Sunday, August 27, 2023

هَر ۽ پاڃارِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

هَر ۽ پاڃارِي

سنڌي سڀِيتا جا اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



هَرُ ۽ پاڃارِي/ پانجاريءَ جا تصور، دنيا جي مختلف سڀيتائن ۾ ملن ٿا، ليڪن سنڌ جي سڀِيتا ۾ هر ۽ پاڃاريءَ جو ڊول نرالو ٿئي ٿو. سنڌي سڀيتا ۾ هر ۽ پاڃاريءَ کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪاٺيءَ جون وَٿُون (شيون) انسان جي پيٽ گذر جو ذريعو رهيون آهن. موهن جي دڙي مان ملندڙ ڏاند گاڏي ۽ ان سان لاڳاپيل وَٿُون اسان جي اوائلي سڀيتا جون اهڃاڻ آهن. جانورن ۾ ڏاند خاص ڪري گهر ڀاتي رهيو آهي، ٻيا جانور کڻي نه به هجن پر ڳائي مال مان ڳئون ۽ ڏاند/ ڍڳو ضرور هوندو. اهو ان لاءِ ته ڏاند هر ويل هڪيو حاضر هوندو آهي. ٻين ساهوارن کان وڌيڪ منجهس مھل ڪرڻ ۽ ساٿ نڀائڻ وارو گُڻ آهي. ڪڏهن به ڪنڌ نه ڪڍائيندو، هر ۾ جوٽجيس، نارِ ۾ وهائجيس، ڏاند گاڏيءَ ۾ ڍُڪائجيس، ڳاهه ڳاهرائجيس، چيچڙي ۾ وهائجيس، گهاڻي ۾ ڳھائجيس، مجال آهي جو ڪنڌ ڪڍائي؛ تڏهن ته چيو ويندو آهي: ’ڀلي آيو، گانءِ جو ڄايو، جنھن آ سارو جڳ نپايو.‘ مھين جي دڙي مان مليل مُھر تي ڏاند جي مورتي مان اها ئي گواهي ملي ٿي ته هيءُ جانور اسان جي ڀاڳ جي علامت رهيو آهي. لطيف سائينءَ ان ڪارڻ ته ڌڻي سڳوري سان ڳالهائيندي چيو:



جنين ڏاند نه ٻِجُ، تنين به تنھنجو آسرو،

پوءِ اڀارين سِجُ، اول ڏِين انهن کي.

هَر ڪاهڻ ۾ ٽن اسمن جي گهرج رهندي آهي: هَرُ، پاڃارِي ۽ وَهَٽُ (ڏاندن جو جوڙو). هَرُ، ڪاٺ جي هڪ اهڙي هٿَڻ (اوزار) کي چئبو آهي، جنھن جي هڪ پاسي ۾ لوهِي ڦارَ/ گهوٻو/ چُونِي پوي ۽ ٻيو پاسو پاڃاريءَ سان ڳنڍي، ٻَني کيڙي سگهجي. پاڃارِي وري هڪ اهڙو ڪاٺ جو چَونڪو ٺھيل هوندو آهي، جيڪو هَر يا ڏاند گاڏيءَ ۾ وهندڙ ڍڳن/ ڏاندن جي ڳچيءَ ۾ وجهبو آهي ته جيئن ڍڳا هيڏانھن هوڏانھن نه ٿين. وَهُو ڍڳو ايترو ته ’ڀٽارو‘ ۽ مانوارو هوندو آهي، جو جيڪڏهن پاڃاريءَ جي گاٺ سبب، سندس ڪنڌ تي ڪي ڪارا نشان ٿي پوندا آهن، تن کي به ’ڪارٺَ‘ بجاءِ ’چاندِي‘ سڏيو ويندو آهي. سنڌ ۾ عام طور ٻني کيڙڻ جو ڪم ڍڳن يا ڏاندن جي جوڙي کان ورتو ويندو آهي، پر اهڙو ڪم اُٺن يا ٻين جانور کان به وٺبو رهيو آهي. مھل موقعي سان هَر سنڀالڻ ۽ سنبيرڻ به سرهائيءَ جو سُڳُڻُ (سوَڻ) آهي. لطيف سائينءَ چوي ٿو:

اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،

هارين هر سنڀائيا، سرها ٿيا سنگهار،

اڄ پڻ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

 هَرُ، پاڃاري، گهوٻو ۽ چمڙي جي وَڍرِي تيار ڪرڻ ۾ واڍي، ڊکڻ، لوهر ۽ موچيءَ جي هنر جي گهرج پوندي آهي. پھرين واڍو، ڪاٺ کي وڍي چيري، ڪچي سرائي ڪڍندو، پوءِ ڊکڻ ان کي رندو ۽ سونھَڻِ وغيره گهمائي، گرمٽ سان ٽُنگ ڪڍي، سَل ۽ چُوڙون ڪڍي، مختلف انگ تيار ڪري، هر پاڃاري تيار ڪندو. هاڻي لوهر ان لاءِ گهوٻو/ چُونِي گهَڙِيندو، جنھن جو هڪ پاسو چُھنبيارو هوندو ته ٻيو پاسو ڦاڪُن وارو/ تيرَ نما. گهوٻي جي ماپ گهڻي قدر فوٽ- سوا رکي ويندي آهي، جنھن جي تور ٻن کان ٽي ڪِلو ٿئي ٿي. گهوٻي جو چھنبيارو پاسو، هر جي هيٺئين ڀاڱي جي کانچي ۾ کُپائيندو، ۽ ڦاڪُن وارو پاسو ٻاهر هوندو، جنھن سان زمين جي اوڙ نڪري. جڏهن هَرُ ۽ پاڃاري تياري ٿي ويندا، ته هَر کي پاڃاريءَ سان ملائڻ لاءِ موچيءَ کان ڀلي چمڙي جي وڍري ٺھرائبي. هاڻي رڳو ڏاند بيھاري جوٽڻ (ٻَڌڻ) جي دير آهي.



