مرزي جي ٻڪرين ۾ ٽاھ
(ورجيس)
مٺل جسڪاڻي
”مرزي جي ٻڪرين
۾ ٽاھ“ ھڪ چوڻي (ورجيس) آھي، جيڪا مون ننڍپڻ ۾ وڏڙن ۽ وڏڙين واتان سرائيڪيءَ ۾ ٻُڌي.
شروع ۾ مون کي اھا چوڻي (ورجيس) سمجھ ۾ ڪو نه ايندي ھئي. پوءِ خبر پئي ته اھا تڏھن
چئي ڳالھ ڪبي ھئي، جڏھن ٿيندڙ ڳالھ جي ردعمل ۾ اختلاف ۽ اختلاف جي ردعمل ۾ ناراضگي
پلئه پئجي سگھڻ جا امڪان وڌيڪ ھوندا ھئا.
آئون به ڳالھ ڪندس،
ته؛
· پوندو ”مرزي جي ٻڪرين ۾ ٽاھ“،
· ٿيندو ”نوڙيءَ مان نانگ“،
پر ڳالھ نه ڪرڻ سان
به ڪم نه ھلندو، ان ڪري ڳالھ ڪبي. پوءِ؛
· ”ڪنھن کي وڻي نه وڻي“،
· ”ڪو مڃي نه مڃي“.
تعليمي ادارن ۾ گھڻن
ماسترن ۽ ٿورن استادن جي اڪثريت آھي. تعليمي صورتحال جي جائزي يا پنھنجي گھر جي
علم پرائيندڙن جي تعليم متعلق معلومات وٺڻ لاءِ، ڪنھن به تعليمي اداري ۾ وڃبو آھي،
ته اتي موجود ٿورا استاد تمام گھڻا خوش ٿيندا آھن، عزت ۽ مانَ سان پيش ايندا آھن، کيسي
خرچ مان خاطر توازع ڪندا آھن. پر اتي ئي موجود ماسترن جي اڪثريت جو، آيل کي ڏسي، نه
صرف منھن خراب ٿيندو آھي، پر جڏھن خبر پوندي اٿن، ته آيل تعليمي صورتحال، اتي پڙھندڙ
گھر ڀاتين جي تعليمي ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ لاءِ پھتو آھي، ته پوءِ ابل... جيڪو به اھڙي
ارادي سان ويندو آھي، ان خلاف ماستر اھڙو ماحول ٺاھيندا آھن، جو پوءِ ماسترن جي سڏ
تي وڃڻ کان به نٽائڻ تي مجبور ٿي پئبو آھي.
ان سچ ۽ ان حقيقت
تي، اعتبار نه ڪندڙ ڀلي اعتبار نه ڪن، اختلاف ڪندڙ ڀلي اختلاف ڪن، پر آزمودي خاطر ڪڏھن
پاڻ به ويجھي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي وڃي ڏسن، ته کين پاڻھي خبر پوندي؛
· ”گھڻي ويھين سئو آھي“،
· ”سج ڪٿان اڀري، ڪھڙي طرف لھندو آھي“،
۽
· ”ڪڪڙ ڪٿان مٽندي آھي!“...
No comments:
Post a Comment