Friday, February 8, 2013

آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي - ماڪن شاهه رضوي

آزمائي کي آزمائي سو نيٺ خطا کائي
ماڪن شاهه رضوي
ٻيلي! هي جيڪو پاڻ وارو زمانو پيو هلي، ان کي ڏاها، تو پارا اڪابر چون ٿا ته؛ هي صفا نئون زمانو آهي. پل پل جي خبر گهر ويٺي پوي پئي؛ فوٽو وارو ريڊيو، چُوندين، هي ڪاڳرن جون ڇپيل اخبارون چُوندين. اڃان به ڪا فوٽو واري ريڊئي جهڙي ٻي بلا آهي؛ جيڪا ٿئي، ٿيندي جي خبر پئي ڏئي. انهن سڀني گڏجي اسان پارن جي دماغ کي ڦيري ڏئي ڇڏي آهي، رڳو چڱن مَٺن جا حال حوال ڪو نه ٿا ٻڌون. ڪي وري صفا بتال همراهه به جيڪي ڦُوڪون ڏيو ڇڏين، اُهي به بَر وقت پاڻ تائين پڄيو وڃن ۽ ڪنن تي تاڪَ چاڙهيو ڇڏين. هاڻي وري بِنهه نئين نڪور خبر ٻڌي اٿئون، ته ڪو انگريزي نالي وارو  جٿو آهي، نينگرن پئي ٻڌايو ته ’پاڪستان فارمرز الائينس،‘ اهو آهي ڇا؟ اها ته پاڻ کي ڪَل ڪانهي، پر اُنهيءَ وري ڦُوڪ ڏني، ته ’ڪاري باغ‘ جي مخالفت ۾ڳالهائڻ وارا سڀ هندستان جا مُلهه خريد آهن. اُتان انهن کي ڏوڪڙ پيا ملن ۽ وري پير ٻڌي ڪوڙ هنيائون ته سؤ مان پنجاسي پتي رڳو پاڻ وارو پنجاب ٿو ڪمائي ڏئي.

Wednesday, February 6, 2013

شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون - نورالدين سرڪي


شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون
نورالدين سرڪي
الف
1.      آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
2.      آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.
3.      آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.
4.      آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.
5.      آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.
6.      آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.
7.      آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.
8.      آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.
9.      آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.
10. آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ.
11. آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
12. آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
13. آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.
14. آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.
15. آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
16. آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.
17. آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.
18. اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
19. اُتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيکلي آهيان.
20. اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار.
21. اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا.
22. اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
23. اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ.
24. اصل عاشق پنهنجي، سسي نه سانڍين.
25. اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم.
26. اکِ اشهد چاءِ، ته مُسلماني ماڻئين.
27. اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.
28. اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
29. اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
30. اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون وري ڍڪيان.
31. اکين آگم لائيا، ڪر مندائتا مينهن.
32. اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون.
33. اکين مَلَڪَ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.
34. اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سُجودُ.
35. اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
36. اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
37. اکيون ميگھ ملار، صورت تنهنجي سَڀُ جڳ موهيو.
38. اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.
39. اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
40. الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي.
41. الا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾.
42. الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
43. الا! کر جين، مَدي جن جي مَنَ ۾.
44. الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.
45. الله سي ئي آڻ، جن ساءُ چکايم سِڪَ جو.
46. املھ آڇ مَ اُن کي، جي نه پُروڙن مَٺُ.
47. امڙ اوري اچ، ته سِٽ سُڻايئين سور جي.
48. اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين.
49. اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.
50. اندرَ جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون.
51. اندرَ ۾ امل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي.
52. اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
53. اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
54. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
55. اندر ريلا رَتُ، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
56. انگن چڙهيو آءُ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
57. انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئيين.
58. اوجهڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ڇَڏيون.
59. اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وَھ وچ ۾!
60. اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي.
61. او ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري ان سين.
62. اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ.
63. اوڳڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام.
64. اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.
65. اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
66. اِي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري.
67. ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اِينءَ.
68. اُڀُر چنڊ! پَسُ پرين، تو اوڏا، مون ڏُور.
69. اڃا ڪي آهينِ، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.
70. اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
71. اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.
72. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
73. اُڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
74. اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.
75. اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي.
76. اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾.
77. اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.

