Wednesday, February 6, 2013

شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون - نورالدين سرڪي


شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون
نورالدين سرڪي
الف
1.      آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
2.      آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.
3.      آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.
4.      آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.
5.      آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.
6.      آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.
7.      آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.
8.      آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.
9.      آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.
10. آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ.
11. آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
12. آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
13. آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.
14. آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.
15. آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
16. آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.
17. آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.
18. اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
19. اُتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيکلي آهيان.
20. اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار.
21. اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا.
22. اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
23. اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ.
24. اصل عاشق پنهنجي، سسي نه سانڍين.
25. اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم.
26. اکِ اشهد چاءِ، ته مُسلماني ماڻئين.
27. اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.
28. اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
29. اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
30. اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون وري ڍڪيان.
31. اکين آگم لائيا، ڪر مندائتا مينهن.
32. اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون.
33. اکين مَلَڪَ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.
34. اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سُجودُ.
35. اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
36. اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
37. اکيون ميگھ ملار، صورت تنهنجي سَڀُ جڳ موهيو.
38. اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.
39. اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
40. الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي.
41. الا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾.
42. الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
43. الا! کر جين، مَدي جن جي مَنَ ۾.
44. الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.
45. الله سي ئي آڻ، جن ساءُ چکايم سِڪَ جو.
46. املھ آڇ مَ اُن کي، جي نه پُروڙن مَٺُ.
47. امڙ اوري اچ، ته سِٽ سُڻايئين سور جي.
48. اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين.
49. اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.
50. اندرَ جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون.
51. اندرَ ۾ امل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي.
52. اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
53. اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
54. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
55. اندر ريلا رَتُ، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
56. انگن چڙهيو آءُ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
57. انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئيين.
58. اوجهڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ڇَڏيون.
59. اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وَھ وچ ۾!
60. اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي.
61. او ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري ان سين.
62. اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ.
63. اوڳڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام.
64. اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.
65. اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
66. اِي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري.
67. ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اِينءَ.
68. اُڀُر چنڊ! پَسُ پرين، تو اوڏا، مون ڏُور.
69. اڃا ڪي آهينِ، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.
70. اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
71. اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.
72. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
73. اُڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
74. اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.
75. اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي.
76. اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾.
77. اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.

Saturday, February 2, 2013

پھاڪا - ڪلام جا ڏيئا - نورالدين سرڪي


پھاڪا - ڪلام جا ڏيئا
نورالدين سرڪي
پهاڪو هڪ ننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا وري ڪو سوچيل سمجهيل مشاهدو سمايل هوندو آهي. يعني عام سادي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل هڪ روايتي حقيقت اصطلاح يا محاورا پهاڪي جي دائري ۾ نه ٿا اچن.
ڪي پهاڪا سادا عوامي گفتا ٿين ٿا ۽ انهن جي معنيٰ پڌري هجي ٿي پر ڪي پهاڪا سوچ ويچار ۽ معنيٰ سان ڀريل هوندا آهن ۽ زندگيءَ جي منجهيل معاملن سان واسطو رکن ٿا.
ڪي پهاڪا وري ظاهر ۽ مثالي ۽ تشبيهي ٿين ٿا پر حقيقت ۾ مڻيادار ۽ اندروني معنيٰ وارا هوندا آهن.
ڪي پهاڪا نه رڳو ننڍا ۽ ياد رکڻ جهڙا هجن ٿا پر اُهي بي معنيٰ ۽ ڪنهن مطلب کان خالي به نه هوندا آهن. ساڳي وقت اهو به ضروري نه آهي پهاڪا ڪو سؤ سيڪڙو حقيت تي ٻڌل هجن. ڇاڪاڻ ته لوڪ سياڻپ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ۾ عقل جي ابتڙ ۽ سمجھ کان مٿانهين به هوندي آهي.
پهاڪن کي گذريل زماني جي گڏ ڪيل موڙي يا سيڙايل سياڻپ چوڻ به شايد ٺيڪ نه لڳي؛ بهتر ٿيندو ته اسان ائين سمجهون ته پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن جي ڪن خاص خيالن کي ٺاھ ٺوھ بنا اسان تائين پهچائين ٿا.
پهاڪي کي انگريزي ۾ Proverb چون ٿا. عيسائي مذهبي ڪتاب انجيل (Bible) جي پراڻي عهد نامي (Old Testament) ۾ ته اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل هڪ الڳ باب ڏنل آهي جنهن کي چون ئي پهاڪن جو ڪتاب. نئين آڪسفورڊ ڊڪشري مطابق انهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترا ئي پهاڪا انهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن.
انگريزيءَ ۾ پهاڪي يعني (Proverb) کانسواءِ ٽي ٻيا لفظ به آهن جي لڳ ڀڳ ساڳي پهاڪي واري معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا.
(1) ADAGE (2) APHORISM ۽ (3) MAXIM ADAGE:-
ADAGE:- آنندرام شهاڻي توڙي سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ پهاڪو، چوڻي لکيل آهي.
APHORISM:- جي معنيٰ آنندرام شهاڻيءَ چوڻي يا مثال ڄاڻائي ٿو ته سنڌيڪا واري ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ چوڻي يا پهاڪو لکيل آهي.
MAXIM:- آنند رام جي ڊڪشنري ۾ قول يا مثال ته سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جو مطلب آهي اهو مڃيل اصول جنهن ۾ ڪو اخلاقي ضابطو بيان ڪيو ويو هجي.
آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ Proverb جو مطلب ته عام طرح قبول ڪيل پهاڪو يا چوڻي ڏنل آهي ۽ سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان کي چوڻي يا ننڍڙو مثال جيڪو سچ کي هٿي ڏيڻ واسطي ڪم اچي، ڄاڻايل آهي.
هن ڪتاب ۾ پهاڪن سان گڏ شاھ جي رسالي مان چونڊيل، سون ورنيون سٽون پڻ ڏنل آهن ۽ اهي به عام ڳالھ ٻولھ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.

