سَسُ ريءَ نه ساھرا،
ساليءَ ريءَ نه نينھن،
چنڊَ ريءَ ڇا جي راتڙي،
جهُڙ ريءَ ڇا جو مينھن.
(سنڌي، چوڻي)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
سس، جيستائين جيئري آھي، تيستائين ناٺيءَ جي ساھرين گهر ۾ عزت ۽ شان آھي. ان جي مئي کان پوءِ ساھرين گھر ۾ ناٺي ڪتي جي آچار آھي.
سالي، ٻارڙن جي
ماسي آھي. اھا آھي ته ٻارڙن کي کڻي وٺندي، گھر جو ڪم ڪار به ڪري ڏيندي. جڏھن گھر
جو ڪم ڪار ۽ ڪار ونھوار چڱو ھلندو آھي ته زال، مڙس کي پئي وڻندي آ. جنھن کي سالي ناھي
يا زال اھا پرڻيو آھي، جيڪا پيءُ ماءُ کي اڪيلي آھي. ان کي گھر ٺھيل ٺڪيل نه
ملندو، جنھن سببان زال سان ايترو نينھن نه ھوندس، جيترو ساليءَ واري کي، زال سان
ھوندو آھي.
اماس راتين منجھ چنڊ،
آسمان تي گھڻي وقت لاءِ نه اڀرندو آھي. جنھنڪري آسمان ۾ اھا چٽائي يا شعاع، چمڪو
يا تجلو نه ھوندو آھي، جيڪو چانڊوڪين راتين ۾ ھوندو آھي.
مينھن به تڏھن جٽادار
وسندو آھي، جڏھن جھڙ يا ڪڪر ڀرجي ايندا آھن ۽ اچي گونگا ٿي وسندا آھن. بنا ڪڪرن جي
نه گجگوڙ ٿيندي آھي، نه واچ مينھن ھوندا آھن. انھن جو ھجڻ به ڪڪر يا جھڙ سان آھي.
مطلب: ساھري گھر جو قرب، سس جي حياتيءَ تائين. زال سان محبت به تڏھن، جڏھن ان کي ڀيڻ ڀرائي ھٿ ونڊائي. رات جو مزو، چنڊ جي ھجڻ سان ۽ مينھن جي ھوند، ڪڪرن سان آھي.
۲. ھر شيءِ ڪنھن نه ڪنھن سببان سڃاپندي آھي.
۳. سبب ختم ٿيو، شيءِ جي اھميت به ختم.
زبردست سائين
ReplyDeleteمھرباني منھنجا سائين
ReplyDeleteسر. بهترين سمجهاڻي. اسان ته پهرين سٽ جي معني صفا ابتي پئي ڪڍي.
ReplyDelete