پهاڪو ۽ ان جي اصليت
ڊاڪٽر نور افروز خواجه
هر قوم جي سماجي تاريخ ۾ واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون موجود هونديون آهن. پر
حقيقت ۽ سچ، سماجي اڀياس جي لحاظ کان الڳ شيون آهن. جئين ته حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت
سان ۽ سچائيءَ جو تعلق سماج جي اندر موجود سچائيءَ سان هوندو آهي، تنهن ڪري سماجي سچائي
هر طرح اعتبار جي قابل هوندي آهي.
ڪي واقعاتي حقيقتون ۽ ڪي سچايون، جيڪي هر سماج ۾ عملي طور ظاهر ٿينديون رهن ٿيون،
سي واقعاتي حقيقتن جو هڪ قسم آهن. جيڪي خاص صورتحال ۾ پيدا ٿينديون آهن ۽ ڪن خاص مقرر
ڏينهن جي مقرر عرصي اندر جنم وٺن ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ رونما ٿينديون رهن ٿيون.
انهن مان هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ جي صورتحال هڪ واقعي جهڙي هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾
سماج ۾ ٻولي به پاڻ ۾ تبديلي آڻي ٿي ۽ هر صورتحال کي ڪنهن نه ڪنهن نالي ڏيڻ يا وصف
ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ نوان لفظ، اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود ڪري ٿي. ٻين
لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سماجي سچائي ۽ حقيقت نگاري، جيڪا حقيقت ۽ سچائيءَ جي روپ ۾
جنم وٺي ٿي، سا سماج جي ٻوليءَ ۾، ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تبديلي ۽ واڌارو پيدا ڪري ٿي،
جنهن ڪر هر دؤر ۾ اصطلاح، پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون جيڪي ماحول ۽ حالتن جي اثر ڪري، حقيقت
۽ سچ کي پيش ڪن ٿيون، سي حالتن حقيقتن سچاين، تهذيبن، تمدنن کي سمائينديون رهن ٿيون.
پهاڪا:
”پهاڪو هڪڙي ننڍڙي ڪهاوت آهي، جنهن ۾ وڏو سچ لڪل رهي ٿو. جو عملي طرح ڪمائتو ٿئي
ٿو. پهاڪا يا چوڻيون اهڙيءَ حالت ۾ انهن واقعاتي حقيقتن جي نالي جهڙيون آهن، جن کي
سماج ۾ نه رڳو سکڻو شان ۽ مان پر سچو پچو رفاهي مقام يا رتبو حاصل ٿئي ٿو.“
پهاڪي جي معنيٰ آهي ڳڻيل ڳوتيل ڳالھ، سوچيل سمجهيل نقطو ۽ توريل تڪيل فيصلو، جنهن
۾ جامع لفظن ۾ ڪا مصلحت، حڪمت، ڪا دانائي، نصيحت ۽ هدايت هجي.
پهاڪو، ٻوليءَ جو اهو نمونو آهي، جيڪو ڪنهن واقعاتي حقيقت کي بيان ڪرڻ يا ان کي
ڏيڻ لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ وري واقعاتي حقيقتن سان گڏ، سماج ۾ جيڪي ازلي ۽ ادبي سچايون به
موجود ٿين ٿيون ۽ ڪي سماجي حقيقتون اهڙيون به ٿين ٿيون جو انهن جي سچائيءَ تي شڪ ڪري
نه ٿو سگهجي. انهيءَ ڪري ڪي پهاڪا انهن حالتن جي بيان ڪرڻ لاءِ به وجود ۾ اچن ٿا، جن
جو تعلق سچاين يا سماجي سچاين سان ٿئي ٿو. هي پهاڪا اسان لاءِ ڌرمي عقيدن جهڙا ئي معتبر
ٿين ٿا. پر هي اسان جو سماجي اعتقاد بيان ڪن ٿا.
پهاڪو پهرين هڪ ڄڻي جي ظرافت آهي. پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي. پهاڪو پُر معنيٰ،
مختصر ۽ سلوڻو هئڻ ضروري آهي. هڪڙو عربي پهاڪو آهي ته:
”گفتگوءَ ۾ ظرافت، اهڙي آهي جهڙو طعام ۾ لوڻ.“
بعضي پهاڪن ۾ قافيا ۽ تُڪون به ٿينديون آهن ۽ بعضي منجهن ڪي لفظي ۽ معنوي صنعتون
به رکيل هونديون آهن. بعضي ته شعر جون مصراعون به هونديون آهن ۽ جي زياده موزون ۽ دلچسپ
ٿينديون آهن.