Wednesday, January 30, 2013

فارسي جا نعم البدل سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

فارسي جا نعم البدل سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون
سھيڙيندڙ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

1.       اتفاق سان دنيا فتح ڪري سگهجي ٿي. Union is strength.
2.       اٺ ننڊ ۾ به ڪڪڙا ڏسندو آهي. A cat always dreams of mice.
3.       اڄ جو فڪر ڪرڻ، سڀان لاءِ آسايش آهي.
4.       اڄوڪي ڪم کي سڀاڻ تي نه رکڻ گهرجي. Do not put off till tomorrow what can do today.
5.       احمق جو عذر ٻڌڻ نه جڳائي.
6.       اصيل گهوڙي لاءِ هڪ چابڪ ڪافي آهي. ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو. A word to the wise is sufficient.
7.       افسوس آهي سياڻي تي، جو اَياڻي سان گڏ وهي.
8.       اميد/ انتظار جو ڏينهن، گهڻو وڏو ٿي پوندو آهي. Sad hours sum long.
9.       انڌو خدا کان ٿو گهري؟ ٻه سڄيون اکيون.
10.   انسان خطا جو گهر آهي. Man is liable to error.
11.   انصاف دين جو اڌ آهي.
12.   اها ترار جنهنکي صيقل نه لڳندو، تنهن تي ڪٽ چڙهندي.  The used key is always bright. 
13.   اها ٽاري جا بلند ٿيندي آهي سا ڪُهاڙيءَ جو ڌڪ کائيندي آهي. جيڪو غرور ڪندو، سو نيٺ ڌڪ کائيندو. Pride goeth before a fall.

Tuesday, November 27, 2012

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو! اسير امتياز

نيٺ انڌن وڃي ملتان لڌو!
اسير امتياز
هاڻوڪي بي رحم دور ۾ ماڻهو کي کلائڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي، گهڙي پل جي کِل کان پوءِ ساڳين ئي ماڻهن وٽ رڳو درد ئي هجي ٿو، ڀلا جتي رڳو درد ۽ ڳوڙها هجن اُتي ڪنهن کي کلائڻ ڪيترو آسان هوندو؟ اُهو ته هر ڪو ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هن ماتمي موسم ۾ ڪنهن کي کلائڻ ڪيتري جوکم جو ڪم هوندو ان جو ته اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي! هن ڪالم ذريعي مان ناچيز ڪنهن کي کلائي به ڪيئن ٿو سگهان! جنهن ماحول ۾ جتي رڳو غم جو عالم ڇانيل هجي ۽ ماڻهو ڪنهن جي پٿر تي ويٺل هجن اتي ڀلا خوشي به ڪهڙي! جتي چوڏس سوڳواريءَ ترسيل هجي، ماڻهو مايوسين جي نذر ٿي رهيا هجن، اُتي ته فقط ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. پر ڪا چواڻي آهي ته ”نه روئڻ ۽ بنا تڪليف جي هجڻ کان پوءِ، کلڻ ئي سهي.“ سو ان ڪري به پنهنجي ننڍڙيءَ ڪوشش سان ڪجهه کِل ڀوڳ جهڙيون ڳالهيون اوهان سان شيئر ڪندي، اوهان کي سنڌي جي پهاڪن، چوڻين ۽ مُحاورن جي آڌار تي کلائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ڪجهه سيئريس ڳالهيون به اڄ اوهان سان شيئر ڪندس، ڇو ته هر وقت مذاق به سهي ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سنجيده به ٿي پوي ته بهتر!

Monday, November 26, 2012

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي - سيد گدا حسين شاھ بخاري

ٻهراڙين جي فطري اصلاحي ۽ محاوراتي ٻولي!

