محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو،
ضرورت؛ خرار
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڳي
سياڻا چئي ويا؛ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. سياڻن جا قول، قوم جي
صدين جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ ۽ وقت خواهه حالتن جو عڪس ٿيندا آهن. سندن انهيءَ
چوڻي جو اولين مقصد هيو؛ عوام جي سوچن ۽ لوچن، نظرين ۽ قدرن جو قبلو درست ڪرڻ. ماڻهو
جڏهن ملازمت وٺڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ تي ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿو ته ان مان سمجهڻ گهرجي ته
آزادي ۽ خودمختياري جي خوبيءَ جو گل هن جي ذهن جي زمين تي ڦٽي نه ٿو سگهي.