هونئن ته هَر مان مراد گڏيل هَرُ ۽ پاڃاري آهي، پر دراصل، اهي ٻه الڳ وَٿُون آهن. جيڪڏهن الڳ الڳ ڏسجي ته هَر جا ٻه مکيه ڀاڱا ٿيندا آهن، جيڪي سَل ۽ چُوڙ- چَپَر ذريعي پاڻ ۾ ملندا آهن، هڪ: هَروٽو، يعني مُٺئي وارو ڀاڱو، جنھن هيٺان گهوٻو لڳندو آهي، ٻيو: هَرَھَه/ هَرِينھَه/ هَلَ، يعني هڪ نَوَ فوٽي سڌي چورسي ڪاٺي (داسو)، جنھن جي هڪ پاسي وڌيل چوڙَ، هَروٽي جي سَل ۾ سونھَڻ (ڪاٺ جي ڪِلِي) سان سوگهي ڪبي، ۽ ٻيو پاسو پاڃاريءَ سان چنبڙندو، هَر جي ٻنهي ڀاڱن (هَروٽي ۽ هَلَ) جي ملائڻ کان پوءِ وچ ۾ اندازاً هڪ سؤ ڏهه ڊگري ڪنڊ ٺھي بيھندي. هروٽي جو مٿيون پاسو سنهو، جنھن ۾ هٿ وجهڻ لاءِ ڪاٺ جو مُٺيو لڳائبو آهي ۽ هيٺيون پاسو ٿلهو چورسو ٿيندو آهي، جنھن جي هيٺان ’گهوٻو‘ وجهبو آهي. هروٽي جي ٿلهي چورسي واري هيٺئين پاسي کي ’ڄاڙهُه‘ چئبو آهي، جتي تِڳاءَ خاطر، لوهي پَٽَ جو سَل نڪتل، چورسو ٽڪرو لڳندو آهي. ان گهوٻي وجهڻ واري سَلَ/ کانچي کي ڪڙمين جي ٻوليءَ ۾ ’ڪُوتُ/ ڪُڙهُه/ اوڳ‘ چئجي ٿو.

هَرَ جي مٿئين ڇيڙي کي هرَھَه/ هَرِينھَه/ هَلَ چئبو آهي، جنھن جي مٿان ٻه ٽُنگَ/ سوراخ ٿيندا آهن، جنھن ۾ ڪاٺ جون ڪِليون وجهبيون آهن، تن ۾ پاڃارِي ڦاسندي آهي. هَرَ ۽ پاڃاريءَ کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ چمڙي جي رسِي يا وَڍري ڪم آڻبي آهي، ان کي ’ناڙو‘ ٿو چئجي. چمڙي کان سواءِ مشيني بيلٽ يا سوٽي ناڙو به ٿي سگهي ٿو. ڪنڌ واري ڪاٺي/ ڪُلهي/ سَرائيءَ جي وچ کان هَر ۽ پاڃاريءَ کي ملائي ناڙي سان سوگهو ڪبو آهي. اهو ڪُلهي/ سرائيءَ جو مٿئين پاسي وارو وچُ، ٿورو اڀريل بيھاربو آهي، ان کي ’ڪُڪِرو‘ چئجي ٿو. ان ڪُڪري واري هنڌ پاڃاريءَ ۽ هَلَ کي ملائڻ لاءِ منڌيئڙي نموني ناڙو ٻڌبو آهي، ته جيئن هَل ۽ پاڃاري پاڻ ۾ سوگها رهن ۽ منجهن ايتري لچڪ به رهي جو ڏاندن کي سَولائيءَ سان موڙي سگهجي. هَلَ/ هَرينھَه جي ڊگهي ڪاٺي، گهڻي قدر ڪُلهي واري ڪُڪري جي هيٺئين پاسي ٻڌبي آهي، ڪي ته مٿان به رکندا آهن، ان ۾ وري ’ڪُڪرو‘ بيھاريل نه هوندو آهي، بلڪ هڪ کانچو رکيل هوندو، جنھن ۾ ناڙي جي ٻَڌ اٽڪيل هوندي.

