نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا
۽ چوڻيون
پيش لفظ
رياضت ٻرڙو
زندگيءَ جي باري ۾؛
اُن جي مُلهائتي ۽ اڻ ملهائتي هجڻ جي ليکي چوکي ۾؛ اُن جي ڏکن ۽ سکن، اهنجن ۽
سهنجن کي نظر ۾ رکندي؛ ان جي آزمائشن ۽ آزمودن جي حساب سان؛ سياڻن ۽ اَياڻن جي
خيالن ۽ هَلتن کي پرکيندي؛ ننڍن ۽ وڏن سماجن توڙي مختلف گروهن ۽ ٽولن ۾ ڪيترن ئي
قسمن جا پهاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون، گفتا ۽ ٽوٽڪا، ڪهاڻيون ۽ قصا، حڪايتون
۽ حوالَ؛ جُڙندا ۽ اڳتي وڌندا آيا آهن. انهن مان ڪيترا ئي، ٿوري گهڻي فرق سان،
اکرن ۽ لفظن جي مَٽ سَٽ سان، بيان ۽ ڪلام جي گهٽ وڌائيءَ ۽ ڦير گهير سان، سيني
بَسيني، ٻوليءَ ۽ سماج جي ابتدا کان ئي انسان سان ڳنڍيل رهندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته
منجهن انسان لاءِ ئي واند جي وندر به رکيل آهي، ته ڏاهپ جا ڏس به سانڍيل آهن.