Monday, October 27, 2014

انڌن اڳــيان لُڙڪ - محمد مٺل جسڪاڻي

انڌن اڳــيان لُڙڪ

محمد مٺل جسڪاڻي



مهربان پڙهندڙو، منهنجي زندگيءَ جي ڳالهه نه ٿا لکون. اها آس، امنگ، اميد ٿا ڪريون، ته اوهان پنهنجي هوش حواس سان، هر ممڪن ڪوشش جاري ساري رکيو ايندا، ته جيئن اوهان جي ”بي قدري ۾ لُڙهي نه وڃي زندگي“... جيڪڏهن زندگي بي قدري ۾ لڙهي وئي، ته پوءِ سُک جا سُڪار ٿيڻ ڏکيو، بلڪ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو.


سُک جا سُڪار ڪنهن کي نه کپن؟ راقم کي، پڙهندڙ کي، نه پڙهندڙ کي، سڀني کي سُک جا سُڪار کپن. سُک جا سُڪار نوجوان شاعر آغا جان آغا کي به کپن، جنهن هيءَ نظم سرجيو آهي:

جنهن ديس ۾ مهڪ نه هجي پيار جي،

وَسندا اتي ته مينهن به آهن مگر،

سُک جا اتي سُڪار ٿين ئي نه ٿا.

هر رنگ جا ٽِڙن ٿا سدا گل اتي،

معطر ڪري فضا کي سگهن ئي نه ٿا.

هر مند جا اتي به ڦُٽن ٿا فصل،

سي ڪنهن جو پاپي پيٽ ڀرن ئي نه ٿا.

راتين کي موت ڄڻ ڪو اچي ويو هجي،

ننڊ ته هجي ٿي، خواب هجن ئي نه ٿا.

 

جنهن ديس ۾ مهڪ نه هجي پيار جي،

نازڪ پتيون گلن جون سَهيڙي اتي،

وَسندي محبتن جي وَساءِ نه تون،

هي نگري بي حِسن جي آ، محتاط رھ،

دل سان کڻي اميد جا ڪرڻا هتي،

قنديل چاهتن جي جلَاءِ نه تون.

بي قدريءَ ۾ لُڙهي نه وڃي زندگي،

انڌن جي اڳــيان لُڙڪ وَهاءِ نه تون.

(آغا جان آغا)

سُک جا سُڪار ساري، آئون به وقت بي وقت، ڪڏهن پنهنجي مُنهن مٿي، ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ جي گهرج تي، ته ڪڏهن ڪنهن دوست جي صلاح کي نظر ۾ رکي، ڪجهه لکي ته وٺندو آهيان پر...

۽ پوءِ مون کي آغا جان آغا جو مٿيون نظم، جيڪو هونئن ته سڄي جو سڄو وڻي ٿو، پر ان نطم جي آخري سٽ ”انڌن جي اڳــيان لُڙڪ وَهاءِ نه تون“ منهنجي ترجماني ڪري ٿي...

دل چوي ٿي ته ڪجهه کُلجي، چٽائيءَ سان لِکجي، پر وري ڏاهن جو ڏس ياد پوي ٿو: ”صبر جنين جو سِير، تير نه گُسي تن جو“...

اڄ مون کي لطيف جو هي بيت به ياد پوي پيو:

هو چونئي، تون مَ چئو، واتئون ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو ئي کائي.

انسان خطا جو گهر آهي. خطائون مون کان به پڪ سان ٿينديون رهيون آهن. خطائون ٻين کان به ٿينديون رهن ٿيون. اڻ ڄاڻائي ۾ ٿيل خطائن ۽ ڄاڻي ٻُجهي ڪيل، اُٻهرائيءَ ۾ ڪيل، تڙ تڪڙ سبب ڪيل، انڌ جي گهوڙي تي چڙهي خطائون ڪرڻ ۾ فرق آهي. جيترو به ٿي سگهي، سوچي سمجهي ڪا راءِ قائم ڪجي، ڪو عمل ڪجي، اهڙو فيصلو ڪجي، جنهن مان ڪو نقصان نه ٿئي.

نقصان صرف اهو نه هوندو آهي، جيڪو پاڻ کي پهچي. پر اهو به نقصان آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي کي پهچي. پنهنجي منافعي لاءِ ٻئي جو نقصان ڪرڻ ڏاهپ نه آهي، عقلمندي اها آهي ته اک کُليل هجي، غلط ۽ صحيح جي تميز هجي...

1.    ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون“،

2.    ”ڳالهيون آهن ڳچ، ڪهڙيون ڪري ڪهڙيون ڪجن“،

3.    ”جو وڙُ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“...

پاڻ کي اهو سمجهڻ گهرجي ته

انڌن جي اڳــيان لُڙڪ ڳاڙڻ مان، ڪو فائدو نه ٿيندو.

ان ڪري

اهو ڪي ڪجي، جيڪو آئيءَ ويل ڪم اچي“،

ڪٿي ائين نه ٿئي،

لوٽو، ٻگهڻي کان ڳرو ٿي پوي...

No comments:

Post a Comment