ياد رهي ته پاڃاري، اهو چَونڪو آهي، جنھن ۾ ڏاند جوٽجن. پاڃارِي دراصل، هَر، نارِ، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۽ وڏِي جانڊههِ ۽ وڏي گهاڻي ۾ جانور جوٽڻ جي ڪم ايندي آهي. جانڊهه يا گهاڻي جي ڳاڌيءَ جو رسو يا سنگهَرِ (زنجير) وري پاڃاريءَ جي وچ تي ٻڌبي آهي. پاڃاري ته ٿي پاڃاري، پر اڌ- پاڃاري به هوندي آهي، جنھن جي هڪ گهَر ۾ هڪ ڏاند يا ڍڳو وغيره جوٽيو ويندو آهي، يعني هڪ ئي ڪاٺيءَ ۾ هڪ پاسي اڌ پاڃاري ته ٻئي پاسي اٽي پيھڻ يا تيل پِيڙڻ واري ڳاڌي! هونئن پاڃاري جا ٻه گهرَ ٿين ٿا، جن ۾ ٻن ڍڳن يا ڏاندن جي جوڙي جون ڳچيون ڦاسائي جوٽيون وينديون آھن. ان لحاظ کان پاڃاري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ: جيڪا هَر سان لڳائجي، ٻي: جيڪا ڏاند گاڏيءَ يا نار وغيره سان ملائجي. هَر واري يا ڏاند گاڏيءَ واري پاڃاريءَ ۾ پاسن کان ٽُنگ هوندا آهن. ڏاند بيھاري، پاڃاريءَ جي پاسن وارن ٽُنگن ۾ هٿ- سَوا ماپ جا ٻه گول تراشيل لڪڻ وجهبا آهن ته جيئن ڏاند پاڃاريءَ مان نڪري نه سگهن، ان کي ’ڏورڻو ج ڏورڻا‘ چوندا آهن. پاڃاريءَ ۾ ڏورڻن جھڙين، اندرين ڪاٺين کي ’ٿَنڀرِي/ ٿنبِيلِي‘ چئجي ٿو، جيڪي ڪاٺيءَ جي ڪليُن يعني سونھَڻَن سان سوگهيون ڪيل هونديون آهن. پاڃاريءَ ۾ ٿنڀريُون ٿوريون اُڀريل ۽ سونھن خاطر چِٽَسالي ٿيل هوندي اٿن. پاڃاريءَ ۾ ٿنڀرِي ۽ ڏورڻن جي وچ ۾ ڏاندن جا ڪنڌ وڌا ويندا آهن، ان جي بلڪل مٿان ڪُلهي/ سَرائيءَ تي ڪي اڌ گول نما تاج بيھاريا ويندا آهن، تن کي ’ڪَرهو‘ چئبو آهي. پاڃاريءَ جي کٻي پاسي کي ’اندريون‘ چئبو آهي، ۽ ساڄي واري پاسي کي ’ٻاهريون ۽ گهائُو‘ چئجي ٿو. ڏاند لاءِ کَٻي تي وَهڻ ڏکيو هوندو آهي، ان لاءِ اُڙهيل ڏاند ئي کٻيءَ تي اُڙهي سگهندو آهي، تڏهن ته پھاڪو ڏيندا آهن: ’سڄيءَ وَهي سڀڪو، کٻيءَ وَهَن خان‘.

پاڃاريءَ جي چَونڪي ۾ مٿان جيڪا ٿلهي ٿنڀري ڪاٺي پئي ٿي، ان کي ’ڪُلهو/ ڪُڙهو/ سَرائي‘ چوَن ۽ ان جي بلڪل هيٺان پورَ وِڇوٽ جيڪا ڪاٺي پئي، ان کي ’تَراٺَ/ لارَ‘ ٿو چئجي. هَر جي ٻن اهم ڀاڱن (هَروٽو ۽ هَل) مان هَلَ/ هَرينھَن جي ڪاٺي گهڻي قدر ’پين‘ جي هٿ ڪئي ويندي آهي، ٻي صورت ۾ سُڪل ۽ چونڊ ٻَٻُر جي ڪاٺي ڪم ڪڍي ٿي وڃي. جڏهن ته پاڃاريءَ ۾’گيدُوڙِي‘، نه ته ’ٻيرِ‘ جي ڪاٺي ڪم آندي ويندي آهي.

ڏاند گاڏيءَ ۾ پوندڙ پاڃاري ۽ هَر ۾ پوندڙ پاڃاريءَ ۾ ٿورو فرق ٿئي ٿو. هڪ ته ڏاند گاڏيءَ واري پاڃاري گهڻي قدر ٻَڌل هوندي آهي، ۽ هيٺان ’تراٺ‘ نه هوندي اٿس، بلڪ ڏاند گاڏيءَ واري پاڃاري ءَ ۾ ڏاندن جا ڪنڌ ڏيئي، هڪ پَٽو ورائي ڇڏيندا آهن، جنھن کي ’جوٽو‘ ٿو چئجي؛ باقي، ڪُلهو، ڏورڻا ۽ ٿنڀريون ساڳيون پونديون آهن. جڏهن ته هَر واري پاڃاريءَ ۾ ڪُلهو، تَراٺَ، ٿنڀريون، ڏورڻا وغيره سڀ پوندا آهن. جنھن کي مختلف انگن جي مڪمل پاڃاري چئجي، سا دراصل ’هَر‘ واري هوندي آهي. ڪٿي ڪٿي ته ’تَراٺ‘ کان سواءِ به پاڃاريءَ کان ڪم وٺجي ٿو، بس ڏورڻو ۽ جوٽو ضرور هجي. تڏهن ته رڳو پاڃاريءَ جي ڪُلهي کي به پاڃاري چوندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته پاڃاريءَ جي اهم ڪاٺي اها ئي سڏبي آهي. پاڃاريءَ ۾ ڏاندن جي ڦرڻ جي چال ’ناڙي‘ ۾ رکي ويندي آهي ۽ جيڪا رسي/ واڍر، ڍور کي کٻي يا سڄيءَ ’آءُ ڪرڻ‘ ۾ ڪم ايندي آهي، تنھن کي ’نٿ‘ چوندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته اها واڍر، ڍور جي ’نڪ‘ ۾ پيل هوندي آهي. هاري، ڏٻي ڏاند کي هوشيار ڪرڻ لاءِ يا پاڃاريءَ جي سڌائي رکڻ لاءِ کٻي يا سڄي پاسي واري ڏاند کي چوڪَ ڏيڻ لاءِ هڪ چَھو (ڇَڙِي) به رکندو آهي، جنھن سان جوڙي جي هلت بھتر رهي.

