۹۹۲ع) ولد شير محمد
ڀيو، ڳوٺ عبدو نزد چَڪ،
تعلقو لکي، ضلعي سکر (ھاڻي شڪارپور) ۾ ڄائو.
پرائمري اسڪول عبدوءَ کان، پرائمري استاد جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات
ڪيائين. محنت ڪندي پروفيسر جو عھدو ماڻيائين ۽ نوڪريءَ دوران وڃي حيدرآباد جا وڻ
وسايائين. اتي ئي رٽائر ڪيائين، اتي ئي وفات ۽ مدفن ٿيو. لطيفيات جو محقق ۽ نثر نويس ھيو. (سائينءَ بابت معلومات، سندن فرزند
رٽائرڊ پروفيسر نذير احمد ڀيو کان فون ذريعي موصول ٿي.)
لطيفيات تي، لاڳيتو ۽ مسلسل،
بنا ساھيءَ جي مقالا لکيائين، جيڪي شاھ صاحب جي سالياني عرس تي پيش ڪندو ھيو ۽
اھي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاھ، طرفان شايع ٿيندڙ مڪالمن ۾
شايع ٿيندا ھيا. لطيفيات تي لکيل سندس مقالا ڪجھ ھن ريت آھن: ۱. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار، ۲. سر
ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون، محاورا ۽ اصطلاح، ۳. سر جمن جو موضوع، ۴. سر کنڀات جو روحاني
راز، ۵. سر سريراڳ جو روحاني راز، ۶. سر سھڻي جو روحاني راز، ۷. سر سسئي آبري جو
روحاني راز، ۸. سر معذور ۾ روحاني راز، ۹. شاھ: سنڌي زبان جو محسن، ۱۰. شاھ ۽ عشق
رسول ﷺ، ۱۱. سر گھاتو جو روحاني راز، ۱۲. سر رامڪلي جو مجموعي مطالعو، ۱۳. شاھ جو
جوڳي، ۱۴. سر سارنگ جو روحاني راز. لطيفيات کان علاوه مختلف موضوعن تي لکيل مقالا ”نئين
زندگي“ رسالي ۾ ڇپيل اٿس. جھڙوڪ: ۱. شاھ عنايت شھيد (ڊسمبر ۱۹۸۱ع)، ۲. سنڌڙيءَ جو شھباز (مئي ۱۹۸۳ع)، ۳. واديءِ مھراڻ جو شھباز قلندر (مئي ۱۹۸۴ع)، ۴. قائد اعظم ۽ پاڪستان (سيپٽمبر ۱۹۸۵ع)، ۵. مارچ جي اھميت (مارچ ۱۹۸۶ع).
ھن
ڪتاب اندر شامل سندس مقالو، ”مڪالمو نمبر-۴، سر ڪلياڻ جو
مطالعو، حضرت شاھ عبداللطيفؒ جي ٻه سؤ سترھين عرس (۱۹۶۹ع) جي موقعي تي منعقد ڪيل
مڪالمي جي ڪاروائي، مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف
ايجوڪيشن، شاھ عبداللطيف ثقافتي مرڪز
ڪميٽي، ڀٽ شاھ، ڇاپو پھريون، اپريل ۱۹۷۰ع، سائيز ڊيمي، صفحو ۷۷ کان صفحو ۸۳ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.
