ڪانءُ
هڪ چالاڪ ۽ چست پکي
مدهوش مير
دنيا جي تاريخ ۾ هڪ
اهڙو پکي، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جيڪو سنڌ جو مقامي پکي ته ناهي پر هن جي تاريخ ڏاڍي
دلچسپ آهي. ڪانءُ، جنهن کي شاعرن جي امام لطيف سرڪار سر پورب ۾ واکاڻيو آهي ۽ هڪ وڏي
ذميواريءَ جو ڪم، ڪانءُ کي ڏئي ٿو ته؛
ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛
آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيھو، وِچ مَ وِساريجِ؛
اَللهُ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجهو ڳالِهائيجِ؛
چُئان تِئَن چئيجِ، ته کِنياتا! خوشِ هُئين.
اي ڪانگ! پرينءَ کي
سلام ۽ نياز ڪري، کيس پيرين پئجانءِ! ۽ منهنجو پيغام جو ڏيانءِ، سو واٽ تي وساري نه
ڇڏجانءِ! ڌڻيءَ جي واسطي، ساڻس ڳجهه ڳوھ ۾ ڳالهائجانءِ! اي ڪانگا! جئن تو کي چوان،
تئن چئج، ته هميشه خوش هوندين. هيءَ لطيف جي اها خوبي آهي، جنهن ٻين شاعرن کان هٽي،
ڪانءَ کي ان صف ۾ ڳڻي پيش ڪيو آهي. پوري دنيا اندر ڪانون جا چاليھ قسم آهن ۽ ڪانون
جي گهڻائي ايشا جي ملڪن ۾ آهي.