ڏاندن جي جوڙي کي هَر ۾ ڪاهڻ ۽ زمين جون سڌائيءَ سان اوڙون ڪڍڻ، هارِي يا ڪڙميءَ جي هٿ جي صفائي آهي. مون کي به هڪ دفعي هر ڪاهڻ جو شوق ٿيو. پنھنجي ڀيڻويي گل حسن سان هوسڙِي- حيدرآباد جي پاسي هڪ دوست جي زمين جو چڪر ڏنو، ۽ هاريءَ کان جوڙو وٺي، ٻه اوڙون مون به ڪڍي ورتيون، پر سچ اهو آهي ته مون کان نه ته اوڙ جي سڌائي بيھي پئي ۽ نه وري جوڙي کي ڪاهڻ ۾ برابري رکي پئي سگهيم. بس مڙيئي، دل پِشورِي ڪيم. تڏهن سياڻن چيو آهي ته ’ڏنگي هر کي، جهَلَ ئي ڪانهي‘. يعني، هَرُ سڌو هلندو ته اوڙ به سڌي ايندي. اهو سڌو رکڻ به تجربي جو ڪم آهي. ٽيڏو يا ٽيڙو هرُ ته ڪاهجي ويندو، پر هيڏانھن هوڏانھن ٿي ويندو. جيستائين اوڙَ سڌي نه رهندي، ڪنھن ڪم جو نه رهندو.

هَرُ، زمين کيڙڻ لاءِ هڪ قسم جو هٿَڻ/ اوزار آهي، جيڪو پوري دنيا جي استعمال ۾ رهيو آهي. اڳي جنھن وٽ پنھنجو هَرُ ڦارُ ۽ ڏاندن جو جوڙو هوندو هيو، اهو ڀاڳوند ڀانيو ويندو هيو. هن وقت مشينري اچي ويئي آهي، ان سان هڪ ته ماڻهن جي ڪمن جا قبلا مٽجي ويا آهن، ٻيو ته بيروزگاري وڌي ويئي آهي. ساڳيو ڏاندن وارو ڪم ٽريڪٽر ڪري پيو، ۽ هر لاءِ هڪ لوهِي گوبل/ ٽه گهوٻي/ سورهن گهوٻي ٺاهي ڇڏي اٿن، ڪِيڻ وغيره به ان سان؛ مطلب ته جوڙي جي گهرج ئي نه رهي. جتي ڏينھن ۾ جريب کن کيڙبو هيو، اتي مشينريءَ اڳيان چاليھه جريب گُرڙِي. اڳي هارپو ڪندڙن وٽ ڏاند هوندا هئا، ته حقدار/ زميندار پاران هڪ گاهه جو ٻارو الڳ رکيو ويندو هيو، ته جيئن هاريءَ تي گاهه پَٺي جي خرچ کاٻار جو وزن نه پوي، رڳو ڪم ڪار جو زور هجيس. هاڻي ته ٽريڪٽر ۽ تيل ۾ هاري کُھِجي ٿو پوي. مشينريءَ واري هَر ۾ اها سگهه ئي نه هوندي آهي، جو زمين کي هيٺ تائين کيڙي سگهي. ڏاندن وارو هَرُ زمين جي هيٺ تائين کيڙَ ڪندو آهي ۽ ان جي کيڙَ سان زمين وڌيڪ سڌرندي آهي ۽ پاڙُن جو گند گاهه نڪري بيھندو آهي. تڏهن ته عام چوڻي آهي ته ’ڏاندن جي کيڙَ ۾ برڪت آهي.‘ ٻي چوڻي پڻ ان سان لاڳاپيل آهي ته ’جيترو هَرُ، اوترو ڦَرُ‘، يعني زمين جي جيتري وڌيڪ اکيڙ ٿيندي، ايتري وڌيڪ پيداوار ڏيندي. هاڻي وڌيڪ پيداوار لاءِ هائبرڊ ٻج ڪم آندا وڃن ٿا، جيڪي ڀاڳين جي نظر ۾ بيسود سمجهيا ويندا آهن.