Saturday, February 2, 2013

پھاڪا - ڪلام جا ڏيئا - نورالدين سرڪي


پھاڪا - ڪلام جا ڏيئا
نورالدين سرڪي
پهاڪو هڪ ننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا وري ڪو سوچيل سمجهيل مشاهدو سمايل هوندو آهي. يعني عام سادي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل هڪ روايتي حقيقت اصطلاح يا محاورا پهاڪي جي دائري ۾ نه ٿا اچن.
ڪي پهاڪا سادا عوامي گفتا ٿين ٿا ۽ انهن جي معنيٰ پڌري هجي ٿي پر ڪي پهاڪا سوچ ويچار ۽ معنيٰ سان ڀريل هوندا آهن ۽ زندگيءَ جي منجهيل معاملن سان واسطو رکن ٿا.
ڪي پهاڪا وري ظاهر ۽ مثالي ۽ تشبيهي ٿين ٿا پر حقيقت ۾ مڻيادار ۽ اندروني معنيٰ وارا هوندا آهن.
ڪي پهاڪا نه رڳو ننڍا ۽ ياد رکڻ جهڙا هجن ٿا پر اُهي بي معنيٰ ۽ ڪنهن مطلب کان خالي به نه هوندا آهن. ساڳي وقت اهو به ضروري نه آهي پهاڪا ڪو سؤ سيڪڙو حقيت تي ٻڌل هجن. ڇاڪاڻ ته لوڪ سياڻپ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ۾ عقل جي ابتڙ ۽ سمجھ کان مٿانهين به هوندي آهي.
پهاڪن کي گذريل زماني جي گڏ ڪيل موڙي يا سيڙايل سياڻپ چوڻ به شايد ٺيڪ نه لڳي؛ بهتر ٿيندو ته اسان ائين سمجهون ته پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن جي ڪن خاص خيالن کي ٺاھ ٺوھ بنا اسان تائين پهچائين ٿا.
پهاڪي کي انگريزي ۾ Proverb چون ٿا. عيسائي مذهبي ڪتاب انجيل (Bible) جي پراڻي عهد نامي (Old Testament) ۾ ته اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل هڪ الڳ باب ڏنل آهي جنهن کي چون ئي پهاڪن جو ڪتاب. نئين آڪسفورڊ ڊڪشري مطابق انهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترا ئي پهاڪا انهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن.
انگريزيءَ ۾ پهاڪي يعني (Proverb) کانسواءِ ٽي ٻيا لفظ به آهن جي لڳ ڀڳ ساڳي پهاڪي واري معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا.
(1) ADAGE (2) APHORISM ۽ (3) MAXIM ADAGE:-
ADAGE:- آنندرام شهاڻي توڙي سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ پهاڪو، چوڻي لکيل آهي.
APHORISM:- جي معنيٰ آنندرام شهاڻيءَ چوڻي يا مثال ڄاڻائي ٿو ته سنڌيڪا واري ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ چوڻي يا پهاڪو لکيل آهي.
MAXIM:- آنند رام جي ڊڪشنري ۾ قول يا مثال ته سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جو مطلب آهي اهو مڃيل اصول جنهن ۾ ڪو اخلاقي ضابطو بيان ڪيو ويو هجي.
آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ Proverb جو مطلب ته عام طرح قبول ڪيل پهاڪو يا چوڻي ڏنل آهي ۽ سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان کي چوڻي يا ننڍڙو مثال جيڪو سچ کي هٿي ڏيڻ واسطي ڪم اچي، ڄاڻايل آهي.
هن ڪتاب ۾ پهاڪن سان گڏ شاھ جي رسالي مان چونڊيل، سون ورنيون سٽون پڻ ڏنل آهن ۽ اهي به عام ڳالھ ٻولھ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.