سيد گدا حسين شاھ بخاري/ ڳوٺ ٻٽڙا
ڪنهن به ٻوليءَ جي سونهن ۽ وسعت ڏسڻي هجي ته ان جي نثر ۽ نظم سان گڏوگڏ ٻهراڙين ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي مخصوص علاقائي لهجي ۽ رنگ ۾ رڱيل ٻوليءَ جو ٿورو به جائزو وٺجي. ائين ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن جي ٻولي ۽ گفتگو، انتهائي سادي، سٻاجهي، برڪت واري، ادب ۽ اخلاق جو سرچشمو نظر ايندي. جنهن کان انڪار ڪرڻ بلاشبه سنڌي زبان سان تعصب ۽ ٻه-اکيائي سمجهي ويندي. 

Sunday, November 25, 2012

کيڏڻ وارو دور! - اسير امتياز


کيڏڻ وارو دور!
اسير امتياز
اڄ جي هن اُداس ماحول ۾ جڏهن ماڻهو جو من اڪيلائي محسوس ڪندو آهي ته پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي من کي وندرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو آهي، اُداس گهڙين ۾ ماڻهو جو من شايد راحت ئي تلاشيندو آهي جنهن ۾ ماڻهو جي من کي راحت ملندي آهي، سو ان ڪري به دل چوي ٿي ته ڪجهه کل ڀوڳ به ڪجي ته جيئن اوهان جي دلين تائين اها راحت پهچي سگهي. سو دوستيون ڪري به هر ڀيري اوهان دوستن سان ڪا نه ڪا نئين ڳالهه شيئر ڪندو آهيان، جنهن ۾ ٿورڙو ئي سهي پر مزاح جو عڪس هجي ٿو. اڄ به هن هفتيوار ڪالم ۾ اوهان سان کلڻ جهڙيون ڳالهيون شيئر ڪبيون. مون کي اُميد آهي ته اوهان کي راحتڙي رسندي. سڀ کان اول ته مان توهان کي اڄوڪي ڪالم جي عنوان واريءَ ”کيڏڻي“ کان واقف ڪرايان ته بهتر ٿيندو، دوستو هي کيڏڻي اسان توهان ڀلي نه سمجهون پر هن کيڏڻي کي ٻار ضرور سمجهن ٿا. گهڻو ڪري هن کيڏڻي جو تعلق ٻارن سان ئي هوندو آهي. منهنجو به تعلق ان کيڏڻي سان ننڍي هوندي جو آهي. پر هاڻ ٻار ناهيان پر پوءِ به مون ۾ اڄ اُهي ٻاراڻيون موجود آهن. ماڻهو وڏا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ شايد انهن ڳالهين کي وساري ٿا ڇڏين پر مون انهن ڳالهين کي ناهي وساريو ۽ وسارڻ به نه گهرجي. تنهن ڪري آئون اڄ به ان کيڏڻي جي ويجهڙائي ۾ رهندو آهيان. ان ڪري به اُهي کيڏڻيون کڻي توهان سامهون حاضر ٿيو آهيان. اصل ۾ اهو چوندي انتهائي ڏک به ٿئي ٿو ته هاڻ اسان جي ٻارن کان اهي کيڏڻيون، مطلب ته اُهي رانديون به ويون جيڪي اڳ ۾ ٿينديون هُيون ۽ جيڪي هاڻ هن بي رحم دور ۾ نه پيون ٿين، عجيب قسم جون رانديون اچي ويون آهن جيڪي ڪنهن به حوالي سان راندين جي زمري ۾ ته اچن ئي ڪونه ٿيون. اڄ جو ٻار ڪاٺيءَ کي ڏور ٻڌي ڪلهي تي کڻي ”اسان وڏا خوني ماڻهو“ چئي راند ڪندي نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ هي ڪا راند ڪونهي. هن راند، هن ڪلچر جي متعارف ٿيڻ تي، اسان جي ٻارن کان تعليم ته وئي پر اصل رانديون به ويون، جيڪي اسان ننڍي هوندي ڪندا هئاسين. مون کي ياد ٿو پوي ته اسان جي زماني ۾ ايڏيون ته مزيدار رانديون ٿينديون هُيون جو هاڻ اڄ جي ٻار کي يا اڄ جي ماڻهو کي انهن راندين جا نالا يا اهي رانديون کيڏڻ به شايد نه اچن. ڇا ته ماحول هو ڇا ته ننڍپڻ هُيو، جو اسان پاڻ ۾ ”سن“ ڇوڪرا اُهي رانديون کيڏندا هئاسين. پاڻ کان وڏي عمر واري کي اهو چئي راند کيڏڻ ڪونه ڏيندا هئاسين ته ”تون وڏو آهين“ جي اهو وڏو هروڀرو به ضد ڪندو هو ته پو راند ڦٽيءَ ويندي هئي ۽ ها... سچي راند ڦٽڻ وقت هڪ عجيب ترنم ۾ گيت ڳائي راند ڦٽائيندا هئاسين ته ”اسين نه کيڏڻي، ڪاليءَ ڪُتيءَ کيڏڻي“ ۽ پوءِ اها متل راند پل ۾ ڦٽيءَ ويندي هئي.