هَر ڏيڻ وقت، ٻنيءَ جي ٽُڪري ۾ جتي گهوٻو/ چُونِي گهمندي ويندي آهي ۽ سَنڌا ڪندي ويندي آهي، انهن مان هڪ کي ’اوڙَ‘ چئبو آهي. هاري جيئن ئي اوٿَپَ ۾ اوڙُون ڪڍندو ويندو، ته مُنڍَ وارين ويھارو کن اوڙُن کي ’جاٽَ ج جاٽُون‘ سڏبو آهي. اڳي هاري هَر ڏيڻ وقت ٻنين جي ٻارَن وچ ۾لَنگهَه/ دَڳَ ويڪرا رکندو هيو، هاڻي ته مشينريءَ سبب دلين ۾ سوڙهه ٿي ويئي آهي، جيڪا ٻنين وچ ۾ سوڙهن دڳن مان پئي بَکي. هاڻي واري هاريءَ کي ته وڌيڪ اُپائڻ واري اهڙي حرص اچي ورتو آهي، جو مشينريءَ تي دڳن پاسي به وڌيڪ اوڙ ڪڍي وٺندو ۽ دڳ ئي سوڙها ڪري ڇڏيندو!

لفظ ’ٻَنِي‘ تي ياد آيو ته ٻني، هندستان جي ڪڇ ۾، چوپائي مال جو هڪ تمام وڏو چراگاهه آهي، ان علائقي کي ’ٻنئي‘ چوندا آهن، جنھن مان سنڌي لفظ ’ٻَني‘ ڪم اچي ٿو. هاڻي، ٻَنيءَ مان مراد اهڙو زمين جو سرسبز ٽُڪر، جيڪو پوک جوڳو هجي ۽ جتان فصلَ کڻي سگهجن.

پنڻ جي پورهيي مان، ڪنھن نه ڀريا پَل،

مانجهي اهي مَلهه، هَرُ جنين جي هٿ ۾.

ٿر جو ماڻهو، ته زمين کيڙڻ لاءِ هڪ اُٺ کان ئي ڪم وٺندو آهي. وارياسي زمين هجڻ سبب، ان تي هر جو گهڻو زور نه لڳندو آهي، ان لاءِ اُٺ تي آسانيءَ سان ٻني کيڙجي ٿي وڃي. سنڌ جي ٻين علائقن جي زمين ايتري نرم ڪونهي، ان ڪارڻ ٻه ڏاند ئي مُنھن ڏيئي سگهن ٿا. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته وَهَڻ جي نسبت سان ڏاندُ، اُٺ کان وڌيڪ جانٺو ۽ سگهارو ٿئي ٿو.

زمين ڪاهڻ لاءِ ڏاندن جي جوڙي کان مخلتف ڪم ورتا ويندا آهن، جيئن: سُڪيءَ جو هَر ڏيڻ- ريج آيل ٻنيءَ کي ’آروڙِڻ‘ (هر ڏيڻ) (جيئن چئبو آھي؛ ڏاند ته آروڙو)- کيڙيَل ٻنيءَ جا ڀتر ڀڃڻ لاءِ گول ڏندوين ڪاٺي يعني ’ليٽِڻ/ سانھرُ ڏيڻ‘- زمين جي اوڙُن کي ڊاهڻ لاءِ ’ڳاڌِي ڦيرڻ‘- زمين جي تھه کي هموار ڪرڻ لاءِ ’ڪِيڻِ گهمائڻ‘- ٻج ڇٽڻ لاءِ ’ناڙِي ڇٽڻ/ ڪاهڻ‘- اَن ڪڍڻ لاءِ ’ڳاهُه ڳاهڻ‘ وغيره.

جيئن طبعي طور سنڌ جا مختلف ڀاڱا ۽ ٻوليءَ جا لھجا ٿين ٿا، مختلف جرَ جا پاڻي، مِٽي ۽ پٿرَ ٿين ٿا، ايئن ئي مختلف وٿُن جا مختلف ڀير ٿين ٿا. جيڪڏهن ڏسبو ته اتر جي ڏاند گاڏي ۽ لاڙ جي ڍڳي گاڏيءَ جي ڀير ۾ فرق هوندو. هر ۽ پاڃاريءَ جو ڀير به ايئن ئي ٿورو مَٽ ٿئي ٿو. مختلف علائقن جي ڪھاڙين، ڪوڏرُن، ڏاٽَن، گهوٻن وغيره جو انداز مختلف ٿئي ٿو. وٿُن جا پارکو ماڻهو، ڏسي ٻڌائي وٺندا آهن ته هيءَ وٿُ فلاڻي علائقي جي ڪاريگر جي ٺھيل آهي. يعني اهڙيون وٿُون ڏسي اندازو ٿي ويندو آهي، ته هيءَ وٿُ ڪٿان جي آهي! عام طور پاڃاري سڌي چَوڪٺ ٿئي ٿي، پر ڪن علائقن ۾ گولائيءَ مائل به پاڃاريون جوڙيون وينديون آهن.

ڏاندن/ ڍڳن جي گوءِ ۾ به ذات پاڃاريون ڏسڻ اينديون. ساڳي پاڃاري، ساڳيا انگ، بس رڳو هَر جي جڳهه تي ’هَلَ‘ ۽ ان سان لڳل گاڏڙو، جنھن تي سئيس ويھي، گوءِ ڪرائيندو. سنڌ ۾ ڏاندن جي گوءِ به تمام وڏي چاهه سان ڪرائي ويندي آهي ۽ ڏسندڙن جو وڏو ميلو لڳو پيو هوندو آهي. مان پھريون ڀيرو خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ ”آئل تنيو“ ۾ اها گوءِ ڏسڻ ويو هيس. پري پري جا ڏاند ۽ ماڻهو آيل هئا، جريبن ۾ زمين هموار ڪيل هئي، ڊوڙ لاءِ رستا سڌا ڪيل هيا. جڏهن گوءِ هَلِي ته شوقينن سان گڏ مون به رونشي جو مزو ماڻيو.