پهاڪا جي وصف آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنريءَ ۾ هن طرح ڏنل آهي ته:
”پهاڪا خاص قسم جا اصطلاح هوندا آهن، جيڪي منطق ۽ گرامر جي لحاظ کان نه پر خاص
استعمال جي لحاظ کان پاڻ ۾ معنيٰ سمائين ٿا. جيڪا مڃيل هوندي آهي، جنهن جي مقرر هيئت،
خاص عمل ۽ خصوصيت هجي.“
اهڙي ريت شارٽر آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ پهاڪي جي وصف هيئن بيان ڪيل آهي:
”ڪجھ گڏ ڪيل لفظن جو ميڙ يا جمع ڪيل لفظ جيڪي خاص اظهار لاءِ اتحادي انداز ۾ جملو
ٺاهين ۽ جنهن کي زبان جي عملي انداز ۾ ڪا خاصيت موجود هجي. جيڪا هن جي پهرين انداز
کان جداگانه هجي.“
انهيءَ مان اندازو لڳائجي ٿو ته، پهاڪي جي خاص زبان ۽ خاص معنيٰ هوندي آهي ۽ هن
کي هڪ جداگانه عملي لحاظ کان هيئت هوندي آهي. مثلاً ڪي پهاڪا ٿورن لفظن تي مشتمل ھوندا
آهن.
جيئن ته: ’ٻه ته ٻارهن‘ ۽ ’اٽي ۾ لوڻ برابر‘.
۽ ڪي پهاڪا وري گهڻن لفظن تي مشتل هوندا آهن. جيئن:
رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا.
پهاڪي جي حقيقت، هڪ لوڪ تنقيد جهڙي آهي. پهاڪو، سماجي حقيقتن جي بنياد تي اُسري
ٿو ۽ سماجي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو ۽ سماجي عمل ۽ رد عمل جو ترجمان آهي ۽ سماجي سوچ
۽ فڪر کي ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ ڪري پهاڪو، ٻوليءَ جو اهڙو نمونو آهي، جيڪو پنهنجي حيثيت
۾ لوڪي آهي. پنهنجي انهيءَ حيثيت ۾ هر ڪو پهاڪو پنهنجي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو.
ڪينٽ برڪ لکي ٿو ته:
”هر پهاڪو هڪڙي پاليسي جهڙو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن واقعاتي حقيقت کي هلائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هر واقعاتي حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ،
ماڻهو سماج ۾ وسيلا ۽ پاليسيون ڪم آڻين ٿا. اهڙيءَ حالت ۾، پاليسيءَ جي لفظ جي جاءِ
تي وڌ ۾ وڌ رغبت يا لاڙي جو لفظ ڪم آڻي ٿو.“
انهيءَ مان اهو اندازو لڳائجي ٿو ته واقعاتي حقيقتون به تحريڪن جهڙيون آهن ۽ انهن
جي طاقت به فوجي حملي جي طاقت جهڙي آهي. اهي واقعاتي حقيقتون، قومن جون تقديرون ڦيرائي
ٿيون سگهن. ان ڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ، اهڙي پاليسيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جهڙي جنگي
حالتن ۾ اختيار ڪرڻي پوندي. هن قسم جي پاليسيءَ جي مدد سان، واقعاتي حقيقتن کي منظم
ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت، پهاڪن جو تعلق ٻوليءَ جي ان آرٽ سان آهي، جنهن جي مدد سان
ٻولي، سماجي حقيقتن کي بيان ڪري ٿي ۽ انهن کي منهن ڏيئي سگهي ٿي.
