بي ضرر ٿيءُ، پاڻ آزاراءِ! (چوڻي)
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
- ھڪ ڀيري ھڪڙو ڪانءُ، ڪٿان اڏامندو آيو ۽ اچي ٻنيءَ ۾ چرندڙ ھڪڙي ٻڪريءَ جي پٺيءَ تي ويھي رھيو. ٻڪريءَ، ڪانءَ کي ليکيو ئي ڪو نه ۽ نه ئي ڪو اکر ڪڇيائينس. ٻڪريءَ جي ماٺ تي ڪانءَ جي دل ھيڪاري وڌي وئي ۽ ويٺس پٺيءَ ۾ ٺونگا ھڻڻ. اھو به ڪنھن وقت تائين ٻڪري پئي سٺس. پر جڏھن ڪانءُ اڃا مڇڏ ٿي تنگ ڪرڻ لڳس ته ٻڪريءَ چيس؛ ”اڙي ڪانءَ! تو کي مزو ڪھڙو ٿو اچي مون کي ائين ستائڻ ۾؟ مان بي ضرر مخلوق آھيان. مان ڪنھن کي به تنگ نه ڪندي آھيان ۽ مان پنھنجي پاڻ کي ھر شيءِ کان لاتعلق رکندي آھيان. اڃا به تو کي ڪو سبب آھي ڇا مون کي پٺيءَ ۾ ٺونگن ھڻڻ جو؟ تون ٽرين ڇو نه ٿو؟ وڃي ڪنھن ڪتي يا ٻلي جي پٺيءَ تي ٺونگا ڇو نه ٿو ھڻين؟“