هَرُ ۽ پاڃارِيءَ کي سنڌي سڀيتا ۾ اهڙي ته عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جو اسان جي بزرگن جي درگاهن ۾ به خاص طور پاڃاريون ڏسڻ ۾ اينديون. ۱۹۷۴ع ڌاري جي هڪ ڌنڌلي ياد آهي ته هڪ دفعي بابا سائين، مون کي ۽ منھنجي ننڍي ڀاءُ اخلاق جوکيو کي، استاد غلام عباس سولنگيءَ سان گڏ، راڻيپور وٺي هليو. اتي ڪنھن حڪيم کان دوا وٺڻي هئي. بعد ۾ پاڃارين واري پير سيد قاسم شاهه بخاريءَ جي درگاهه تي دعا لاءِ وياسين، ايتري ۾ هڪ پاڃاري کڻي، اسان ٻنهي ڀائرن جي ڳچيءَ ۾ وڌي ويئي. مون کي ته اها سمجهه ئي ڪو نه هئي، ته ايئن ڇو پيو ٿئي! ان موقعي تي سولنگي صاحب چيو ته ’هاڻي پاڃاري سنئين ٿي.‘ يعني الله سائينءَ جي امر سان پٽن جو جوڙو ٿيو. بھرحال، اهو پاڃارين وارو رنگُ ۲۰۱۵ع ۾ مون ڪاڇي جي گاجي شاهه واري درگاهه ۾ به ڏٺو. ممڪن آهي ته سنڌ جي ٻين درگاهن تي به هجي. اندازو آهي ته اهي بزرگ هَر ۽ ڦارَ (گهوٻو/ چُونِي) جا ڪوڏيا هئا، تڏهن ته سندن درگاهن تي پاڃارين يا هَرن جا نمونا ملن ٿا.

اسان جي عام زندگيءَ جي ڀوڳن چرچن ۾ به هر پاڃاريءَ سان لاڳاپيل لفظ ڪم ايندا آهن، ان موقعي تي هڪ ڀوڳ ياد آيو اٿم: ڪنھن دوست هڪ وڏين ۽ لڙڪيل مُڇن واري هڪ دوست کي ڀوڳ هنيو ته ’مُڇون تو واريون ايڏيون وڏيون ٿي ويون آهن، ڄڻ ڪُتو ناڙو کنيُون پيو وڃي.‘ مون ان ويل ’ناڙو‘، اڳٺ وارو سمجهيو، پر جڏهن پاڻ وضاحت ڪيائين، ته ’اها چم جي واڍرِ ٿيندي آهي، جيڪا هَر ۽ پاڃاريءَ کي ڳنڍيندي آهي‘، هُن دوست جڏهن لفظ جو نقش چٽيو، پوءِ ته سڀ اچي کِلَ ۾ ڇُڙياسين، سواءِ ان جي جنھن کي ڀوڳ لڳو.

اصطلاحي ٻولي ته سماج جي وٿُن سان ئي وڌندي ويجهندي آهي، ان ڪارڻ هر ۽ پاڃاريءَ سان سلهاڙيل ڪافي اصطلاح، محاورا، پھاڪا ۽ چوڻيون ملنديون، جنھن مان سنڌ جي ڏاهپ نروار ٿئي ٿي:

• ٻوليءَ جا اصطلاح ۽ پھاڪا وغيره

• ٻاراڻا ٻول:

• کنڊي ڪُڪِڙِ خانَ جي، آنا لاهي اوڙَ ۾، ڌَڪ جهلي ٺوڙهه ۾.

• سگهڙن جا ٻول

• کيڙيندي کيتن ۾، اکيون جاءِ ڪجن،

چونيءَ ڀڳي هڪڙي، ٽئي ٽول کرن،

هارين هر ڪُلھي تي، ڇُڙيا ڏاند چرن.

(ٻنيءَ جي اندر لاهَه، لڪل ھوندا آھن. ھرُ ڏيندي، گهوٻي جي چوٽي اٽڪي سگهي ٿي. وڌيڪ زور ڏيڻ سان ڀڄي به سگهي ٿي. ان صورت ۾ ھرُ، ھارِي ۽ ڏاند، ٽئي ڪم کان ته کرن ٿا، پر ھاريءَ کي ھر ٺھرائڻ لاءِ ڪلڳي تي کڻڻو پوندس ۽ ڏاند واندا آھُريُن تي بيٺا ھوندا.

• نيچ ڪَنڌو ٻَڙڌيو، اونچ ڪنڌِي نار،

راهه رَڙڻو ڏاگهو، کَٽل زميندار،

هيڪل هٽو واڻيو، اهي پنج ئي بيڪار.

