چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Friday, December 4, 2015
Wednesday, November 25, 2015
سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق - هدايت پريم
سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق
هدايت
پريم
ادب
توڻي لوڪ ادب جو ٻوليءَ سان تعلق اهڙو آهي، جهڙو چولي جو دامن سان. سنڌي لوڪ ادب
پنهنجي معيار ۽ مقدار ۾ بيمثال آهي. ٻوليءَ جي اڀياس جي تاريخ تمام پراڻي آهي، بلڪ
ان جو مثال قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪيل پاڻنيءَ جي رچنا ”اشٺ اڌيائي“ سنسڪرت گرامر
آهي. لوڪ ادب جي سرجڻ جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري ٻوليءَ جي تاريخ. پر لوڪ
ادب کي سهيڙڻ سموهڻ ۽ قلمبند ڪرڻ ۽ ان جي سائنسي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو چند صديون اڳ ٿيو
آهي. ٻوليءَ جي سائنس يعني لسانيات جو واسطو صرف نحو، معنيات، صوتيات سان آهي، پر
ان جو واسطو آرڪيالاجي، انٿراپالاجي، فلسفه، نفسيات، ادب ۽ لوڪ ادب سان به آهي.
Tuesday, October 27, 2015
چورن مٿان مور - امداد حسيني
چورن مٿان مور
امداد حسيني/ ڪراچي
۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع جي ڪاوش ھائيڊ پارڪ ۾ صدام حسين درس جو
ھڪ خط؛ ”سنڌي چوڻين جو ٿيندڙ غلط استعمال“ جي عنوان سان ڇپيو آھي، جنھن ۾ ھو ڳالھ
”چوڻيون يا محاورا صدين بعد جُڙندا آھن“ کان شروع ٿو ڪري ۽ ان پيڙھ ٻَڌڻ کان پوءِ
اوساري ھيئن ٿو کڻي ته، ”اسان يا ته ڄاڻي واڻي يا ناسمجھيءَ“ ۾ پنھنجي ٻولي، تھذيب
۽ تمدن کان جھڙوڪر ڪٽجندا پيا وڃون. اسان ڪيترن پھاڪن جو غلط استعمال پيا ڪريون.
اھڙن محاورن يا پھاڪن مان ھڪ پھاڪو ھِي به آھي ته، ”چونئرن مٿان مورَ“.
Thursday, October 22, 2015
’چورن مٿان مور‘ يا ’چونئرن مٿان مور‘ - صدام حسين درس
’چورن مٿان مور‘ يا ’چونئرن مٿان مور‘
سنڌي چوڻين جو ٿيندڙ غلط استعمال
چوڻيون
يا محاورا، صدين بعد جڙندا آھن. سماج جي اوڻاين توڙي مثبت پھلوئن جي جڙڻ دوران،
جيڪو عمل فردن يا سماجن پاران ڪيو وڃي ٿو، انھن جي صحيح يا غلط نتيجي ۾ چوڻيون،
محاورا ۽ پھاڪا جڙندا آھن. پر اسان وٽ اھو الميو موجود آھي ته اسان يا ته ڄاڻي
واڻي يا نا سمجھيءَ ۾ پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کان جھڙوڪر ڪٽجندا پيا وڃون.
اسان
ڪيترن ئي سنڌي پھاڪن جو غلط استعمال پيا ڪريون. اھڙن پھاڪن يا محاورن مان ھڪ پھاڪو
ھي به آھي ته؛ ”چونئرن مٿان مور.“ يعني ٿر ۾ رھڻ جي لاءِ چونئرو ٺاھيو ويندو آھي ۽
ھڪ لحاظ سان چونئرو ٿر جي سڃاڻپ پڻ آھي. چونئرو ٿر ۾ مشھور آھي. گھر، اوطاقون
وغيرھ گھڻو ڪري چونئرن جون ٺھيل آھن.
Sunday, October 11, 2015
’لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون‘ ڪتاب تي تبصرو - مٺل جسڪاڻي
’لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون‘ ڪتاب تي تبصرو
مٺل جسڪاڻي
پهاڪا ۽ چوڻيون، علمي ۽ تاريخي وسعت جي ڪري، ٻوليءَ جي سونهن
آهن. پهاڪن توڙي چوڻين جي مدد سان، ڪا به تفصيلي ڳالهه ڪرڻ، ردعمل ۾ ڊيگهه ڪرڻ کانسواءِ
به، مقصد ڀري تمام وڏي ڳالهه، ڪري سگهبي آهي.
سنڌ اتر، لاڙ، وچولي، ٿر (ريگستان)، ڪوهستان (جابلو پٽي،
ڪاڇي ۽ ڪچي ۾ ورهايل نه هجڻ باوجود ورهايل آهي.) سنڌ جي مجموعي ٻولي هڪ سنڌي ئي آهي،
پر سنڌ جي مختلف خطن ۾ ان هڪ سنڌي زبان جا لهجا به مختلف آهن.
Sunday, September 27, 2015
سنڌي لوڪ ساهتيه جو جائزو - مرليڌر جيٽلي
مرليڌر جيٽلي
سنڌي لوڪ ساهتيه جي جدا جدا روين کي زباني روايتن مان سهيڙي قلمبند ڪرڻ ۽
اُنهن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ ڏانهن سنڌي ليکڪن جو ڌيان گهڻي قدر ملڪ جي آزاديءَ
بعد ئي ڇڪيو آهي. ان خيال کان سنڌي لوڪ ساهتيه جي کوج ۽ اڀياس ڪرڻ جي پرمپرا ڪا
گهڻي آڳاٽي نه آهي. پر انهيءَ مان اهو انومان لڳائڻ بلڪل غلط ثابت ٿيندو ته سنڌي
لوڪ ساهتيه به ڪو گهڻو پراچين نه آهي.
Saturday, September 26, 2015
مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوهاب سھتو
مٽيارين جا
پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر
عبدالوهاب سھتو
ھيءُ مضمون، انھن پھاڪن ۽ چوڻين
تي آڌاريل آھي، جيڪي قاضي مقصود صاحب مٽيارين واري، پھاڪن جي ڊائريڪٽريءَ جي نالي
سان لکيو ھيو. جيڪو سنڌي ساھت حيدرآباد طرفان نڪرندڙ ڪينجھر رسالي اندر شايع ٿيو
ھيو. پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ مڙني پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحت ۽ تشريح بمع سندن نعم
البدل جي ھتي پيش ڪجي ٿي. اميد ته پڙھندڙن لاءِ ھيءَ محنت، خاص طور جيڪي مقابلي جي
امتحانن جي تياري ڪن ٿا، گھڻي لاڀائتي ٿيندي.
Subscribe to:
Posts (Atom)