پهاڪا قديم زماني کان وٺي، دنيا جي اڪثر قومن ۽ قبيلن ۽ سندن ٻولين ۾ رائج رهيا
آهن. آڳاٽن هند واسين ۽ چينين، رومين، يونانين، عربن ۽ ايرانين توڙي پوءِ جي مشرق خواھ
مغرب جي متمدن قومن توڙي پسمانده قومن ۾، پهاڪا سندن ذهني ارتقا ۽ سندن طبي ظرافت جي
ساک ڀرين ٿا. مجموعي طور تي، اھي انسان ذات جي ذهانت ۽ ظرافت جا، آڳاٽا آثار ۽ نمايان
نشان آهن.
پهاڪا ان زماني کان چالو ٿيا، جڏهن انسانن گڏجي رهڻ شروع ڪيو ۽ گڏجي رهڻ ڪري مسئلا
پيدا ٿيا ۽ انسان ذات پنهنجن معاملن ۽ مسئلن کي سوچڻ ۽ سنوارڻ شروع ڪيو. جيئن ته اهي
مسئلا بعضي اڪيلي سر به ڪي سياڻا سنواريندا هئا ۽ بعضي وري سمجهوتي مان به حل ٿيندا
پئي آيا. ڪنهن به پهاڪي لاءِ ائين نٿو چئي سگهجي ته اهو ڪنهن چيو ۽ ڪهڙي زماني ۾ چيو.
پر ائين چئبو ته پهاڪا اهو اظهار جو طريقو آهن، جيڪو زبان لاءِ خاص هجي، جنهن مان مخصوص
معنيٰ نڪري، جيڪا نه عام طور تي گرامر جي لحاظ کان هجي ۽ نه وري اها عام موقعن تي مڃيل
هجي.
ائين چئي سگهجي ٿو ته پهاڪو انسان ذات جي ڪيترين پيڙهين ۽ ايمان جي لاڳيتي غور
و فڪر، سوچ ۽ ويچار جو ثمر، نچوڙيل عرق ۽ چڪيل جوهر آهي. انهيءَ ڪري ذري ذري تي، ڳالھ
ڳالھ تي ڪو نه ڪو پهاڪو، ڳالھ کي وڌيڪ ٽيڪ ڀرائڻ لاءِ، پنهنجو مطلب چٽو ڪري سمجهائڻ
لاءِ، ڪنهن نڪتي جي وضاحت خاطر يا سچي ڳالھ جي ثابتيءَ ۽ سَنَدَ طور پيش ڪيو ويندو
آهي.
سنڌي پهاڪو، سنڌ جي عوامي زندگي جو آئينو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عوام جون نسلي خاصيتون
۽ دماغي لياقتون، سندن طبعي لاڙا ۽ فطري رجحان، ملڪي ماحول ۽ معاشري جا طور طريقا ۽
قديمي تاريخي اهڃاڻ آهن. سنڌي پهاڪي ۾، سنڌي معاشري جي تمدن ۽ تهذيب جي تصوير چٽيل
آهي. سنڌي پهاڪا نوان آهن يا پراڻا، سڀيئي معنيٰ خيز ۽ پُر مقصد هوندا آهن. اهي عاقلن
جا قول ۽ سياڻن جا ٻول آهن. سنڌي ماڻهو وقت ۽ حالتن پٽَ-اَندر پنهنجن تجربن ۽ عيني
مشاهدن کي آڏو رکي، ڪجھ اصولي پهاڪا جوڙيا. حقيقت ۾ انهن پهاڪن جو بڻ بڻياد، چوڻين،
ڏند-ڪٿائن، تاريخي واقعن، عوامي ڪهاڻين، مذهبي قصن ۽ وڏن جي بيان ڪيل نڪتن تي مبني
آهي.
بنيادي طور تي پهاڪا ٻن قسمن ۾ ورهائجن ٿا. هڪڙا واقعاتي حقيقتن سان تعلق رکن ٿا
۽ ٻيا سماجي سچاين سان تعلق رکن ٿا. واقعاتي حقيقتن ۾ دڙ دلاسو، وعدو، صلاح، نصيحت،
اڳڪٿي يا وري وري ظاهر ٿيندڙ صورتحال سان تعلق رهي ٿو. انهن جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:
-
دير آ پر انڌير ناهي.
-
جيئن دير، تيئن خير.
-
ڏکن پٺيان سک.
-
همتِ مردان، مدد خدا.
-
اهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
-
ڍؤ جهليندو آهي؛ هڪڙو ڀاڀڙو، ٻي مينهن.