(هنن ٻولن ۾ ’ڍڳي، زائفان، اٺ، زميندار ۽ هٽ واڻيي جو ذڪر ٿيل آهي. چوي ٿو: ’ڪنڌ جهُڪائي ھلندڙ سَڙههُ ڍڳو، پاڃاري ڳچيءَ ۾ وجهندي ئي ڪڍائي ويندو، جنھنڪري نه ھَرِ ھلندو، نه ڳاهه ڳاھيندو، نه نار وھندو ۽ نه ئي بيل گاڏي ڇڪيندو. زائفان جو ڳَھُه، لڄ لِيھه آهي، جيڪا زائفان ڳاٽ اوچو ڪري هلندي، ان کي ڀلو نه ڄاتو ويندو آهي. اهڙو اٺ، جيڪو بار لڏئي کان پوءِ، واٽن تي راڙو راڙ لائي ڏئي، سو به بيڪار آھي. زميندار آھي پيسي سان، سو کٽل زميندار پيو ھاريءَ مارَ ڪندو. اڪيلو دڪاندار، گراھڪن کي سودي ڏيڻ ۽ ڏوڪڙن وٺڻ ۾ پيو منجهندو ۽ پاڻ ڦرائي ويھي رھندو. تڏهن چيل آهي ته اهي پنجئي بيڪار)

• ڳجهارت:

• جنڊَ ڪڍندي سسئي، پاڃاريُون/ پِنجوڙيون پائي.

(جنڊُ = کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ چمڙي جو ٻوڪو. سسئي= ڳئون. ڀڃڻي: پاڻيءَ جا ٻوڪا، ڳئون ڪڍندي)

• اصطلاح

• بُنڊ تي پاڃاري هجڻ (نڪمو ٿيڻ- بيسود عمل ڪرڻ)

• پاڃاري پنھنجي هجڻ (ڀاڳوند هجڻ- راڄ ڀاڳ وارو هجڻ)

• پاڃاري ٽٽڻ (جوڙ ڇڄڻ- دوستي/ ڀائپي ڇڄڻ- )

• پاڃاري ٽنگڻ (بي اونو ٿي وڃڻ- ڪم پورو ٿيڻ- ڪم جي چنتا نه هجڻ)

• پاڃاري خالي هجڻ (وهٽ نه هجڻ- نپٽو آئٽو هجڻ)

• پاڃاري سنئين هجڻ (ٻن پٽن جو اولاد هجڻ- دوستي پڪي هجڻ)

• پاڃاري ڪلهي تي کڻڻ (ڪم ڪار لاءِ نڪرڻ)

• پنھنجو ڀتر هجڻ (پنھنجي ٻنيءَ جو ٽڪر هجڻ)

• جاٽُون ڀيٽڻ (سُکائون ڏيڻ- درويشن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ)

• جاٽُون هڻڻ (ڪنھن کي ڏُکوئڻ- اڍنگي هلت هلڻ)

• گوءِ کڻي وڃڻ (ڪاميابي ماڻڻ- چٽاڀيٽيءَ ۾ پھريون اچڻ)

• پھاڪا ۽ چوڻيون

• پاڃاري وجهڻ کان اڳ، ڍڳي کان پڇبو ڇا؟

(نوڪر کي صرف ڪم ڪرڻ لاءِ چئبو آهي)

• پنھنجي ٻني، پنھنجو هَرُ.

(پنھنجي حال ۾ رهجي- ٻئي جي گلا ڪرڻ مھل، پنھنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي)

• جاٽين چَڙھيو ڀاڳن ڀريو،

ھر ھاريءَ جو، ھيري جواھر سان جڙيو.

(ٻيءَ جاٽ هڻڻ مھل، هاريءَ جو ٻاڏائتو ٻولُ- هَرُ جيئن اوڙون ڪڍندو، تيئن زمين مان ڌَنُ اپائيندو)

• جتي هَرُ، تِتي گهرُ.

(جِتي روزي هوندي، اُتي ئي گهر ڪري ويھبو آهي)

• جيترو هَرُ، اوترو ڦر.

(جيتري زمين هيٺتي کيڙبي، اوترو فصل ڀلو لھندو) هن چوڻيءَ جي روشنيءَ ۾ هڪ راجسٿاني چوڻي به آهي ته

’ايڪ هَل هتيا، دو هل ڪاج،

تين هل کيتي، چار هل راج.‘

جنھن جي مراد آهي ته ’زمين کي چار ھر ڏئي پوءِ فصل ڪجي. پھريون ھر ’مارڻ‘ آھي. ٻيو ھر ’ڪم‘ آھي. ٽيون ھر ’پوک‘ آھي، چوٿون ھر ’بادشاھي‘ آھي.‘

• ڇٽ ٻانهي، ناڙي راڻي.

(ٻج هٿ سان ڇَٽڻ به ٺيڪ آهي، پر هَر سان ناڙيءَ تي ٻج ڇٽڻ وڌيڪ ڀلو ۽ ڪارائتو آهي. کيتي ٻاڙيءَ ۾ ڇَٽَ ذريعي فصل ڪاھڻ، ٻانهيءَ وانگر پورهيي جو ڪم آھي. جڏھن ته ناڙيءَ رستي پوک، راڻيءَ وانگر بادشاهي آھي)

• حراميءَ جو هر، واريءَ ۾ به نه وهي.