۱۱) شاهه جون چوڻيون (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي
سان):
نياز حسن همايوني (۱ اپريل
۱۹۳۰ع - ۳ جنوري ۲۰۰۳ع) ولد قائم
الدين، ڳوٺ ھمايون، تعلقو ۽ ضلعو شڪارپور ۾ ڄائو. سندس ڇپيل ادبي ۽ تحقيقي ڪتابن
جي وچور هن ريت آھي: ”هفت زبان لغت“ (۱۹۷۵ع)، ”فرهنگ جعفري“ (۳ جلد، ۱۹۶۰ع)، ”ملوڪ الڪلام“ (خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي بيتن جو منظوم
فارسي ترجمو، ۱۹۷۷ع)، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“
(فارسي دستخط جو سنڌي ترجمو،
۱۹۷۹ع)، ”تاريخ طاهري“ (فارسي کان سنڌي ترجمو، ۱۹۸۸ع)، ”مقصود العارفين“ (فارسي کان سنڌي ترجمو، ۱۹۸۹ع)، ”راهه عشق خميني“ (فارسي کان سنڌي منظوم ترجمو، ۱۹۹۳ع)، ”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ (ترجمو، ۱۹۹۵ع)، ”فرهنگ همايوني“ (مولانا عبدالغفور همايوني جي لکيل طبي لغت جي
ترتيب، ۱۹۹۶ع)، رسالا اويسيه (شاهه
لطيفؒ جو مخدوم معينؒ ڏانهن خط ۽ ان جو جواب، فارسي کان سنڌي ترجمو، ۱۹۹۶ع)، ديوان مفتون (مولانا عبدلغفور مفتون ھمايوني جو ڪلام- ترتيب، ۱۹۷۳ع)، سندھي نامه (۱۹۷۸ع)، ”انتخاب سنڌي شاعري“ (سنڌ جي اساسي شاعرن جو
چونڊ ڪلام اردو ترجمو،
۱۹۸۷ع)، ”آهوانِ صحرا“ (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو، ۱۹۸۸ع)، ”ساڻيهه جي ساک“ (دودي چنيسر جو منظوم داستان، ۱۹۷۷ع)، ”ڌرتيءَ جا گيت“ (شعري مجموعو، ۱۹۷۷ع)، ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ (صوفي دريا خان جو ڪلام، ترتيب، ۱۹۸۹ع)، ”ارمغان لطيف“ (شاهه جي رسالي جو منظوم فارسي ترجمو، پندرهن (۱۵)
سر-ڇپيل. (جن مان ٽي (۳) سُرَ؛ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀاٽ، ٽه-ماهي مهراڻ ۱۹۷۲/۴
کان ۱۹۷۳/۱-۲ع ۾ ڇپيل آھن).
سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جي وچور آھي: ۱. اذان العارفين، ۲. سنڌي رانديون، ۳. سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون)، ۴.
اَڪ پچي ٿيا اَنار، ۵. جتي منهنجا ماروئڙا، ۶. دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل، ۷. ڏکيا سکيا
ڏينهن، ۸. شاهه جو گنج، ۹. گلبانگ لطيف، ۱۰. اوٺاڻيون اويس جون، ۱۱. اڌ صديءَ جو
اکين ڏٺو احوال، ۱۲. سمندر ڪي سانس.
ڪالمن، مضمونن ۽ مقالن جو تعداد تنھن کان
سواءِ آھي.
مٿي ڏنل سندس مضمون، ماهنامه
الرحيم، شاهه ولي الله اڪيڊمي، صدر، حيدرآباد، جنوري-فيبروري ۱۹۷۹ع، ص ۱۸، کان ص ۲۳ تان، ٿورن سان کنيو ويو آھي.
۱۲) سر ديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو:
مانجھي محمد علي جماري عرف
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (ڄم: ۳
فيبروري ۱۹۶۸ع) ولد سُھند جماري، ڳوٺ دبيار، تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ”شھيد شاھ عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر“ جي عنوان
تي پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي سند ورتائين. شاعريءَ ۾ ھائيڪو جي صنف تي
دسترس اٿس. ”مڪلي ۽ مانجھي“ ڪتاب ان ڳالھ جو شاھد آھي. ان کان علاوه شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب، ”جھڙي سج ڪڪور“ پڻ شايع ٿيل اٿس.
ثقافت کاتي سنڌ طرفان، سندس ترتيب ڏنل ڪافي ڪتاب، جھڙوڪ: ۱. سر آسا (۲۰۰۹ع)، ۲. ننگر ٺٽو (ھڪ مطالعو) (۲۰۱۰ع)، ۳. سر پرڀاتي (۲۰۱۰ع)، ۴. سر پورب (۲۰۱۱ع)، ۵. جھڙي سونھن سندياس (۲۰۱۲ع)، ۶. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ــ مقالا ۽ مضمون“
(۲۰۱۲ع)، ۷. مون ۾ تون موجود (۲۰۱۲ع)، ۸. سدا سرها گل (شاھ شهيد جي سلسلي جا روهڙيءَ جا شاعر) شايع ٿيل آھن.
مانجھيءَ کي جس ھجي جو تدريسي ۽ انتظامي
امورن، جھڙوڪ؛ ڪاليج جي پرنسپالي يا ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽري سنڀالڻ سان
گڏ، مختلف ڪتابن سھيڙڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو رھي ٿو.