-
ظلم قائم آهي پر ظالم قائم ناهي.
اهڙيءَ طرح اهي پهاڪا جن جو تعلق شين جي ماهيت سان آهي، تن کي سماجي تجربي هيٺ
رکون ٿا:
-
انڌي لاءِ جهڙي آرسي، تهڙو تئو.
-
اڻڄاڻ کي جهڙي مصري، تهڙي ڦٽڪي.
-
اُڻندو اهو جو ڪوريءَ جي من ۾ هوندو.
-
ٻه گدرا، هڪ مُٺ ۾ نه ماپندا.
-
ٻه ترارون، هڪ مياڻ ۾ نه رکي سگهبيون.
-
ٻه شينهن، هڪ ٻيلي ۾ نه رهي سگهندا.
انهيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيا پهاڪا، جيڪي سنڌيءَ ۾ عام استعمال ۾ اچن ٿا.
-
ڀائرن جهڙو ناھي ٻر، ڏيئي جهڙي ناهي جوت.
-
ٻانهن جهڙو ناهي ٻر، اکين جهڙي ناھي جوت.
-
جنهنکي ساھ کنئي جي سُڌ نه پوي، تنهن سان سُور ڪهڙو سلھجي.
-
ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
-
بُک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي.
-
انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان.
-
ٺلهو چڻو، وڄي گهڻو.
-
گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻي هارئين هر نه هلي.
-
زال چٽي گهر پٽي، زال ميڙي، گهر ٻيڙي.
-
نياڻيءَ کي مائٽ لاڳ ڏيندا، ڀاڳ نه ڏيندا.
-
جتي پڄڻ ناهي پاند، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
-
ڏاڍي جي لٺ کي؛ ٻه مٿا.
-
جنهن جي پليءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.
-
ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
-
ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي.
انهن پهاڪن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ٻيا ڪيترا ئي پهاڪا ملن ٿا. جيڪي ڏوهيڙن ۾ چيل آهن.
عادت نه مٽي عادتي، علت
مور نه جاءِ.
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به
ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
--
ماءُ سا ماءُ، باقي سڀ
دنيا جو واءُ،
مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڱن
ڇڏيو ساءُ،
اهڙو لڳو واءُ، جو پنهنجا
به پراوا ٿيا.
--
پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽
چوٿين سواري،
ننڍي هوندي نه سکيو،
ته وڏي هوندي خواري.
--
ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي
وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي
هڻي ته جهوري.
--
پريو مڙس ڪانڌ نه ڪجي،
ويهي وڃائجي وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا،
ماريو پوندو ڊهي.
انهن پهاڪن مان اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته پهاڪا يا چوڻيون هجن يا اصطلاح
سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جو سينگار آهن. سنڌي سڄاڻن ۽ سگهڙن دنيا جي واقعن، آزمودن ۽ قدرتي
نظارن توڙي روزمره جي گهرو زندگيءَ جي تصويرن مان حقيقتون حاصل ڪري، زندگيءَ کي بامقصد
بنائڻ لاءِ، پهاڪا ۽ چوڻيون جوڙيون. سنڌي با وقار ۽ سچار، صداقت جي زندگيءَ کي ترجيح
ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سندن آڳاٽي تهذيب، اڄوڪي تهذيب جي گواهي پيش ڪري ٿي. آڳاٽا
جوڙيل پهاڪا، انسان جي عادتن، رفتار، گفتار، رسم و رواج، حرفت جو هوبهو نقشو چٽين ٿا.
هڪ آسودي ۽ مڪمل ادبي زبان ۾ پڻ پهاڪا ۽ چوڻيون هجڻ لازمي آهن. اسان جي سنڌي زبان ۾
ايترا ته پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح موجود آهن جو انهن جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ
ڪري، سنڌي زبان لاءِ اهو چئجي ته اها وڏي شاهوڪار ۽ صلاحتين سان پُر آهي.
(پائي پٽ-ڪڻا ڪتاب تان ورتل، ص-۵۹۴، سال ۲۰۰۵ع)
(مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب پھاڪن جي حڪمت، جيڪو شمس العلماء قليچ
بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ ۲۰۱۳ع، تان کنيل؛ ص-۷ کان ص-۱۳)
No comments:
Post a Comment