ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ. (اصطلاح/
ورجيس)
علي محمد لغاري ”کيسانوي“
ھونئن
ته اھو مٿيون فقرو، اردوءَ ٻوليءَ کان علاوھ سنڌي سنڌي زبان پڻ، اصطلاح/ ورجيس طور
ڪتب ايندو آھي.
محترم
سائين Hassan Umed Laghari پنھنجي فيسبڪ ٽائيم وال جي پوسٽ ۾ ”ڌجيون اڏائڻ“ لکيو آھي. پر اھو اصطلاحي/
ورجيسي درست نموني نه ٿو ڏئي. ڇو جو اھو ھڪڙو مصدري فقرو آھي ۽ اصطلاحي/ ورجيسي
ناھي. ان جو اصطلاحي/ ورجيسي روپ، جيڪو سنڌيءَ ۾ مستعمل آھي، سو آھي؛ ”ڌَڄِيون اڏائي
ڇڏڻ.“
مثال: ”پيءُ
جي وفات کان پوءِ مکڻ خان ملڪيت جون ڌَڄِيون اڏائي ڇڏيون آھن.“
ھن اصطلاح
جي جدا جدا لفظن جي لغوي معنيٰ جاچينداسين ته اسان کي ھن ريت ملندي.
*ڌَڄ، ڌَڄا: ث.
جنھن جي معنيٰ آھي ”جهنڊي، بيرق، ٻيڙيء جي خاص نشان يا اھڃاڻ واري جهنڊي يا بيرق.“
اڳي
سامونڊي سفر ۾ ناکئا، پنھنجي ٻيڙن ۾ خاص نشان يا سڃاڻپ واري وڏي جهنڊي يا بيرق ٻڌندا
ھئا. اھڙي بيرق يا جهنڊيءَ کي ناکئا ”ڌڄا“ (ڌَڄ: واحد مؤنث) سڏيندا ھئا ۽ ھوا ۾
بيرق جي جهولائڻ کي ”اڏارڻ، اڏائِڻ، تيز ڊوڙائڻ“ چوندا ھئا.
اڄ به
ھندو ڌرم وارا بانس جي وڏن ڇڙھن ۾ بيرق ٻڌي، اھڙي قسم جي بيرق پنھنجن مندرن تي چاڙھين
ٿا، جنھن کي ”ڌڄا اڏائڻ يا ڌڄا چاڙھڻ“ چون ٿا.
*اڏائڻ: م. ھن
لفظ جي معنيٰ آھي ”اڏارڻ، مٿي چاڙھڻ (لغڙ، جھاز)، لٽائڻ، برباد ڪرڻ، کپائڻ (ملڪيت)،
تيز ڊوڙائڻ، گم ڪرڻ، لڪائڻ. “
جيئن اڄ
ڪلھ فيس بڪ تي ڪنھن جي ڪوڙي آء ڊي کي ڪو فيس بڪ ڄاڻو ختم ڪري ڇڏي ٿو ته اصطلاح يا
محاوري ۾ چوي ٿو:
فلاڻي
جي آء ڊي ” اڏري وئي“/ اڏاري ڇڏيم“ وغيره.
جنھن
مان مراد آھي ختم ڪرڻ، نيست نابود ڪرڻ، گم ڪرڻ، لڪائڻ.“
ٻئي
پاسي ”ڌڄيون اڏائڻ، ڌڄيون اڏائي ڇڏڻ“ سنڌي ٻوليء جو ھڪ اصطلاح/ ورجيس آھي جيڪو خاص
مقصد ”بربادي يا نيست نابود ڪرڻ“ جي مطلب، مفھوم ۽ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي.
مثال: ”گامڻ
خان، پيء جي وفات کان پوء اجايا قرض کڻي فضول خرچ ڪري ملڪيت جون ڌَڄيون اڏائي ڇڏيون.“
مثال: ”وڏيري
مکڻ خان دولت ۽ لچن لوفرن جي زور تي تر ۾ راڄن جون چوريون ڪرائي پنھنجي وقار جون ڌَڄيون
اڏائي ڇڏيون.“
مطلب؛ ”ڌَڄيون اڏائڻ/ ڌَڄيون اڏارڻ“ سنڌي ورجيس/
اصطلاح آھي. جنھن جي معنيٰ آھي؛ ”نيست نابود ڪرڻ.“
علي محمد لغاري ”کيسانوي“ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ڇنڇر ۱۳ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
Post a Comment