ھن ڪتاب اندر، مٿي ڄاڻايل سندس
مقالو، ”ديسي سيڻ ڪجن: سر ديسي جو مطالعو“ مرتب؛ تاج جويو، ڇپائيندڙ؛ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/حيدرآباد، ڇاپو پھريون ۲۰۰۵ع، صفحو ۲۲۰ کان صفحو
۲۲۸ تائين، تان ٿورن سان کنيو ويو آھي.
۱۳) سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال:
سيد رشدالله شاھ بخاري عرف
ڊاڪٽر مخمور بخاري (ڄم: ۳۰
مارچ ۱۹۷۹ع) ولد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري، ضلع مٽياري جي شھر ھالا ۾ ڄائو. ”سچل
سرمست ۽ ان جا ھمعصر شاعر“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي مقالو لکي، ڪراچي يونيورسٽيءَ
طرفان سال ۲۰۰۸ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي چونڊجي،
سروري اسلاميه ڪاليج ھالا ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. هينئر
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر آهي.
لکڻ جي شروعات ٻاراڻين ڪھاڻين
کان ڪيائين. ھن وقت تائين ڪيترا ئي مضمون، مقالا، ڪالم، تاثر، تبصرا، ڊراما ۽
ڪھاڻيون لکي چڪو آھي، جن جو تعداد سؤ کان مٿي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اٺ ڪتاب سچل
سرمست بابت آھن. جڏھن ته ”قلندر
۽ قلندري فڪر“ ۽ ”ھالا جي ادبي تنظيمن جو
تنقيدي جائزو“ پڻ لکيل اٿس.
ھن ڪتاب اندر مٿي ڄاڻايل سندس
مقالو، ديسي سيڻ ڪجن (سر ديسيءَ جو
مطالعو)، مرتب: تاج جويو،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال
۲۰۰۳ع، ص۲۶۴ کان ۲۹۰ تان، ٿورن سان
کنيو ويو آھي.
۱۴) سر حسينيءَ ۽ سر مارئيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو:
ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جا ٻه
مقالا، جھڙوڪ: ۱. سر حسينيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين
۽ قولن جو ذخيرو ۽ ۲. سر مارئيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو، مختلف ڪتابن
اندر آيل آھن. پھريون مقالو، ”حسينيءَ جي ھاڪ (سر حسينيءَ جو مطالعو)“ (شاھ جي
۲۶۰ھين عرس جي موقعي تي پڙھيل مقالا)، مرتب: تاج جويو، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ/حيدرآباد، ڇاپو
پھريون مارچ ۲۰۰۵ع، سائيز ڊيمي، صفحو ۷۱ کان صفحو ۸۲ تان، ۽ ٻيو مقالو، ”شاھ لطيف،
سنڌي ٻولي ۽ سماج“، مرتب: خالد
آزاد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون ۲۰۰۷ع، سائيز ڊيمي، صفحو ۶۳ کان
صفحو ۷۷ تائين، تان ٿورن سان کنيا ويا آھن.
ھن ڪتاب اندر
انهن ٻنھي کي ھڪ مقالو ڪري رکڻ جو سبب اھو ھيو جو ٻنھي جو
مھاڳ، جيڪو ستن صفحن تي آڌاريل آھي، ساڳيو آھي ۽ ببلوگرافيءَ وارو اٺون صفحو پڻ
ساڳيو آھي. مختلف ڪتابن اندر ته ھر ھڪ، پنھنجي پنھنجي مھاڳ سان صحيح ھيو پر ھڪ
ڪتاب ۾ ورجاءُ ٿي پوي ھا ۽ پڙھندڙ کي مزو نه ڏئي ھا. ان ورجاءَ کي ختم ڪرڻ واسطي،
ٻئي مقالا ھڪ ئي عنوان ھيٺ، ٻن ذيلي عنوانن سان، رکيا ويا آھن.
ان کان علاوھ، ’جي تو بيت
ڀانيان‘ (شاهه لطيف جي شعرن جو انتخاب ۱۹۹۹ع) ڪتاب جي سھيڙيندڙ، نور الدين سرڪي،
(۵ مارچ ۱۹۲۷ع - ۲۶
سيپٽمبر ۲۰۰۷ع) ولد ڪمال الدين جو ڪتاب ”پھاڪا - ڪلام
جا ڏيئا“ (پھاڪا ۽ شاھ جي رسالي مان
چونڊيل سون ورنيون سٽون،
۲۰۰۶ع)، جيڪو نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپرايل آھي، تنھن ۶۸۰ ’سون ورنيون
سٽون‘، الف-بي وار ترتيب سان ڏنيون آھن.