(ڪميڻي ماڻهوءَ کان آسان ڪم به نه ٿئي)

• ڏاند ڊڄي پاڃاريءَ کان،

ٻُوڙي ۾ ٻه پاڃاريون.

(ماڻهو جنھن ڳالهه کان ڀڄي، ساڳي ڳالهه مُنھَن ۾. گنجو ڀڄي پاڪِيءَ کان، پاڪِي سامهون)

• ڏنگي هَر کي جهَلَ ئي ڪانهي.

(هَر جي اوڙَ سڌي رکڻ گهرجي، نه ته پورهيو اجايو ٿيندو)

• زمين لاءِ کپي: ڪاهَه، پاهَه ۽ نگاهَه.

(ڪاهه معنى ھر ڪاھڻ ۽ لاھ ڪڍڻ- پاهَه معنى ڀتر ڀوري ڀورَ ڪرڻ- نگاهَه معنى سنڀال ڪرڻ.

• سڀ ڳالهه، هَر نال.

(زرعي پيداوار جو دارومدار هَر تي ئي آهي)

• سؤ سينئر، ھڪ سانھر. (زرعي، چوڻي)

(معني؛ سينئر؛ ھَرُ. مطلب؛ زمين کي ھر کان وڌيڪ سڦلائتو ڪندڙ سانھر آھي. ھر سان زمين ڀڄي ٿي، پر ڦوڙھ ڦوڙھ ٿيو پوي. جڏھن ته سانھر سان اھي ڦوڙهه/ ڀتر ڀُريو پون ٿا. ڀُريل ڀتر، فصل جي ڄاپڻ ۾ رنڊڪ نه ٿا بڻجن.)

• سَو هَرَ، هڪ سانھرُ.

(هر سان زمين ڦوڙه ڦوڙه ٿي ويندي آهي، ليڪن سانھر زمين جي ڀتر ڀتر کي ڀوري، سٺا سَلا ڪڍڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو.)

• سيارو؛ سون، آکاڙ؛ چاندي،

ساوڻ؛ پورھيو تاوڻ، بڊي جو ھَرُ؛ بادي.

(مند سان زمين جو ڪم ڪار يعني هَر ڏيڻ گهرجي. سياري ۾ زمين جو ڪم سون مثل، گرميءَ جي رُت ۾ چانديءَ مثل آهي، جڏهن ته ساوڻ جو پورهيو چَٽِي ۽ سرءُ جو هَر بيسود)

• عورت ته گهَر، مرد ته ھَرُ.

(عورت ته ائٽ، مرد ته کيٽ.

گهر زائفان سان ٺھندو ۽ زمين جو ڪم ڪار مرد سان)

• گابا هر وهن ته ڏاندن کي ڪير پڇي!

(مڙسن کان سواءِ ويھون ڪير ڪري! مھلن کي مڙس ئي منھن ڏيندا آهن.)

• گڏھن سان ھَر ھلن ته ڏاند ڇو ڌارجن.

(جُڳاڙ تي ڪم نه هلي سگهندو آهي)

• گهڻين زالين گهر نه هَلي،

گهڻين مردين هَرُ نه هلي.

(ڀاتين جي گهڻائيءَ سبب، هر ڪم ۾ هرڪو ٻئي تي پيو ڀاڙيندو)

• ڳوٺ جو رستو ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آهن.

(پنھنجي ديس لاءِ هر ساهواري جي دل اُڇلُون کائيندي آهي. ساڻيھه جي سِڪ ۾ ڇِڪ آهي)

• لاھَن کان لاڙو، ڪيو ڪِين جنھن،

ھرُ، ڪِلي، ناڙو؛ ٽئي تنھن جا ٽڪر ٿيا.

(جيڪو برن عملن کان پاسو نه ڪندو، تنھن کي ڇيھو ضرور رسندو)

• مڙس ڏاند ناھي جو ھرُ وھندو.

(ڪنھن ماڻهوءَ تي بيجا ڪم نه رکجي- ڪنھن سان زيادتي نه ڪجي)

• مھلائتا ھرَ ۽ وقتائتو پاڻي؛ پيدائش کي ھٿي ڏين.

(وقت سِر ڪم ڪرڻ جو نتيجو ڀلو نڪرندو آهي)

• ھر ڪاھڻ به ڪا ھاج!

(ڪوبه ڪم ڏکيو نه هوندو آهي)

• ھرُ گَسي، ڦارَ نه گَسي.

(زمين ۾ اوڙ ته گهوٻي جي ڦار ڪڍندي، پر گَسي وري به ڪاٺ ٿو. جيڪو ڪم ڪندو، اهو سگهو رهندو، جيڪو پورو سارو ڪم ڪندو، اهو لانجهو ٿيندو ويندو)

• ھر ھلائڻ سولو، گهر ھلائڻ اولو.

(زماني جا ڪم ڪار سولا، پر گهر جو جنجهٽ سنڀالڻ ڏکيو)

• هَريو، ڦَريو.

(گهڻن هَرن واري ٻني، ڦر به جام ڏيندي- سخت محنت ڪندڙ ئي ڪاميابي ماڻيندو)

 

(هن مضمون ۾ اصطلاحن- پھاڪن وغيره جي شامل ڪرڻ لاءِ عبدالوهاب سھتي جو نھايت ٿورائتو آهيان.)

No comments:

Post a Comment