ڪھاوتون ڇا ٿيون چون
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
· اٽي
جو ڏيئو، گھر رک ته کائنس ڪوئا، ٻاھر رک ته کائنس ڪانءَ!
· چڱو
ٿيو جو منھنجي مٽڪي ٽٽي، کير وڪڻڻ کان منھنجي جان ڇٽي.
· راڻيءَ
کي ڪير چوندو؛ آڳو ڍڪ.
اھي ڪھاوتون آھن. فارسي ڳالھائڻ جو شونق ھجي
ته پوءِ چئون؛ ضرب الامثال آھن. بس ھڪڙو ڪتاب اسان کي ھٿ لڳي ويو. ڪنھن ڀلي مانس
اردوءَ جون معروف ڪھاوتون سھيڙيون آھن. ھڪڙو ڪتاب اسان ڏي به ڏياري موڪليائين.
سھيڙيندڙ آھي، محمد خان. انھيءَ ڪتاب کي، ٻن حصن ۾ ورھايو اٿائين. ھڪڙي حصي اھو
ڪمال ڏيکاريو اٿائين ته اردوءَ جون جيتريون ڪھاوتون ڪٺي ڪيون اٿائين تن جون نعم
البدل ڪھاوتون انگريزي زبان مان کنيون اٿائين. نتيجي طور ھر ادرو ڪھاوت جي سامھون
ھڪ انگريزي چوڻي لکي ڇڏي اٿائين. ٻئي حصي ۾، جيڪو گھڻو مفصل آھي، صرف اردو ڪھاوتون
قلمبند ڪيون اٿائين. ڪتاب جو نالو رکيو اٿائين، جيڪو اڌ اردوءَ ۾ ۽ اڌ انگريزيءَ ۾
آھي؛