اھو ھڪ ڪتاب آھي، جيڪو نيٽ تي پڻ رکيل آھي. سٽن تي نه ڳاڻيٽي جا انگ، نه
سُرَن/داستانن جي نشاندھي ٿيل آھي. معنى ۽ تشريح پڻ ڏنل نه اٿن.
ھن ڪتاب اندر آندل مختلف مضمونن
جي سھيڙڻ ۾، المنعم لائبرري لاڙڪاڻو کان علاوه مختلف دوستن تعاون ڪيو، تن جا ڳڻ پڻ ڳڻڻ جھڙا آھن. منجھن خاص تعاون رياضت
ٻرڙو صاحب جو رھيو، جنھن پنھنجي ذاتي لائبرري مان گھرڻ تي ڪتاب ۽ رسالا مھيا ڪيا.
گھڻو تعاون سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن جو، جنھن قاسميه
لائبرريءَ جا دروازا کولي ڇڏيا، پنھنجي گوناگون مصروفيتن مان سارو ڏينھن ڪڍي اسان
سان ويٺو رھيو ۽ مختلف مضمونن جا فوٽواسٽيٽ پڻ ڪرائي ڏنائين. ڊاڪٽر احسان دانش جا
پڻ ٿورا، جنھن پنھنجي لائبرريءَ جو ھڪ ھڪ ڪتاب لاھي، اڳيان رکيو ۽ گھربل ڪتاب
حوالي پڻ ڪري ڇڏيا. ڊاڪٽر بدر ڌامراھ صاحب پڻ پورو ھڪ ڏينھن پنھنجي لائبرري، پاڻ
سميت، اسان جي حوالي ڪئي ۽ رسالا فوٽو ڪاپيءَ لاءِ ڏئي ڇڏيا. چنيھاڻين جي محمد
عثمان عباسي صاحب جا به لک لائق جو گھربل مواد ڏيڻ ۾ اصل ڪيٻايائين ئي نه. وڏو ٿورو
عاشق منگي صاحب جن جو جنھن پنھنجي لائبرريءَ جا ڪتاب، ڀري ٻڌي ڏئي ڇڏيا ۽ نوٽ به
نه ڪيا ته ڪھڙا ڏنائين. ڦڙي ڦڙيءَ تلاءُ، وانگر ھيءُ ڪتاب سھيڙجي، جڙي پيو. شاھ
عبداللطيف ڀٽائيءَ سان عقيدت جي طور، لطيفيات جي پارکوئن آڏو پيش ڪجي ٿو.
مددي ڪتاب ۽ رسالا:
۱. سنڌي گرامر، پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس-۳ (سنڌي پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جو تاريخي اڀياس)؛
ناسف علي شيراز، ٽه-ماھي مھراڻ، شمارو نمبر ۱-۲۰۱۵ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
۲. شاھ جو شعر؛
ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي، سنڊي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر، ڇاپو پھريون، آڪٽوبر
۱۹۷۳ع. سنڌ ۾، ١٩٩٦ع ڌاري ’ڇپر ڇاٽون
مڪيون‘ نالي سان پڻ ڇپيو.
۳. شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ
جو رنگ؛ مرتب: عاجز رحمت الله لاشاري، حسن درس اڪيڊمي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون سال ۲۰۱۶ع.
۴. پلئه پايو سچ (تحقيق ۽
تنقيد)؛ ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ،
سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، ڇاپو پھريون، ڊسمبر ۲۰۱۶ع.
۵. عظيم سنڌي انسان؛ ميمڻ
عبدالغفور سنڌي، ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو، ڇاپو پھريون، ۱۹۸۰ع.
۶. جي مون سانڍيا ساھ ۾ (مضمون
۽ خاڪا)؛ علي نواز آريسر، سنڌي ساھت گھر، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پھريون، ۲۰۱۴ع.
۷. تذڪره مشاھير ھالا سنڌ؛
سھيڙيندڙ، خادم حسين علوي، طالب المولى
اڪيڊمي، ھالا، ۲۰۱۵ع.
۸. مون ۾ تون موجود؛ سھيڙيندڙ؛
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، ۲۰۱۲ع.
۹. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
۱۰. ماھوار السنڌ اسلام آباد، شمارو ۹۷، سال تيرھون، جولاءِ-آگسٽ
۲۰۰۳ع.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
۸۹ پروفيسرس
ڪالوني-۲
No comments:
Post a Comment